بلاگ

هڪڙي استاد لاءِ گهربل بنيادي مهارتون! يوسف جميل لغاري December 2021

علم تدريس جو سمورو مرحلو ٻن اهم عنصرن تي مشتمل آهي. جنهن جو پهريون عنصر شاگرد ۽ ٻيو عنصر اُستاد آهي. شاگردن جي موجودگي هوندي ته اُتي انهن کي پڙهائڻ، سمجهائڻ ۽ ٻُڌائڻ واري فرد کي پاڻ اُستاد چونداسين. جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي ڪو سکڻ، سمجهڻ يا پُڇڻ وارو نه هوندو ته اُتي پڙهائڻ، سمجهائڻ يا ٻُڌائڻ واري فرد کي پاڻ اُستاد ڪونه سڏينداسين. اهڙيءَ ريت جتي شاگرد ۽ اُستاد هوندا ته اُتي يقينن ڪجھ اصول، ضابطا توڙي قائده ۽ قانون به هوندا. جن جي مدد سان سکڻ ۽ سيکارڻ وارو مرحلو پنهنجي تڪميل تائين پهچندو آهي. آڳاٽي زماني ۾ علم تدريس جي مرحلي جو سمورو ڪم اُستاد جي ذمي هوندو هو، جنهن کي (Teacher Centered) چئبو آهي. اُن دور ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارو سمورو ڪم اُستاد کي ئي ڪرڻو پوندو هو. اسڪولن ۾ شاگردن کي گهرو ڪم ڏيڻ، اُنهن کان سبق ٻُڌڻ توڙي انهن کي لفظ به لفظ ڪو سبق پڙهائڻ يا انهن کي ڪا مشق ياد ڪرائڻ جي ذميواري به اُستاد جي ئي هوندي هئي، پر هاڻ جيئن ته دنيا جون مجموعي طور تي تقاضائون ۽ گهرجون تبديل ٿيون آهن ۽ هرهڪ شعبي توڙي ڪم ۾ جدت آئي آهي، تنهنڪري جن شين کي پهريان مرڪزي حيثيت حاصل هئي هاڻ اُنهن کي ثانوي حيثيت حاصل آهي. ايئن ئي هاڻ علم تدريس جي سموري مرحلي کي اُستاد کان ڦيرائي ڪري شاگرد جي ذمي ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي(Student Centered) چئبو آهي. هاڻ علم تدريس سان لاڳاپيل سڀ ڪم شاگرد کي ئي ڪرڻا آهن. تعليم جي هن نئين طريقي ۾ اُستاد جي حيثيت بطور راھ ڏسيندڙ آهن. جنهن کي پاڻ انگريزي ۾ مددگار/سهنجائي پيدا ڪرڻ وارو(Facilitator) چونداسين. تنهن هوندي به هڪ بهترين اُستاد هجڻ/ٿيڻ لاءِ ڪجھ معيار مقرر ڪيا ويا آهن. جيڪي خاص طور تي اُنهن ماڻهن کي خبر هجڻ گهرجن جيڪي اُستاد ٿيڻ جا خواهشمند آهن ۽ انهن کي ته ضرور خبر هجڻ گهرجن جيڪي اڳ ۾ ئي اُستاد آهن.

* پنهنجي لاڳاپيل مضمون تي مهارت هجڻ:

