”هڪ سرواڻ جو ٻالڪپڻ“ ناوليٽ- قسط-7 ترجمو: منور سراج August 2021

جنهن مسٽر فليوريئر ليوسين کي تفصيل سان ڪارخاني جي مامرن بابت ٻڌايو، کيس ڪارخاني جي مرڪزي عمارت وٽان چڪر هڻايائين. ليوسين چاهه مان ملازمن ڏي ڏٺو. ”جي آئون مري وڃان ته“ مسٽر فليوريئر چيو ”توکي هڪ گهڙي به ضايع ڪرڻ بنا ڪارخاني جون واڳون وٺڻيون پونديون.“

جنهن تي ليوسين کيس پيار سان ٿورو ڇنبيندي چيو ”ايئن ته ناهي چئبو منهنجا پوڙها بابا“

پر هو ڪجهه ڏينهن کان سنجيدگيءَ سان انهن ذميوارين بابت سوچي رهيو هو جيڪي دير مدار مٿس پوڻيون هيون. هن ڪافي دير ”هڪ باس“ جي خدمتن ۽ ذميوارين بابت ڳالهايو. مسٽر فليوريئر کيس ٻڌايو ته ڪنهن اداري جو مالڪ هجڻ جو مطلب رڳو ”حق“ نه پر ”خدمت“ هوندو آهي.

”هو پنهنجي محنت سان اسان کي ڇا آڇي رهيا آهن.“ هن چيو ”توڻي جو مالڪ ۽ نوڪر جا مفاد هڪٻئي جي اُلٽ هوندا آهن، منهنجو ئي مثال وٺ. مان هڪ ننڍو باس آهيان هو مون کي ڇا سڏيندا آهن؟:- ننڍڙو جوان! اڇا مان لڳ ڀڳ هڪ سئو ملازمن ۽ انهن جي گهر پريوار لاءِ روزيءَ جو سبب ٿو بڻجان. جيڪڏهن مان صحيح طرح ڪم ڪندس ته فائدو حاصل ڪرڻ جا پهريان حقدار اهي ئي هوندا، پر جي مان پلانٽ بند ڪري ڇڏيان ته اهي سڀ فاقا ڪشي جي ور چڙهي ويندا، پر مون کي حق ناهي، هن زور ڏيندي چيو ”نه مان ايئن ڪريان ۽ اهو ڪجهه ڀي آهي جنهن کي مان طبقن جي ٻڌي چوندو آهيان.“

ٽي هفتا سڀ ڪجهه ڏاڍو ٺيڪ رهيو، هن برجري جي باري ۾ بنهه نه برابر سوچيو هن کيس معاف ڪري ڇڏيو هو:- هن بس اهو ئي چاهيو ته زندگيءَ ۾ هو ڪڏهن به کيس نظر نه اچي ته ڏاڍو چڱو.

هن جنهن مهل به شرٽ بدلائي ته درسنيءَ جي سامهون بيهي حيرت مان پاڻ کي ڏسڻ ٿي لڳو..

”هڪ مرد هن بدن جي تمنا ڪئي هئي.“ هن سوچيو ۽ آهستي آهستي پنهنجو هٿ ڄنگهن تي ڦيرائيندي وڌيڪ سوچڻ لڳو. ”هڪڙو همراهه هنن ڄنگهن تي اڪن ڇڪن ٿي پيو هو.“ کيس پنهنجي پُٺي ڇهندي ان ڳالهه تي افسوس پئي ٿيو جو هو ڪو ٻيو شخص بڻجي پنهنجي جسم جي ريشمي ڇهاءُ مان مزو ماڻڻ کان قاصر هو.“

ڪنهن مهل وري کيس پنهنجا Complexes ٿي ياد آيا.

اهي مونجهارا پڪا پخته ۽ ڳرا هئا، جن جي ڳنڀيرتا ۽ ڳئوراڻ متوازن رکندي پئي آئي هاڻي سڀ ختم ٿي چڪو هو، ليوسين انهن کي ڪڏهن به ڪونه قبوليو هو. هن خطرناڪ حد تائين پنهنجي پاڻ کي ڪمزور ۽ لوڏي وهيڻو محسوس ڪيو جيتوڻيڪ صورتحال ڪا گهڻي اڻ وڻندڙ نه هئي. بلڪه ان جي بدران اها ڪنهن حد تائين ٿورڙي سهپ جوڳي بي اطمينانيءَ جو ذريعو هئي. ڪنهن حد تائين پريشان ڪندڙ پڻ، جيڪا جيڪڏهن ضروري هجي ته ماڻهوءَ کي ”آئون ڪجهه به نه آهيان“ ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي. هن سوچيو ”پر اهو سڀ ان ڪري آهي جو هنن مان ڪير به مون کي ”غليظ“ نه ڪري سگهيو آهي.“ بارلياڪ ۾ گندگي ڀرجي وئي هئي ۽ نيٺ هو پڪڙجي پيو هو. مون ۾ ڪنهن حد تائين ڪجهه بي يقيني پيدا ٿي پئي آهي، پر اها بي يقيني پاڪيزگي جي قيمت آهي.

