وبا جي وقت ۾ آيل، ڪومل جو جنم ڏينهن! احمد شاڪر April 2021

مون کي اهو ڏينهن به چڱيءَ طرح ياد آهي، جنهن ڏينهن هُوءَ هڪ ڪتاب ۾ پنهنجي تصوير سان گڏ هڪ مختصر تحرير هٿ ۾ ڏئي هلي وئي هئي ۽ اهو هنڌ سندس رهائش گاهه هو. ان تصوير ۾ هوءَ هٿن ۾ هڪ گُلَ جهلي بيٺل نظر ٿي اچي ۽ سندس مُک تي مُرڪ جِي مُکڙي ٽڙيل آهي. تصوير جي پسمنظر ۾ ڪاڇي جا پٽَ ۽ پري پري تائين جابلو ٽڪريون نظر ٿيون اچن. جهڙوڪ: داغستان جي سر زمين جو هڪ حسين منظر چٽيل هجي، پر ان کان به وڌيڪ پُر اثر سندس مختصر تحرير هئي، جنهن ۾ هُن سنهڙن سونهري اکرن ۾ رڳو ايترو لکيو هو ته:

“تون مون کي پسند آهين ۽ آئون تو سان پيار ٿي ڪيان!”

مون وٽ اڄ به اهو ڪتاب، فوٽو ۽ تحرير ائين محفوظ آهن، جيئن ڪا قوم پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت محفوظ ڪندي آهي ۽ ايندڙ نسلن ۾ منتقل ڪندي آهي ۽ مان اهي ٽئي شيون پنهنجي اولاد کي ڪنهن قيمتي ورثي جيان هٿن ۾ ڏيندس، ان وصيت سان ته منهنجي شاعري، ڪُتب خانو ۽ هي ٽئي شيون اوهان به پنهنجي اولاد ڏانهن ان وصيت سان هٿن ۾ ڏجو ته توهان به پنهنجي ايندڙ اولاد کي ڏيندا!

هڪ ڀيري هوءَ واهوندي وانگر آئي هئي

۽ سانوڻ جيان وسي پئي هئي

هن کي اهو خوف اندر ۾ رهيو ٿي ته

پاڻ ملي ڪونه سگهنداسين!

ان ڪري ئي

هن جون هر ڀيري اکيون

ڳوڙهن سان ڪَني تار رهيون هيون!

مون کي ياد ئي ڪونهي ته

پاڻ ڪڏهن گڏجي ٽهڪ ڏنا هجن

۽ ڀاڪر ۾ ڀري

دنيا کان ڏُور

سُڪون جي ٻيٽ تي ٻه پلَ گهاريا هجن.

هڪ لڱا مون جدائي جي شديد تڪليف کان اهو فيصلو ڪيو ته کيس وساري ڇڏيان ۽ انهي ئي خيال کي سيني ۾ سانڍي ڪتابن جي ڪائنات ۾ پناهه ورتي. هڪ ڀيري رات جي ٽاڻي ۾ شاهه جو رسالو پئي پڙهيو ۽ جڏهن سُر سهڻي تائين پهتس ته منهنجي ذهن جي زمين ۾ اهو خيال اُسري آيو ته سهڻيءَ، ميهار جي ملڻ لئه درياهه پار ڪندي هئي ۽ هوءَ ته ستن ڀائرن جي گهيري جو سمنڊ پار ڪري به مون سان ملڻ ٿي چاهي ۽ خوف، خطرن کي پٺي ڏئي مون ڏانهن وڌڻ ٿي چاهي ته پوءِ مان کيس ڇو ڇڏيان ۽ وساريان!

مون کي هن ۾ سهڻيءَ جون ڪيئي وصفون ڏسڻ ۾ آيون آهن. هوءَ سسئيءَ جيان سخت پهاڙي پنڌ ڪرڻ ڄاڻي ٿي، هن ۾ اهي سڀئي وصفون ان ڪري به آهن، جو هن جو تعلق ڪاڇي سان آهي ۽ ڪاڇي جا ماڻهو بُکن ۽ ڏُکن جي ڏيهن جا جهڙوڪ رهواسي آهن. مون تي حيرت جا جهان ان وقت به کلندا آهن ته هن جي حصي ۾ اهي سڀئي سُور آيا آهن، جيڪي سنڌ جي ۽ شاهه جي سُورمين جي حصي ۾ آيا آهن!