هر انسان ڪنهن نه ڪنهن مخصوص شعبي ۾ مهارت رکندڙ هوندو آهي. هڪ ئي وقت مختلف شعبن يا مضمونن تي مهارت رکڻ به ڪمال جي ڪاريگري آهي. هڪڙي اُستاد لاءِ اها ڳالھ انتهائي اهم آهي ته هو پنهنجي لاڳاپيل مضمون ۾ سُٺي نموني ڀَڙُ هجي. کيس پنهنجي مضمون متعلق هر جديد معلومات هجڻ گهرجي ته جيئن هو انهيءَ مضمون جي ڪنهن به عنوان کي پڙهائڻ مهل ڪابه ڏکيائي محسوس نه ڪري يا ڪنهن به قسم جي ذهني پريشاني کي منهن نه ڏئي. پنهنجي صلاحيتن کي درست رخ ۾ استعمال ڪرڻ سان ئي مهارت حاصل ڪري سگهجي ٿي. ڪنهن به هڪ مضمون تي مهارت حاصل ڪرڻ انتهائي سولو ڪم آهي. ماڻهو کڻي ڪيڏو به قابل يا هوشيار هجي، پر تڏهن به سندس شخصيت کي ڪنهن هڪ ۽ اهم پهلو سان ئي سڃاتو ويندو آهي. ايئن ئي اُستاد مجموعي طور تي سڀئي سبجيڪيٽ پڙهائي ته ويندو، پر تڏهن به اسان جڏهن ڪنهن استاد جو ذڪر ڪندا آهيون ته اُن استاد جي نسبت ڪنهن هڪ مضمون سان ڏيکاريندي سندس قابليت جو ذڪر ڪندا آهيون ۽ اڪثر اهو پڻ چوندا آهيون ته: ”ڦلاڻو اُستاد ڦلاڻي سبجيڪيٽ پڙهائڻ ۾ ماهر آهي.“ اهڙيءَ ريت ڪنهن به سُٺي اُستاد لاءِ هي مهارت پهرين ۽ بنيادي مهارت جي حيثيت رکي ٿي.

* انساني واڌ ويجهه ۽ ترقي جو علمبردار هجڻ:

انساني واڌ ويجھ ۽ ترقي جو دارومدار تعليم تي آهي. جيڪا قوم، ملڪ يا قبيلو تعليم جي ميدان ۾ ٻين قومن، قبيلن يا ملڪن کان اڳتي آهي. اُتان جا ماڻهو زندگيءَ جي هرهڪ شعبي ۾ ٻين کان اڳتي آهن. پاڻ دنيا جي سُڌريل ملڪن جهڙوڪ: آمريڪا، چين، جاپان، سنگاپور ۽ ٻين کوڙ سارن ملڪن جو جائزو وٺون ٿا ته اتان جا ماڻهو اسان جي ملڪ جي ماڻهن کان وڌيڪ سُڌريل، مهذب ۽ ترقي يافته آهن. جنهن جو اهم سبب تعليم آهي. تعليم ئي اهو واحد ماپو آهي جنهن سان اسان انساني واڌ ويجھ ۽ ترقي جو جائزو وٺي سگهون ٿا. هڪڙي استاد تي اها ذميواري پڻ عائد ٿئي ٿي ته اُهو شاگردن کي ان قابل بڻائي ته اُهي ترقي جي راھ تي هلڻ جهڙا ٿين. انساني فلاح ۽ بهبود لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻين. اُستاد بذات خود پاڻ جيترو روشن خيال ۽ انساني ترقي جو علمبردار هوندو اُن جا شاگرد انهيءَ تناسب سان وڌيڪ روشن خيال ۽ ڏاها ٿي نڪري علم حاصل ڪندا.

* مذهبي، سماجي ۽ اخلاقي قدرن جي ڄاڻ رکڻ:

دنيا اندر موجود هرهڪ سماج جا پنهنجا قدر هوندا آهن. ان سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جو پنهنجو هڪ الڳ عقيدو هوندو آهي ۽ اهو عقيدو ڪنهن نه ڪنهن مذهب سان وابستگي جو نتيجو آهي. اهڙي نموني هرهڪ سماج جا پنهنجا اخلاقي قدر به هوندا آهن، جن جي بنياد تي اُهي ٻين لاءِ رستا هموار ڪندا آهن. هڪڙي استاد لاءِ اها ڳالھ به انتهائي اهم آهي ته هو سڀني مذهبن جو احترام ڪندڙ هجي. پنهنجي عقيدي توڙي مذهب جو شاگردن اڳيان کليو اظهار نه ڪري ۽ نه ئي اُن تي هلڻ لاءِ ڪنهن به شاگرد تي زور ڀري، جن اخلاقي قدرن سان انساني سماج ۾ بهتري اچي ٿي اُنهن جي تلقين ڪري ۽ جن عملن سان سماجي قدر يا تعلقات خراب ٿين ٿا ۽ معاشري ۾ بگاڙ اچي ٿو، انهن کان نه صرف شاگردن کي روڪي، پر انهن کان آگاهي ڏيڻ به اُستاد جو ئي ڪم آهي. اُستاد جيترو روشن خيال، انسان دوست ۽ برداشت پسند هوندو سندس شاگرد اوترا ئي انسان دوست ثابت ٿيندا.

* انتظامي معاملا ۽ اداري جا طور طريقا:

ڪنهن به اداري کي هلائڻ جي ذميواري ان اداري جي سربراھ تي هوندي آهي. هڪ استاد پنهنجي ڪلاس جي انتظامي معاملن جو ذميوار هوندو آهي. ڪلاس جي انتظامي معاملن ۾ شاگردن کي ترتيب سان ويهارڻ، انهن کي پنهنجي ڪم ۾ مصروف رکڻ، انهن کان پڙهايل ڪم جو جائزو وٺڻ ۽ انهن جي سهولت لاءِ جيڪا شيءِ درڪار هجي انهيءَ جو انتظام ڪرڻ استاد جي ذميواري آهي.

* شاگردن جي ڪاميابي جو ڪاٿو لڳائڻ:

تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو ڪاٿو انهن جي پڙهائي کانپوءِ ورتل امتحان جي نتيجن مان لڳايو ويندو آهي ته آيا شاگرد علم حاصل ڪرڻ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويا آهن. انهيءَ مرحلي کي (Assessment) چئبو آهي. امتحان وٺڻ جي هن مرحلي کانپوءِ اهو نتيجو ڪڍيو ويندو آهي ته ڪوبه فرد پنهنجي لاڳاپيل مضمون/شعبي ۾ ڪيتري قدر مهارت حاصل ڪري چڪو آهي. اُنهن نتيجن جي آڌار تي سندس مستقبل جو فيصلو ٿيندو آهي. بطور اُستاد آئون انهيءَ ڳالھ جو قائل آهيان ته شاگردن جي صلاحيتن جو اندازو اسان سندن علمي ڪارڪردگي سان گڏ سندن شخصي ورتاءُ مان به لڳائي سگهون ٿا. ڪنهن به شيءِ جي متعلق مڪمل ڪاٿو تيستائين نٿو لڳائي سگهجي جيستائين اُنهي شيءِ جا سڀئي پهلو نه جاچيا وڃن. ايئن ئي جيڪڏهن ڪو شاگرد صرف پڙهائي ۾ هوشيار آهي ۽ سندس ورتاءُ ڪلاس اندر ٻين شاگردن سان سُٺو نه آهي ته اسان ان شاگرد کي سُٺي شاگرد جو لقب نٿا ڏيئي سگهون. ڇو ته پڙهڻ سان گڏ ڪڙهڻ جو عمل به اهم آهي.

* سکيا لاءِ مناسب ماحول:

اسڪول يا ڪوبه تعليمي ادارو هڪ اهڙي جڳھ هوندو آهي. جتي سکيا جو مناسب ماحول جوڙي سگهجي ٿو. اهو ته هڪ طئي ٿيل اصول آهي ته جيڪڏهن اسان کي هاري ٿيڻو آهي ته اسان کي پنهنجو گهڻو وقت زمينن ۾ گذارڻو پوندو ۽ ٻني ٻاري جي سارسنڀال لهڻ لاءِ سمورا مرحلا سکڻا پوندا. اهڙي طريقي سان جيڪڏهن اسان ڪو هنر سکڻ چاهيندا آهيون ته اسان کي ان هنر سان لاڳاپيل فرد جي ماحول موافق پاڻ کي تيار ڪرڻو هوندو آهي. ايئن ئي جنهن وقت استاد علم تدريس توڙي سکڻ ۽ سيکارڻ واري ماحول کي ٺاهڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٿو ته پوءِ ان کي گهربل نتيجا به ملن ٿا. جيڪڏهن ڪلاس روم ۾ شاگردن جي ويهڻ لاءِ ڪرسيون، بورڊ ۽ ٻيو مددي سامان نه هوندو ته يقينن اهڙي ويڳاڻائپ واري ماحول ۾ ڪوبه شاگرد ڪجھ به پرائي نه سگهندو. استاد کي سکيا لاءِ مناسب ماحول ٺاهڻ ۾ پنهنجو ڪردار بهترين نموني سان نڀائڻو آهي ته جيئن شاگرد اتان فيضياب ٿي سگهن ۽ علم سان پنهنجي اُڃ اجهائي سگهن.