پسار ڪندي هو هڪ پٿر تي ويهي رهيو ۽ سوچڻ لڳو ”مان ست سال ستو پيو هئس ۽ پوءِ هڪ ڀلي ڏينهن پنهنجي خول مان ٻاهر نڪري آيس.“

هن پاڻ ۾ اتساهه محسوس ڪيو ۽ پنهنجي چوڦير پکڙيل ٻهراڙيءَ جي دلڪش منظرن ڏانهن پيار ڀرئي نظرن سان ڏٺائين.

”آئون عمل لاءِ پيدا ڪيو ويو آهيان“ هن سوچيو، پر ٻئي پل اوچتو سندس سوچ جي چمڪ جهيڻي پئجي وئي، هو چپن ۾ ڀڻڪيو. انهن کي ڪجهه دير انتظار ڪرڻ ڏي، کين پاڻهين خبر پئجي ويندي ته مان ڪيڏو نه اهم ۽ انمول آهيان.“ هن زور ڏيئي ڳالهايو، پر لفظ سندس چپن تي خالي کلن وانگر ويڙهجي ڦاسي بيهي رهيا.

”مون سان مسئلو ڪهڙو آهي؟“ هن پنهنجي اجائي آتر ويلا کي ڄاڻڻ نٿي چاهيو:- انهيءَ اڳ ئي کيس گهڻو گهايو هو.

هن سوچيو:- ”اها ئي خاموشي آهي… هيءَ ڌرتي…“ ڪوبه زنده وجود ڌوڙ ۾ پنهنجو ڪارو هيڊو پيٽ گهليندڙ ٽنڊڻن کي ڪونه بچائيندو. ليوسين کي انهن ڪيڙن ماڪوڙن کان ڏاڍي نفرت هئي. ڇو جو اهي سدائين سست يا اڌ مئا ڀاسندا آهن. رستي جي ٻئي پاسي، زمين جي اڊڙيل ناسي، ڀڳل ٽٽل، ڏرڙ جهڙي پٽي نديءَ سان گڏوگڏ ڊوڙندي پئي وئي.

ليوسين کي ڪنهن به نه ڏٺو.

کيس ڪنهن به نه ٻڌو.

هن جي پيرن ۾ ڄڻ اسپرنگ لڳل هئا. ايئن پئي ڀاسيس ته سندس اوچي اڏار کي ڪوبه روڪ ٽوڪ ڪرڻ وارو ناهي. ڪشش ثقل به سندس پيرن ۾ ڏانوڻ ڏائڻ کان قاصر هئي! هاڻي هو ڀوري رنگ جي ڪڪرن جي پردن جي وچ ۾ بيٺو:- اهو ايئن هو ڄڻ سندس وجود ڪنهن وڏي ويڪري خال ۾ هو ”هيءَ خاموشي…“

هن سوچيو، اهو خاموشيءَ کان به وڌيڪ ڪجهه هو، اهو خاليپڻو هو. اهو ”ڪجهه به نه“ هو. ٻهراڙي ليوسين لاءِ غير معمولي طور نرم نفيس، پر سڪون ۽ شانت هئي، غير انساني:- ايئن ٿي لڳو ڄڻ ان پاڻ کي بنهه پتڪڙو بڻائي ڇڏيو هو ۽ ليوسين جي خيال ۾ خلل پوڻ جي ڊپ ۾ پنهنجو ساهه روڪي ڇڏيو هئائين.

ڪنهن خال ۾ ٻرندڙ شعلي جيان آواز سندس چپن تي مري ويو.

ليوسين اڪيلو هو.

بنا ڪنهن پاڇولي ۽ بغير ڪنهن پڙاڏي جي،

پنهنجي تمام سجاڳ فطرت جي وچ ۾ جنهن جي ڪا معنيٰ نه هئي.

