هڪ نئين شعوري جاڳرتا جو اُڀار شوڪت لوهار
جنهن دور ۾ اسين رهون ٿا اهو هڪ نه سمجهه ۾ ايندڙParadox منجهيل دور آهي.. هڪڙي پاسي سائنسي ترقي جو عروج آهي ته ٻئي طرف هڪ اڻ لکي جرسومڙي کي قابو ڪرڻ لاءِ پوري طبي دنيا کي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. هڪ طرف يورپ ۽ آمريڪا خلائن ۾ پنهنجا قبضا ڄمائڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن ٻئي طرف هن ڌرتي تي جڳن کان آباد ماڻهن کي اڃا تائين پيئڻ جو صاف پاڻي بجلي، دوا، تعليم وغيره نصيب نه ٿي سگهي آهي.
هڪ طرف هٿرادو ڄاڻArtificial Intelligence روبوٽ جي ٽيڪنالاجي انساني زندگي کي انتهائي سولو بڻائي رهي آهي، ٻئي طرف ساڳي ٽيڪنالاجي انساني ذهنن مٿان چوڪيداري جو ڪم پڻ ڪري رهي آهي.
هڪ پاسي اسان جي سمارٽ فون ۾ سڄي دنيا سوڙهي ٿي هڪ اسڪرين ۽ آڱرين جي ڇهاءُ تائين پهچي ويئي آهي، ٻئي طرف ساڳي سمارٽ فون جي ڪري اسان جو فطرتي جياپو تباهه ٿي چڪو آهي. رشتا ناتا سڀ غير معنيٰ بڻجي ويا آهن، موبائل فونز جي ڪري نوجوان نسل هڪ وڏي ڀونچال طرف وڃي رهيو آهي، فرانز فينن لکيو هو “هڪ وقت ايندو جڏهن ماڻهو تي اعتبار ڪرڻ بجاءِ اسين سڀ مشين تي اعتبار ڪنداسين! ۽ اهو وقت اچي ويو آهي. هاڻوڪي دور ۾ ماڻهو جي پنهنجي ڪابه اهميت ڪونه رهي آهي، بلڪه هو هڪ ڪَل پرزي جيئان ادارن جو حصو بڻجي رهجي ويو آهي. دنيا ۾ جنگين، مالياتي ادارن جي قرضن ۽ انهن جي فيصلن تحت ٽئين دنيا جي عوام جي قسمتن جا فيصلا ٿي رهيا آهن. هڪ عجيب ڀيانڪ صورتحال آهي وري مٿان 2020 هڪ اهڙي مصيبت بڻجي هن گولي مٿان وارد ٿيو آهي، جنهن سبب اڄ تائين پورو عالم هڪ عالمي وبا ڪورونا ۾ مبتلا آهي، تقريبن 7 لک مٿي ماڻهو ڪورونا وگهي مري چڪا آهن، ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، لکن ماڻهن کان روزگار کسيو ويو آهي، وڏيون وڏيون ڪمپنيون ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويون آهن.
هن وقت مهانگائي، بک، بيروزگاري ۽ دربدري ماڻهو جو مقدر بڻجي وئي آهي. اهڙي ڀونچال کي منهن ڏيڻ لاءِ يقينن دنيا جي طاقتور ملڪن کي سوچڻو پوندو ۽ هن عالمي وبا مان غريب ملڪن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو. جيئن انهن ٻئي جنگ عظيم کانپوءِ گڏيل قومن جو ادارو جوڙي دنيا ۾ ڦهليل بک، بدحالي ۽ اڻ هوند کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڳا اپاءُ ڪيا هئا. هن وقت توڙي جو هوريان هوريان ڪورونا جو زور ٽُٽي رهيو آهي، تڏهن به ان کي مڪمل طرح ختم ٿيڻ ۾ گهڻو عرصو لڳي ويندو. هن وقت تائين خود ساخته قيدIsolation ۾ مون کي ذاتي طور گهڻين شين جو تجربو ٿيو ان ۾ سڀ کان اهم آهي ڪتابن پڙهڻ جي عادت، آئون پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته جن دوستن ۾ ٿوري گهڻي ڪتابن پڙهڻ، مطالعي ڪرڻ جي عادت آهي اهي يقينن منهنجي انهي راءِ سان سهمت ٿيندا ته جيڪڏهن اوهان کي ڪتاب جو ساٿ آهي اوهان کي ٻي ڪنهن ساٿ جي ايتري گهڻي ضرورت ڪونه آهي. پر جيئن ته اسان جو شوق صرف امتحان پاس ڪرڻ تائين محدود هوندو آهي، تنهن ڪري اسين ڪتابن کي طويل عرصي تائين پاڻ سان گڏائي ڪونه سگهندا آهيون. هن وبا جي وقت ۾ جن وٽ ذاتي لائبريري هوندي انهي کان وڌيڪ ڪنهن نعمت جي ضرورت ڪونه آهي، جو ٽي وي تي سڄو ڏينهن هن وبا جون خبرون ۽ ماڻهن کان دوري جي تلقين اسان سڀن کي اڌ چريو ڪري ڇڏيو هو، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اوهان وٽ ڪتاب جو ساٿ آهي ته اوهان کي ٻيو ڇا گهرجي؟
