ورلڊ مسلم ليگ جي سيڪريٽري جنرل عبدالڪريم العيسيٰ جو رشدي جي حملي تي بيان
مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل عبدالڪريم العيسيٰ چيو آهي ته سلمان رشدي تي حملو اهو ڏوهه آهي جنهن کي اسلام قبول نٿو ڪري. عرب ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن چيو آهي ته اسلام تشدد جي خلاف آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن به قسم جي تشدد کي قبول نٿو ڪري. عبدالڪريم العيسيٰ جو چوڻ هو ته مذهبي ۽ دانشوراڻي معاملن تي جهڙوڪ اهڙا لفظ جيڪي مڪمل يا عارضي طور تي انتشار ڦهلائيندڙ هجن، اهڙن معاملن سان منهن ڏيڻ جي لاءِ تشدد نه ڪرڻ گهرجي. مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته ايمان واري سڀني ماڻهن کي محبت ڪرڻ گهرجي ڀلي اهي ڪنهن سان متفق هجن يا نه.