هن پنهنجو پاڻ کي ڌونڌاڙي پنهنجي سوچ جا وکريل ڌاڳا سهيڙڻ چاهيا.

”آئون عمل لاءِ پيدا ٿيو آهيان، پهرين ڳالهه ته مان پوئتي موٽ کائي سگهان ٿو:- مون کان کوڙ ساريون بيوقوفيون سر زد ٿي سگهن ٿيون، پر اهي حد کان نٿيون وڌي سگهن ڇو ته مان هميشه پوئتي اڏام ڀري سگهندو آهيان.“ هن سوچيو ”منهنجو ڪردار صحتمند آهي“، پر بيزاريءَ جي احساس هيٺ منهن ۾ گهنڊ وجهي خاموش ٿي ويو:-

اڇي رستي تان گذرندي مرندڙ جيتن کي ڏسندي ”ڪردار جي صحت“ بابت ڳالهائڻ بنهه واحيات عمل آهي. ڪاوڙ ۾ ڪڙهندي ليوسين هڪ ٽنڊڻ تي جُتي جي کُڙي رکي ڇڏي. جُتي هيٺان کيس رٻڙ جو ننڍڙو گولڙو محسوس ٿيو.

پير مٿي کنيائين ته ڏٺائين ٽنڊڻ اڃان به جيئرو هو. ليوسين مٿي ٿڪ اڇلائي.

”آئون مت مان نڪتل آهيان… مان مونجهاري ۾ ورتل آهيان… بلڪل گذريل سال واري حالت ۾“ هن ونڪلئمن بابت سوچيو، جنهن هڪ ڀيري کيس ”هڪ رانجهو لکان دا مٽ“ سڏيو هو. مسٽر فليوريئر بابت به جنهن ساڻس ايئن ورتاءُ ڪيو هو ڄڻ هو ڪو وڏو مرد ماڻهو هجي.

مادام بيسي بابت به جنهن کيس چيو هو ته ”اڇا هيءُ اهو ئي ٽاٻر ڇوڪرو آهي جنهن کي آئون ”منهنجي ننڍڙي گڏي“ ڪوٺيندي هئس، الا! هاڻ ته آئون کيس ايئن چوڻ جي همت ئي نٿي ساريان، هاڻي ته آئون هن کان ڊڄان پئي“، پر اهي سڀ ڏاڍو پري هئا، تمام گهڻو پري ۽ ايئن ٿي لڳو ڄڻ حقيقي ليوسين ڪٿي وڃائجي ويو آهي.

هاڻي ان جي جاءِ تي رڳو هڪڙو ڦڦڙ جهڙو اڇو ۽ بنهه منڌل رت- پئنورو لوٿڙو آهي.

”مان ڇا آهيان؟“

ڪوهن جا ڪوهه زمين، سڌي سنواٽي، اڊڙيل ڦنڊيل، ٺوٺ، غير آباد، صفا بنجر، بي بوءِ ۽ پوءِ ڪنهن پل انهيءَ ڀوري ناسي تهه منجهان هڪ بانس جي لڪڙي، هڪ جيتامڙي جيءَ جو جنم وٺڻ، اهڙو ۽ ايڏو غير متوقع جو رڳو ان جو پاڇو به نه هو.

”مان ڇا آهيان؟“

اهو سوال هو جيڪو گذريل ناتال جي موڪلن کان وٺي جيئن جو تيئن ۽ اتي جو اتي موجود هو، تبديل نه ٿيو هو، اهو ايئن هو ڄڻ ان سوال انهيءَ جاءِ تي ليوسين جو اوسيئڙو پئي ڪيو جنهن جاءِ تي ليوسين انهيءَ کي ڇڏيو هو يا اهو سوال نه هو، پر هڪ ڪيفيت هئي. ليوسين پنهنجا ڪلها لوڏيا. ”لڳي ٿو مان ڪجهه وڌيڪ ئي اصول پرست ٿي پيو آهيان“ هن سوچيو ”مان ڪجهه وڌيڪ ئي پنهنجو تجزيو ڪرڻ لڳو آهيان“ ان کانپوءِ وارن ڏينهن دوران هن پاڻ کي اجائي اوک ڊوک کان روڪي ڇڏيو. هن پاڻ کي پنهنجي آسپاس موجود شين سان رل مل ڪرڻ ٿي چاهيو. هن وڏي وقت تائين هن پنهنجي ڳوٺن، چلن، وڻن، ٽڻن ۽ دڪانن جي مهاڙين جو مشاهدو ڪيو. هن پنهنجي ماءُ جي ان مهل ڏاڍي چاپلوسي ڪئي جنهن مهل کانئس پڇيائين ته ڇا هوءَ ڊنر تي پنهنجي روايتي سروس يعني چانديءَ جي ڊنرسيٽ ۾ کاڌو پيتو پيش ڪرڻ واري سروس ڪرڻ پسند ڪندي. هن سوچيو هو چانديءَ ڏانهن ڏسي رهيو آهي ۽ ان نهار جي پٺيان ننڍڙو جيئرو جاڳندو ڪوهيڙو پئي ڌڙڪيو. ليوسين پاڻ کي خوامخواهه مسٽر فليوريئر سان گفتگو ۾ تحليل ڪري ڇڏيو. اها گهڻي ساري، سخت ڌنڌ جنهن جي اڻ چٽي غير مستقل مزاجي روشنيءَ سان ڪوڙي مشابهت انهيءَ توجهه جي پٺيان ترڪي وئي جيڪا توجهه هن پنهنجي پيءُ جي لفظن کي ڏني:-