سنڌ هن وقت شعوري طور ڪَر موڙي رهي آهي ۽ وڏين تبديلن مان گذري رهي آهي، جيتوڻيڪ سنڌ سان لاڳاپيل مسئلا ڳنڀير آهن، تنهن هوندي به هاڻ سنڌ جي سرواڻي جي واڳ ڏور نوجوانن جي هٿ وس آهي. اهي نوجوان يقينن انهن لائبريرين جي پيداوار آهن. جن مان اڳ ئي سنڌ مانجهي مڙس پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي قوم کي سياسي سماجي، معاشي ۽ شعوري طرح اوج تي پهچايو آهي. هن سمارٽ فون واري دور ۾ جتي هر هڪ شيءِ موبائل کائي ويو آهي، اتي ڪتاب اڃا تائين زنده آهي. اڃا تائين هڪ ليکڪ جي ڪتاب جو لکين، ڪروڙين ڪاپيون ڇپجن ٿيون، ته اهو انهي ڪتاب جي زنده هجڻ ۽ ماڻهو جي ذهني آبياري ڪرڻ جو اهم ذريعو پڻ ثابت ٿيو آهي. اهو ڪتاب جي ٽيڪنالاجي سامهون هڪ ارڏي جبل جيان مقابلو ڪرڻ انهي ڳالهه جو دليل آهي ته، جيتوڻيڪ سنڌ جي سياست، جيڪا سياست گهٽ سرڪس وڌيڪ آهي، ان مان سنڌ جي خوشحالي ۽ سنڌ جي نوجوانن جي شعور جي اُڀار جون ڪهڙيون اميدون رکي سگهجن ٿيون. اهڙي حالت ۾ نوجوانن کي پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي ۽ تعليمي هٿيارن کي استعمال ڪرڻ گهرجي.
اڄڪلهه سنڌ ۾ نوجوان روزانو جي بنياد تي سنڌ ۾ ڪتب خانن جي قيام بابت ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هلائي رهيا آهن ۽ انهن ٽوئيٽر ٽرينڊ سان ڪي مثبت نتيجا پڻ نڪتا آهن. وفا ناٿن شاهي لائبريري جي حوالي سان هلايل ٽرينڊ ۽ سماجي جاڳرتا هاڻ پوري سنڌ ۾ لائبريرين جي قيام جي گهر ۾ بدلجي چڪي آهي. اهو هڪ سُٺو سوَڻ آهي. ڪيڏو نه سٺو ٿئي جو سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ شهر ۾ هڪ عدد عوامي لائبريري هجي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي؟ اهو سنهري سنڌ جو هڪ خواب آهي. ڇاڪاڻ ته جتي اڄوڪي وقت ۾ ڳوٺن، شهرن ۾ ڪتب خانا ناپيد ٿي ويا آهن. نوجوان سڄو سڄو ڏينهن موبائل ۽ موبائل ۾ عجيب قسم جي راندين جي ور چڙهي تباهه ٿي رهيا آهن. اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ جيڪڏهن گهر، ڳوٺ، شهر ۾ ڪا لائبريري ڪتب خانو موجود هوندو ته اهو نوجوان لاءِ هڪ وڏي تبديلي ثابت ٿيندو. اسان جي تعليمي سرشتي ۾ ڪٿي به لائبريري ۽ مطالعي کي همٿائڻ جو نالو نشان ڪونه آهي.
اسان جي پڙهڻ واري دور ۾ اسڪول جي لائبريري ۽ ڪاليج جي لائبريري کي سدائين ڪلف لڳل ڏٺو. اهو ڪلف تڏهن ئي کلندو هو، جڏهن بورڊ کان ٽيم ايندي هئي يا هيڊ ماستر ۽ پرنسپال صاحب کي ڪتاب گهربل هوندا هئا. باقي شاگردن کي ان کي ويجهو وڃڻ جي ڪڏهن تلقين ڪونه ڪئي ويئي، ڪجهه دوستن جي ذاتي لائبريري ۽ ڪتابن جي چاهه اندر ۾ مطالعي جي چڻنگ کي دُکايو ۽ ان کي وڌيڪ بٺي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري ۽ حيدرآباد جي علامه دائود پوٽه لائبريري ۽ حسرت موهاني لائبريري مطالعي جي اڃ کي اجهايو.
سنڌ ۾ تفريح ۽ مطالعي جي حوالي سان ڪاري وارا ڪک آهن. باغ باغيچا سڀ بلڊر مافيائن جي ور چڙهي چڪا آهن. نوجوانن کي راندين جو ڪو موقعو ئي نٿو ملي. انهن سبب گهرن ۾ ويهي ويهي سڀ ٿولهه جو شڪار ٿي ويا آهيون، هن سوا نيزي سج ۾ سنڌ ۾ اڻ اعلانيل بجلي بندش آهي، مهانگائي سبب ماڻهو هاڻ ڪجهه ڪڇڻ کان به رهجي ويا آهن.
اهڙين حالتن ۾ نوجوانن ۽ شاگردن آخر وڃن ته ڪيڏانهن وڃن. ڳوٺ ۽ شهر ۾ جيڪڏهن لائبريري موجود هوندي ته ان مان تمام گهڻو لاڀ حاصل ٿي سگهندو. لائبريري ۾ ڪتاب مئگزين، اخبارون اهو سڀ ڪجهه شاگردن ۽ مطالعو ڪندڙن لاءِ هڪ وڏو وٿ ٿي سگهن ٿيون. سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪتب خانو هئڻ گهرجي، تعلقي، يونين ڪائونسل سطح تي عوامي لائبريري هجڻ گهرجي، جنهن سان سنڌ هڪ دفعو وري شعوري طور نروار ٿي سگهندي ۽ نوان شمس العلماءُ پيدا ٿيندا.
سنڌ جو تعليمي نظام مطالعي جي چاهه کان خالي آهي، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ انساني سرمائي جو قدر آهي، يعني جنهن ملڪ ۾ جيترا گهڻا ماڻهو تعليم يافته هوندا يا هنري تعليم تربيت ورتل هوندا ته اها قوم اهو ملڪ ايترو ئي سگهارو هوندو.
اسان وٽ ٻار کي ننڍي لاڪون اهو سيکاريو ويندو آهي ته توکي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻو آهي، ٻي ڪا گنجائش ئي ڪونه آهي. اسان پنهنجي ٻارن کي ڪڏهن به اها تلقين ڪونه ڪئي آهي ته وڏو ٿي سٺو انسان ٿيڻو آهي. بهادر ٿيڻو آهي، وفادار ٿيڻو آهي، ذميوار ٿيڻو آهي، تخليقڪار ٿيڻو آهي. دنيا جو بهترين ڪم ڪردار سازي آهي، انهي طرف اسان ڪڏهن ڌيان ئي ڪونه ڏنو آهي. پنهنجي ٻارن کي مطالعي سان چاهه رکڻ ڪتابن پڙهڻ، نئين ٻولين سکڻ، مُصوري سکڻ، ڪهاڻيون لکڻ، تاريخ پڙهڻ ۽ صحتمند ڪچهريون ڪرڻ لاءِ ڇو ڪونه اتساهيو ويندو آهي؟ ڇاڪاڻ ته اسان پاڻ اهڙي تربيت مان ڪڏهن گذريا ئي ڪونه آهيون. روزگار جي جنگهاڻ سبب اسان پنهنجي ٻارن کي گهربل وقت ئي ڪونه ڏيئي سگهيا آهيون. ٻارڙن جي تربيت ايتري ضرور هجڻ گهرجي جو هو جيئن پنهنجي هر ڪاميابي جو اظهار ڪندا آهن. ائين ئي پنهنجي ناڪامي جو اظهار ڪندا آهن. ائين ئي پنهنجي ناڪامي به مائٽن سان کليي نموني بيان ڪري سگهن، تڏهن وڃي هڪ صحتمند معاشرو ٺاهي سگهن تڏهن ئي هڪ صحتمند معاشري جي اڏاوت ممڪن ٿيندي.
وفا ناٿن شاهي لائبريري سان شروع ٿيل سنڌ ۾ علم ۽ تعليم جي مرڪزن جو تعمير ٿيڻ يقينن هڪ نئين سنڌ جي تعمير ثابت ٿيندو. اچو هن ڏکئي وقت ۾ ڪتاب جو ساٿ ساڻ ڪري هڪ ٻئي جا ٻانهن ٻيلي ٿيون ۽ سنڌ ۾ نئون علمي سج اڀاريون.