* لفظن جي چونڊ ڪرڻ ۾ مهارت رکڻ:

لفظ پنهنجي اندر وسيع معنيٰ رکندا آهن ۽ لفظن جي مناسب جوڙجڪ ۽ استعمال ٻين تي سُٺو اثر ڇڏيندو آهي. آڳاٽي دور ۾ ايئن هوندو هو ته اُستاد اڪثر طور تي شاگرد سان مخاطب ٿيڻ مهل لفظ ”ڇورا“ جو استعمال ڪندا هئا، جيڪو لفظ نفسياتي طور تي شاگردن تي منفي اثر وجهڻ سان گڏ انهن کي احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪندو هو ۽ شاگردن کي اهو گمان ٿيندو هو ته شايد استاد وٽ اسان جي ڪابه عزت نه آهي. تڏهن ئي ته استاد اسان جي لفظن سان ايئن تذليل ڪري ٿو. شاگرد سان مخاطب ٿيڻ مهل ان کي: ”ابا، پُٽ“ چوڻ نه صرف سُٺو تاثر ڇڏيندو، پر ان سان گڏوگڏ پنهنجائپ جي هڪ فضا قائم ٿيندي ۽ شاگرد پنهنجي عزت نفس ۾ ڪا ڪمي محسوس نه ڪندو ۽ استاد کان ڪجھ پُڇڻ ۾ ڪيٻائيندو به ڪونه. هڪ سُٺي، ڪامياب ۽ تجربيڪار استاد کي لفظن جي چونڊ ڪرڻ ۾ مهارت حاصل هجڻ گهرجي.

* گڏ ڪم ڪرڻ جي ترڪيب ٺاهي ڏيڻ:

اڪثر ايئن به ٿيندو آهي ته ڪو مضمون يا عنوان طويل هجڻ سبب هڪ ڪلاس ۾ پورو نه ٿي سگهندو آهي، پوءِ اُن کي مقرر وقت ۾ پورو ڪرڻ لاءِ اُستاد شاگردن جا مختلف گروپ ٺاهيندو آهي ۽ انهن گروپن کي ڌار ڌار ڪري لاڳاپيل مضمون جا حصا مڪمل ڪرڻ لاءِ چوندو آهي. اهڙي ترڪيب به علم ۽ تدريس جا حصا آهن. اهڙين ترڪيبن ٺاهڻ ۽ انهن کان ڪم وٺڻ به استاد جو ئي ڪم آهي. جيڪڏهن استاد شاگردن جا گروھ ٺاهڻ ۾ ناڪام ويندو ته ان جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهندو ۽ علم ۽ تدريس جو مرحلو تڪميل تائين پهچي نه سگهندو. اهڙي نموني سان جيڪڏهن ڪو سائنس جو سبق آهي يا ڪا اهڙي مشق آهي جيڪا گڏ ڪم ڪرڻ واري ترڪيب جي گهرجائو آهي ته ان مشق کي شاگردن جا گروھ ٺاهڻ سان ئي مڪمل ڪري سگهجي ٿو.

مٿي ٻُڌايل مهارتون، اُهي بنيادي مهارتون آهن جن جي مدد سان ڪوبه استاد علم تدريس واري مرحلي کي پراثر نموني سان مڪمل ڪري سگهي ٿو.