اهو ڪوهيڙو پنهنجو پاڻ هو، وقت بوقت تڪليف سهندڙ، ليوسين ٻڌڻ بند ڪيو، ڪنڌ پرتي ڦيرايائين، ڪوهيڙو پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ان جي منهن ۾ نهاريائين:- کيس رڳو خاليپڻو مليو: ڪوهيڙو اڃان تائين پٺيان موجود هو.

جرمائن، مادام فليوريئر جي اڳيان اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪي:- سندس ڀاءُ کي ڦڦڙن جي سلهه ٿي پئي هئي.

”او منهنجي ويچارڙي جرمائن!“ مادام فليوريئر چيو ”۽ تون ته سدائين چوندي هئين ته منهنجي ڀاءُ جا لوهي لڱ آهن“ هن کيس مهيني جي موڪل ڏني ۽ سندس جاءِ تي ڪارخاني جي هڪڙي ٻئي مزدور جي سترهن سالن جي ڌيءَ برٿي موزيل کي پاڻ وٽ ڪم تي رکيائين، برٿي قد جي ننڍي هئي ۽ سونهري وارن جون سڳيون هر وقت منهن تي پئي پيس. هلڻ مهل ٿورو منڊڪايائين ٿي. جڏهن کان اها ڪينڪارنيو مان هتي پهتي هئي تڌهن کان مادام فليوريئر کيس سمجهائڻ پئي هئي ته کيس مٿي تي وڏو ٽوپلو پائڻ گهرجي.

”اهو توکي ڏاڍو ٺهندو“

پهرين ڏينهن کان وٺي جنهن مهل به هن جي ليوسين سان ملاقات ٿئي ٿي ان مهل سندس وشال نيرين اکين ۾ ڪنهن گهري پنهنجائپ جا اولڙا اڀرڻ ٿي لڳا ۽ ليوسين کي ايئن ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ هوءَ سندس پوڄا ڪرڻ لڳي آهي.

هن هميشه ساڻس پنهنجائپ مان ڳالهايو ۽ اڪثر کانئس پڇڻ لڳو ته ”توکي اسان وٽ اچڻ سٺو لڳو؟“ ايندي ويندي گهمندي ڦرندي هو مٿس پنهنجون نهارون نڇاور ڪرڻ لڳو ته ڏسجي ته اهي نهارون ڪهڙو ٿيون اثر ڏيکارين!

پر هوءَ کيس اڃان به گهڻي گهرائيءَ ۾ ڇُهڻ لڳي.

۽ هو انهيءَ پيار مان ڪو بي بها سڪون ماڻڻ لڳو. هو اڪثر ڪنهن جذبي جي اجهل اُڇل وچان سوچڻ لڳو ته برٿي ضرور سندس باري ۾ ڪو خاڪو ڪو تصور جوڙيو هوندو.

”هڪ بنهه سادي حقيقت هيءَ آهي ته مان ڪارخاني جي انهن نوجوان ملازمن جهڙو ورلي ڪو لڳندو هوندس جن سان هوءَ آزاديءَ سان اٿندي ويهندي آهي.“

هڪ ڏينهن هن ونڪلئمن سان نويڪلائيءَ ۾ دل جي ڳالهه ڪئي جنهن جو پڻ خيال هو ته هوءَ ڏاڍي سهڻي ۽ صحتمند آهي.

”تون وڏو خوش قسمت ٻلونگڙو آهين“ هن ڳالهه اڪلائيندي چيو، ”تنهنجي جاءِ تي جي مان هجان ها ته گهٽ نه ڪيانس ها“

پر ليوسين کي ڪجهه هٻڪ ٿي رهي هئي:- هن ۾ پگهر جي بوءِ هواڙ هئي ۽ ڪڇ وٽان بلائوز به اڊڙيل هئس.

سيپٽمبر جي هڪ برساتي صبح جو مسٽر فليوريئر پئرس گهمڻ ويو ۽ ليوسين پوئتي پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو، هنڌ ۾ ليٽي اوٻاسيون ڏيندو رهيو. هو ڪنهن ڪڪڙ وانگر اڏامندڙ ۽ شاندار پئي لڳو. سدائين ساڳيو، سدائين ڪا ٻي شيءِ! پاڻ کي هوائن ۾ تحليل ڪندڙ.

”مان حيران ان ڳالهه تي آهيان ته مان آهيان ڇو؟“

هو اتي موجود هو، هن کاڌو پيتو هضم ڪيو، اوٻاسيون ڏنائين، دريءَ جي تاڪن تي وسندڙ مينهن ڪڻين جو آواز ٻڌائين… سندس کوپڙيءَ ۾ اڇو سفيد ڪوهيڙو پاڻ کي اکيلي رهيو هو ۽ پوءِ؟

سندس وجود هڪ بدنامي هو ۽ اهي ذميواريون جيڪي بعد ۾ کيس کڻڻيون هيون اهي سندس وجود جي ثابتيءَ لاءِ مشڪل سان ڪافي هونديون.

”مون ته بهرحال جنم پائڻ لاءِ ڪنهن کي ڪونه چيو هو“ هن چيو ۽ پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪيائين.

پنهنجي ٻالڪپڻ واريون غلطيون ياد آيس.

هن جي ڊگهي خاموشي ۽ اهي ڳڻتيون وٽس هڪ نئين نڪور روشنيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيون:- بنيادي طرح زندگيءَ سان سندس ڏک ڏوراپا اڃان ختم نه ٿيا هئا. انهيءَ جو هيڏو سارو غير ضروري تحفو جنهن کي هو پنهنجي ڪلهن تي ڍوئي رهيو هو.

ان ڄاڻ جي ته انهيءَ کي ڇا ڪجي ۽ ان کي ڪٿي ڦٽي ڪجي!

”مون پنهنجو سمورو وقت پنهنجي ڄمڻ جي افسوس ۾ هٿ مليندي گذاريو آهي“

پر هو پنهنجي سوچن کي اڳتي ڌڪڻ کان ڏاڍو ڊنل هو. هو اٿي کڙو ٿيو، هڪڙو سگريٽ دکائي رڌڻي ۾ ويو ۽ برٿيءَ کي چانهن ٺاهڻ جو چيائين، هن ليوسين کي اندر ايندي ڪونه ڏٺو.

هن سندس ڪلهي کي ٿورو ڇُهيو ته هوءَ وحشت مان ڏانهنس گهورڻ لڳي.

”توکان ڇرڪ ڀرائي ڇڏيم ڇا“ هن چيو، هن ڊنل اکين سان ڏانهنس ڏسندي پنهنجا ٻئي هٿ ميز تي رکيا ته سندس اُرهه لڏي ويا.

هڪ پل کانپوءِ هوءَ مرڪڻ لڳي ۽ مرڪندي چيائين ”واقعي مان ڇرڪي ويس مون کي اندازو نه هو ته اندر ڪو هوندو“ ليوسين هڪ پياري مرڪ سان سندس مرڪ جو جواب ڏنو ۽ چيائين، ”اڄ جي تون مون لاءِ چانهن ٺاهين ته اصل واهه واهه ٿي وڃي“

”ها بلڪل جناب ليوسين“ ڇوڪريءَ وراڻيو ۽ وڃي چلهه تي بيٺي.

کيس ليوسين جي موجودگي ڪنهن حد تائين ڏکي لڳي رهي هئي.

ليوسين دروازي وٽ هٻڪيو بيٺو رهيو.

”اڇا ڀلا ٻڌ ته“ هن چيو ”توکي اسان وٽ رهڻ سٺو ٿو لڳي؟“

برٿي ڏانهنس پنهنجي پٺ ورائيندي ديگڙيءَ ۾ پاڻي ناتو سندس آواز پاڻيءَ جي آواز ۾ ڍڪجي ويو.