مون ڪيئي ڀيرا تصور جِي تارازيءَ ۾ هن جي تن کي تورڻ جِي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هر ڀيري آئون کُٽي پوندو آهيان. هن جي جسم جي جاگرافي کان ويندي، هن جي سڄي زندگي کان ويندي روزاني جِي چُرپر تائين مان مڪمل طور نه پر اڌ کان وڌيڪ اڻ واقف رهيو آهيان! ڇاڪاڻ ته جڏهن شعور جو ڏيئو ٻريو ته هن ڳوٺ ڇڏيو ۽ جڏهن جواني جو ڪُميت هڻڪيو ته هن پيار آڇيو ۽ سُتت ئي پوءِ جدائي جي ڊگهي ديوار اڄ ڏينهن تائين وڌندي ۽ مضبوط ٿيندي ٿي وڃي.

مون ڪيئي ڀيرا

هن تي نظم لکڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي آهي

۽ هر ڀيري ناڪام رهيو آهيان

ڇاڪاڻ ته

مون اڄ ڏينهن تائين

هن کي ڇُهيو ئي ڪونهي

۽ نه ئي وري ڪڏهن

تصور ۾ هن جي مٿي تان رئو لاٿو آهي!

مون جيڪڏهن لکيو آهي ته

هن جي جدائي ۾ ضرور لکيو آهي

۽ ان لکڻ ۾

مون شعوري ڪوشش ڪري

ان ۾ قومي ۽ سماجي رنگ ڀريا آهن

جڏهن کان هن جي هٿ مان هٿ ڇڏائجي ويو هو ته

مون سنڌ ڏانهن هٿ وڌائي ڇڏيو هو!

هن جو آواز رڻ ۾ راحت جيئن مون کي محسوس ٿيو آهي، خاص ڪري تڏهن، جڏهن مان اڪيلو ڪمري ۾ لکڻ پڙهڻ کان ٿڪجي کٽ تي آهلي پوندو آهيان، ته سانت جي سلطنت ۾ هڪ مڌر آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. آواز به اهڙو، جهڙو ماءُ جي مِٺي لولي هجي. جهڙوڪ اها لولي ڪا ماءُ پنهنجي هنج ۾ ٻار کي ايتري آهستگي سان ڏيندي هجي ته متان ڀر ۾ سُتل ڀائرن ۽ ڀينرن جي ننڊ نه ڦٽي پوي ۽ ايئن ئي هوءَ هر روز مون وٽ هلي ايندي آهي ۽ ڪوئي گانو ٻڌائي نرڙ تي چميءَ جا چِٽَ چٽي ويندي آهي ۽ مون کي ننڊ جي نگري طرف روانو ڪري هلي ويندي آهي.

“هن جي اکين ۾ چوراسي چنڊ چمڪي رهيا آهن.”

هن جي چهري تي تجلي جي خاصيت اها به آهي ته ان مان جيڪا پُراسراريت جنم ٿي وٺي، اها ڏاڍي جادوءَ ڀري آهي ۽ انهي ئي جادو اندر جيڪا حقيقت پسنديءَ جي دنيا آهي. ان دنيا اندر هڪڙو حسين محل آهي ۽ انهيءَ محل ۾ هوءَ هندوري ۾ لُڏي رهي آهي ۽ سُر وکيري رهي آهي ۽ ان جي چوڌاري وڏن پَڙن ۽ پَرن سان پريُون ويٺيون آهن. جيڪي يڪ ٽِڪ هن ڏانهن ڏسي رهيون آهي ۽ داد جا دائرا ٺاهي رهيون آهن.

