بلاگخاص

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر قسط-5

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-5

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر

الطاف شيخ

اسد (جيڪو اڃان ان وقت تائين مسلمان نه ٿيو هو) ان هنن ملاقاتن مان هي اندازو لڳايو ته مسلمانن جو پٺتي پوڻ جو سبب اسلام ناهي، جيئن مغرب ۾ سمجهيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ ان جو سبب اسلام تي پيروي نه ڪرڻ آهي ۽ بقول اسد (ليو پولڊ) جي:

“When properly interpreted in a modern light, Islam could lead Muslims forward, while offering spiritual sustenance that Judaism and Christianity had ceased to provide”

بهرحال مختلف مذهبن جي ڄاڻ ۽ انهن جي عالمن سان سان بحث مباحثا ٿيڻ بعد اسد جڏهن هڪ دفعو مسلمان ٿيو، پوءِ سڄي زندگي ان تي قائم رهيو ۽ ٻين کي به اسلام جي صحيح معنيٰ کان آگاهه ڪندو رهيو. پنهنجي ٻي سوانح حيات: A Man of Desert (بنده صحرائي) ۾ هڪ هنڌ اسد هڪ عيسائي تبليغي جو احوال لکي ٿو ته هن اسد کي چيو:

“اسد توکي خبر آهي تون پيدائشي يهودي هئين ۽ تون پنهنجي مذهب کان غير مطمئن هئين تنهنجي لاءِ موزون ترين رستو اهو ئي هو تون عيسائي ٿي وڃين ها، پر تو ماڳهين ئي اسلام جي چونڊ ڪئي!” اهو ٻڌي مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ جواب ڏنومانس: “اڃان سڀ ڪجهه ضايع نه ٿيو آهي، جيڪڏهن تون منهنجي هڪ سوال جو تسلي بخش جواب ڏين ته آئون هينئر به مسيحيت کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان جيڪڏهن ايئن ٿيو ته، آئون ايندڙ آچر تي ئي تو سان گڏ گرجا گهر هلي عيسائي ٿيندس.”

عيسائيت جي تبليغ ڪندڙ وڏي تجسس مان پڇيو “اهو سوال ڪهڙو آهي؟” مون چيومانس ڇا توهان مون کي تثليث (Trinity) جو  مفهوم ٻڌائي سگهندوء؟”

ياد رهي ته عيسائين لاءِ خدا جو تصور هڪ نه پر ٽي آهن. (پيءُ، پٽ ۽ روح القدس جو ذات باري ۾ اتحاد).

هو دير تائين سوچيندو رهيو ۽ پوءِ چيو “هي ايمان جو هڪ راز آهي جنهن کي لفظن جي لبادي ۾ آڻي بيان نٿو ڪري سگهجي، پر جيڪڏهن توهان حقيقي ايمان جي دولت سان پاڻ کي پابند ڪندوء ته توهان جو قلب خود بخود ان حقيقت کي سمجهي ويندو.”

مون جواب ۾ عرض ڪيو اهو ئي ته سبب آهي جنهنڪري آئون عيسائي بدران مسلمان ٿيس. توهان جو مذهب چوي ٿو ته پهرين ايمان آڻيو ۽ پوءِ توهان جي سمجهه ۾ مذهب اچي ويندو. جڏهن ته اسلام چوي ٿو ته پهرين عقل استعمال ڪريو، ڇو ته اهو ئي توهان کي ايمان ڏي وٺي هلندو.”

اهڙي طرح هي بحث ختم ٿي ويو ۽ اسد کي هن تبليغيءَ عيسائي ٿيڻ لاءِ نه چيو.

اسد جا ڪتاب، مضمون، ليڪچر ۽ ڳالهيون ٻڌي دنيا جا ڪيترائي ماڻهو مسلمان ٿيا انهن مان آمريڪا جي هڪ يهودڻ مارگريٽ مارڪس به آهي، جيڪا پنهنجي اسلامي نالي مريم جميلان سان هڪ ليکڪا ۽ سچي مسلمان جي حيثيت سان مشهور آهي. هن هڪ پاڪستاني سان شادي ڪئي ۽ هوءَ اڄڪلهه پاڪستان ۾ رهي ٿي ۽ هن وقت سندس ڄمار اسي ورهيه آهي. اڳتي هلي پاڻ هن عورت بابت پڻ حال احوال ڪنداسين. …(پورو ٿيو)…