ليوسين هڪ پل انتظار ڪيو ۽ جڏهن هوءَ ديگڙي چلهه تي چاڙهي گئس ٻاري چڪي ته ڳالهه جو سلسلو وري ڳنڍيائين ”تو ڪڏهن سگريٽ ڇڪيو آهي“

”ڪڏهن ڪڏهن“ ڇوڪريءَ هٻڪندي وراڻيو. هن پنهنجو سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍيو ۽  نينگريءَ ڏي وڌايائين البته هو ڪو گهڻو خوش نه هو:- هن محسوس ڪيو ته هو ڪجهه ٺيڪ نه پيو ڪري! هن کي سگريٽ نه پيارڻ گهرجي ها.

”تون مون کي…. سگريٽ پيارڻ چاهين ٿو؟“

هن حيرت مان پڇيو.

”ڇو نه“

”مادام مون کي ڇڙٻون ڏيندي“

ليوسين جي چهري تي شڪايت گاڏڙ ڏکارو تاثر هو، هن کلندي چيس ”پاڻ اها ڳالهه کيس ٿورئي ٻڌائينداسين“ برٿي لڄي ٿي وئي. آڱرين جي چوٽين سان پاڪيٽ مان هڪڙو سگريٽ ڪڍي چپن ۾ ڦاسايائين.

”ڇا مان کيس سگريٽ دکائي ڏيڻ جي آڇ ڪريان؟ يا اهو سهي ناهي“ هن سوچيو ۽ کيس چيائين ”سگريٽ ڪونه ٿي دکائين ڇا؟“

هن کيس ڪا موٽ نه ڏني بيعزتيءَ جي احساس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.

هوءَ ساڳي جاءِ تي ساڪت بيٺل، نرم نفيس گلابي ٻانهون، سگريٽ جي چئني پاسي ڀيڪوڙيل چپ ايئن ڄڻ چپن ۾ ٿرما ميٽر ڦاٿل هجيس.

پوءِ نيٺ هن رڌڻي واري ننڍڙي صندوق مان ماچس کنيو ۽ تيلي ٻاري سگريٽ دکائي اڌ کليل اکڙين سان ٻه ٽي ڪش هڻي چيائين ”واهه ڏاڍو مزيدار آهي.“ ان کانپوءِ تڙ تڪڙ ۾ چپن مان سگريٽ ڪڍي ڄٽاڻي انداز ۾ آڱرين سان هٿ ئي هٿ ۾ مروڙي ڦٽي ڪيائين.

”ڄائي ڄم کان ڪا موالڻ آهي“ ليوسين سوچيو.

جنهن مهل هن برٿيءَ کان پڇيو ته آيا کيس پنهنجو نج فرانسيسي هجڻ وڻي ٿو ته هوءَ صفا پگهرجي وئي. پوءِ هوءَ کيس تفصيل سان بريٽون جي مختلف قسمن وارن ٽوپلن بابت ٻڌائڻ لڳي، ويندي کيس لاهجي ڳوٺ ريسپورڊن جو هڪ لوڪ گيت به پنهنجي رسيلي ۽ وڻندڙ نفيس آواز ۾ جهونگاري ٻڌايائين:- اصل ۾ ليوسين نه رڳو کيس تنگ ڪرڻ جي ارادي سان پڇيو هو، پر هوءَ سندس ارادو سمجهي نه سگهي هئي.

هوءَ ڏانهنس ڊپ مان ڏسڻ لڳي، اهڙن لمحن دوران هوءَ ڪنهن نازڪ سهي وانگر ڏسجندي هئي. هو هڪ ميز تي ويٺو هو:-

”هيٺ سولي ٿي ويهه“ هن کيس چيو،

”اوهه! نه نه محترم ليوسين! جناب ليوسين جي آڏو بلڪل نه…!!“

ليوسين کيس ٻانهن کان ڇڪي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو ”او… هيئن“

هن جوش، خوشي ۽ ڀوڳ واري لڄاري لهجي ۾ ”اوهان جي سٿرن تي“ چوندي پنهنجو پاڻ ڇڏي ڏنو.

۽ ليوسين ڪنهن تڪليف جهڙي احساس هيٺ سوچيو ”شايد مان ڪجهه وڌيڪ ئي ڳچيءَ ۾ پيو پوانس… مون کي ايترو گهڻو نه وڌڻ گهرجي“

هو خاموش هو.

هوءَ سندس سٿرن تي ويٺل… گرم… سانت… نرم… پر ليوسين سندس ڇاتيءَ ۾ دل ڌڙڪندي محسوس ڪئي.