هوءَ ان ڪري به سڀني کان مختلف نظر اچي رهي آهي، جو هن جو قد ڪاٺ، هن جي جسماني بيهڪ، هن جي هلڻي چلڻي، هن جو مرڪڻ کلڻ، هن جي هر ادا ۾ هڪڙو خوبصورتيءَ جو کنڊ آهي ۽ انهيءَ ئي خوبصورتيءَ جو ڪوبه بَر ميچي نٿو ٿي سگهي!

هن هڪ ڀيرو نياپو موڪليو ته:

“هڪ آئون ئي آهيان. جيڪا تنهنجي لئه جدائي جي هن جهان ۾ ڏينهن، رات جاڳي رهي آهيان ۽ هڪ تون ئي آهين، جيڪو مون ڏانهن توجهه ئي نٿو ڏين ته آئون ڪيڏي نه پيڙاءُ جي پاکي مان گذري رهي آهيان.”

هن کي اها به شڪايت رهي آهي ته:

“تنهنجي جدائي کان پوءِ جيڪا مون وٽ تڪليف رهي پئي آهي، ان ڏانهن منهنجي پيءُ، ماءُ جو اڄ ڏينهن تائين تِر جيترو به توجهه ناهي رهيو!”

آئون کيس ڇا ٻڌايان ته مون وٽ تولئه ڪيترو پيار ۽ آٿت آهي. ڇا اهو به کيس آئون ئي ٻڌايان ته منهنجي زنده رهڻ جو سبب ئي تنهنجي وجود سان آهي.  هوءَ ايترو ضرور ڄاڻي ٿي ته پاڻ هڪ ڏينهن ملنداسين، کلنداسين ۽ گڏجي جيئنداسين. انهي ئي آسري تي هوءَ هر پل، پهر گذاري رهي آهي ته

“هيءُ وقت به گذري ويندو!”

آئون اڄ ڏينهن تائين انهيءَ ڳالهه جي ڳنڍ کولي ناهيان سگهيو ته هوءَ هر پهر تڪليف جي ٽياس تي ٽنگيل رهڻ جي باوجود به ٻاهر ٻاڦ ڪونه ٿي ڪڍي.

هڪ ڀيري خط لکيائين ته:

“ڪنهن ڪنهن کي ڇا ڇا ٻڌائجي ته اندر ۾ ڇا آهي!؟ سڀني کي سڀ خبر آهي ۽ ان جي باوجود به ڪير پنهنجي پيار ڏانهن ڪن ئي ڪونه ٿو ڪري! ۽ پنهنجو پيار انائن جي ميدان تي اڪيلو آهي ۽ جيڪو مسلسل سگهارن سپاهين ۽ سپهه سالارن جي اڳيان سينو تاڻي بيٺل آهي!”

هن جو هر خط مون لئه اتساهه جو عالم جوڙي ايندو آهي ۽ مان نئين سر ان اميد سان اٿي پوندو آهيان ته نيٺ ٻه جسمَ هڪ ڏينهن هڪ ٿيندا ۽ زيوس کي شڪست ڏيندا!

اسان جو پيار ٻن قبيلن جي وچ ۾ زبردست لڙائي کي جڏهن کڙو ڪيو ته ان جو نتيجو اهو ئي نڪتو ته ٻنهي قبيلن جي سڀني فردن کي رتيءَ جيتري به تڪليف حصي ۾ ڪونه آئي، پر انهن ٻنهي ڌرين جي هٿن ۾ پڪڙيل اگهاڙيون تلوارون اسان جي جسمن تي هلايون ويون ۽ آخرڪار اها لڪير نڪتي جنهن سان پنهنجي جدائيءَ جي ڊگهي سرحد جو جنم ٿيو!

هن هر ڀيري مون ڏانهن اچڻ پئي چاهيو آهي ۽ مون به هر ڀيري هن ڏانهن هٿ وڌايو آهي. پاڻ ٻنهي جي وچ ۾ جيڪا جدائي آهي. ان جي اڀري اچڻ ڀٽيان هڪڙو ئي ڪارڻ آهي ۽ اهو ننڍ وڏائيءَ جو آهي!