”هيءَ ڇوري منهنجي آهي“ ليوسين سوچيو ”مان ڪجهه به چاهيان سو ساڻس ڪري سگهان ٿو“

هن کيس اٿڻ نه ڏنو ۽ چانهن جو ڪوپ کڻي پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيو. برٿيءَ کيس روڪڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي.

چانهن پيئڻ کانپوءِ ليوسين پنهنجي ماءُ واري سُرهي صابڻ سان هٿ ڌوتا. ڇو ته سندس هٿن ۾ بغلن جي بوءِ هئي.

”مان ساڻس سمهڻ ٿو چاهيان ڇا…؟؟“

ايندڙ ڏهاڙن ۾ هو انهيءَ سوال واري مسئلي ۾ الجهيل رهيو:-

برٿي هر گهڙي گلر جهڙين اداس وڏين اکين سان ڏانهنس ڏسندي پنهنجو پاڻ سندس راهه ۾ وڇائيندي رهي.

اخلاقيات فتح حاصل ڪئي:-

ليوسين کي احساس ٿيو ته هن برٿيءَ کي پيٽ سان ڪرڻ جو جوکم پئي کنيو. ڇو جو کيس انهيءَ حوالي کان ڪوبه تجربو نه هو (جڏهن ته فيرولز مان ڄم روڪ واريون دوائون وٺڻ ته ممڪن ئي نه هو جو اتي کيس سڀني سڃاتو ٿي) ۽ ايئن ڪرڻ معنيٰ مسٽر فليوريئر کي وڏي ڳڻتيءَ ڳاراڻي ۾ مبتلا ڪرڻ.

هن پنهنجو پاڻ کي ٻڌايو ته ايئن ٿيڻ سان بعد ۾ جيڪڏهن ڪنهن به ملازم جي گهر ۾ خبر پهچي ها ته مان برٿيءَ سان ستو آهيان ته ڪارخاني ۾ منهنجي عزت ۽ منهنجو اختيار گهٽجي وڃي ها!

”مون کي کيس هٿ لاهڻ جو حق ناهي“ سيپٽمبر جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هو برٿيءَ سان ڪٿي به اڪيلائيءَ ۾ ملڻ کان لنوائڻ لڳو.

”پوءِ“ ونڪلئمن کيس چيو ”توکي اڃان ڇا جو انتظار آهي“

”مان ڪنهن کي تڪليف نٿو ڏيڻ چاهيان“ ليوسين خشڪ لهجي ۾ چيو، ”مون کي خيرات ۾ ملندڙ امدادي محبت نه کپي“

ونڪلئمن جنهن امدادي محبت جو نالو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو پئي ٻڌو سو حيرت مان چپن سان هلڪي سيٽي وڄائي ماٺ ٿي ويو.

ليوسين پاڻ مان مطمئن هو:- هن پنهنجو پاڻ کي هڪڙو ننڍڙو ۽ معصوم چوزو ڪري پيش ڪيو، جنهن سان ڄڻ سندس ڪيترين ئي ڪوتاهين جو ازالو ٿي ويو.

”هوءَ ته مون سان سمهڻ لاءِ اصل رسا پئي ڇنائي“ هن افسوسناڪيءَ جي احساس هيٺ پاڻ سان ڳالهايو، پر ان ڳالهه تي ٻيو ڀيرو سوچيندي هن محسوس ڪيو ته اهو ايئن آهي جيئن آئون ”هوءَ“ هجان ها، هن پنهنجو پاڻ مون کي آڇيو ۽ مون انڪار ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح هن پاڻ کي وڌيڪ لاءِ ڪنوارو نه ڄاتو. انهن ۽ اهڙن ننڍڙن ننڍڙن اطميناني احساسن ڪيتري وقت تائين سندس دماغ تي قبضو ڄمائي رکيو ۽ پوءِ اهي اطمينان جا احساس به ڪوهيڙي ۾ وگهري ملي ويا. آڪٽوبر ڌاري اسڪول ڏي موٽ کائيندي هن پاڻ کي ايئن ئي اداس ۽ مايوس محسوس ڪيو جيئن گذريل سال جي اڳياڙي ۾ محسوس ڪيو هئائين.

بارلياڪ واپس نه موٽيو هو ۽ نه ئي ان جي باري ۾ ڪنهن ڪجهه ٻڌو هو. ليوسين کوڙ سارا نوان مهانڊا ڏٺا، سندس پاڙيسري ليموردانت ”پوئٽيرس“ ۾ ميٿاميٽڪس پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي هئي. هو ليوسين کان به وڏو ڏاگهه هو ۽ پنهنجي نڀور ڪارن شهپرن ۾ وڏو مڙسالو پئي نظر آيو. ليوسين بي دليءَ سان پنهنجي دوستن سان مليو، جيڪي کيس وات ڳاڙها ڇوڪرا ڀاسيا. گوڙ گٻاڙ پسند ڪندڙ ٻاراڻي مزاج وارا ٽوٽ ڇورا! وري به هن پاڻ کي ساڻن سلهاڙيو، پر بنهه بي نيازي سان ۽ رڳو ايتري حد تائين جيتري کيس سندس گريجوئيٽ واري حيثيت مطابق سونهين ٿي. عين ممڪن هو ته ليموردانت کيس پنهنجي سمجهداريءَ واري ڄمار جي ڪري متاثر ڪري ها، پر ليوسين جي برعڪس ايئن نظر پئي آيو ته ڪو ان ۾ جيڪا سمجهه ٻوجهه آهي اها ليوسين وانگر منجهس حقيقي ڏک ڏاکڙا ڏسڻ کانپوءِ آئي هجي!

هو ته بس ڄڻ ڄائي ڄم کان سمجهدار ۽ عاقل بالغ هو، ليوسين مڪمل اطمينان غور ويچار ڪيو ته کيس لڳو ته ڄڻ هڪڙو وڏو پُر جوش، بغير گچيءَ وارو مٿو هن جي ڪلهن تي پوکيل هو:- جنهن ۾ ڪنهن به شيءِ جو داخل ٿيڻ ناممڪن هو، نه ڪنهن ذريعي ۽ نه ئي گلابي رنگت مائل ننڍڙين اکين ذريعي.

”هڪ شخص:- مڪمل طور پُر يقين“ ليوسين احترام سان سوچيو:- ۽ کيس حسد جي هلڪي آميزش سان حيرت لڳي ته آخر اها ڪهڙي شيءِ ٿي سگهي ٿي جنهن کيس پنهنجي باري ۾ ايڏي مڪمل سمجهه سجاڳي ڏني آهي!

”اهو ايئن نه آهي جيئن مون کي به هئڻ گهرجي، جهڙو پهڻ“

کيس اڃان ان تي به يقين نه هو ته ڪو ليموردانت ميٿاميٽڪس جي منطقيت ڏي به مائل هوندو، پر مسٽر هسُون کيس تڏهن قائل ڪيو جڏهن هن رهجي ويل پيپر وري ڏنا. جنهن ۾ ليوسين ستون نمبر آيو جڏهن ته ليموردانت جو پنجون نمبر بيٺو. سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هو. ليموردانت ڪنهن به رد عمل جو اشارو نه ڏنو. شايد کيس صفا بيڪار رزلٽ جي توقع هئي. سندس ننڍڙو وات، ڳرا ڳرا هيڊا ۽ سڌا سنواٽا ڳل ڄڻ ڪنهن احساس جو تاثر ظاهر ڪرڻ لاءِ ٺهيا ئي نه هئا:- هو ڄڻ ڪو ٻڌ جو ڀڪشو هو، هن کي فقط هڪ ڀيرو ڪاوڙ ۾ رجهندي ڏٺو ويو، جڏهن هڪ ڏينهن لووي ساڻس اسٽور روم جي راهداريءَ ۾ ٽڪريو. پهرين ته هن ڪنهن نانگ وارا ڪو درزن کن تيز تکا شوڪارا ڪيا، وڏا وڏا ساهه کڻي هانڀارا هنيا ۽ پوءِ اکيون ڇنڀيائين ”ڦٽي کاءُ واپس پولينڊ“ آخرڪار هن چئي ڏنس ”واپس پولينڊ ڦڙتي کاءُ بڇڙا يهودي ۽ وري آئنده ڪڏهن به هتي پنهنجي منحوس شڪل نه ڏيکارجانءِ.“ هو پنهنجي ٿلهي ٿنڀري بدن ۽ ڄنگهن جي ٽيڪ تي بيٺل گوشت جي پهاڙ سان لووي تي چڙهت ڪري ويو ۽ هڪ زوردار چماٽ سان پنهنجي ڳالهه پوري ڪيائين ۽ ننڍي قد واري لووي کانئس معافي وٺي جند ڇڏائي: ۽ اهو معاملو اتي ئي ختم ٿي ويو.

…(هلندڙ)…

***