ڪڏهن ڪڏهن ته اهو سوچيندي ڇرڪ ڇڏائجي ويندو آهي ته دنيا اندر اهڙا ڪيترائي هوندا جن جي جدائي جو سبب به ساڳيو ئي هوندو، جيڪو اسان ٻنهي جي وچ ۾ آهي. ڇا ان تڪليف کي به ڪنهن تارازيءَ ۾ توري سگهجي ٿو، جنهن تڪليف جو جنم پنهنجي وڇوڙي جي  سبب طبقاتي نظام جي نذر ٿيڻ کانپوءِ ٿيو هو؟

هڪ هجوم آهي، ان هجوم ۾ هوءَ اڪيلي آهي ۽ هڪ طرف آئون آهيان ۽ منهنجي اندر ۾ درد جو هجوم آهي. انهي صورت حال کي ڪيئن سهيڙجي؟ ان سوال کي سلجهائڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر ان کي سمجهڻ ئي ڏکيو آهي ته درد جو درياهه جنهن وقت ڇوليون هڻڻ شروع ڪندو آهي، تنهن وقت آڪاس وڏ ڦڙو وسائڻ شروع ڪندو آهي ۽ اهي ٻئي ڏک جون ڏائڻيون محبت ڪندڙن جي سينن تي ڊگها نَهن آساني سان کپائي ڇڏينديون آهن.

ظاهري درد کي لفظن جو لباس ته پارائي سگهجي ٿو، پر اندر جي عالمَ کي ڪهڙن لفظن ۾ اظهارجي؟

جڏهن پنهنجي جدائيءَ کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذريو ته مون هن لئه هڪ نظم لکيو هو ۽ هر وقت سيني جي کاٻي پاسي واري کيسي ۾ کڻي گهمندو رهيس ۽ ڪيترا ئي ڀيرا هن ڏانهن پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڀيري ناڪام رهيس ۽ آخر ڪار مون اهو نظم ياد ڪري ڇڏيو آهي ۽ جڏهن به جتي به ملي ته کيس ٻڌائيندس.

هن هڪ ڀيرو خط ۾ اهو به لکيو هو ته:

“احمد! منهنجي خواهش آهي ته مان توکي مشاعري ۾ شاعري پڙهندي ڏسان/ٻڌان ۽ وڌيڪ ايترو به لکيو ته پاڻ جڏهن به ملياسين ته مان توکي هڪ اهڙو تحفو ڏيندس. جيڪو تحفو هن وقت مون لئه اتساهه آهي ۽ اهو تحفو تنهنجون تحريرون ۽ شاعري آهن، جيڪي مان مختلف اخبارن ۽ رسالن مان ڪٽيندي رجسٽر تي لڳائيندي رهندي آهيان.”

اڄ جڏهن هڪ پاسي سڄي دنيا اندر ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪاري ڏائڻ لامارا ڏئي رهي آهي ۽ ڳوٺن، شهرن ۽ ملڪن مٿان خوف جي ڪاري چادر وڇائي ڇڏي آهي. ان وقت هن جي سالگره جو ڏينهن آيو آهي، مون کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي ته کيس ڪهڙي طرح سان پيار آڇيان!

چهري تي ٻوٿاڙو ۽ هٿن تي حفاظتي ڪپڙو پاتل آهي، جيڪڏهن هوءَ ان صورتحال ۾ به ملي ٿي وڃي ته ويران رستن تي هن لئه مون وٽ نظم کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه هوندو ۽ اهو به زباني ئي ٻڌائي سگهندس!

مون کي

اهو ڏک ڏهاڙي ڏاڙهيندو رهندو ته

کيس ڳلن کي به ڇهي ڪونه سگهيس

سندس چهرو ۽ چپن جون سرحدون به

ڏسي ڪونه سگهيس

هن جي چهري تان

ڪارا وارَ به پري۔

ڪري ڪونه سگهيس

۽ اکين جي ننڍڙن چشمن مان

ڇُلڪندڙ ڳوڙهن کي به

ڳلن تان اگهي ڪونه سگهيس!

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments