وريل جي غيبات ڪهاڻي اختر حفيظ
ادا ”وريل کي جِن آهي جِن، اِهو جِن ايتري سولائيءَ سان سندس جِند ڪونه ڇڏيندو.“ رياض ريڊيي، پنهنجي پُراڻي ريڊيي جو بينڊ ڦيرائي اسٽيشن لڳائيندي چيو.
رياض ريڊيو ٻڌڻ جو شوقين آهي. هُن وٽ نيشنل ڪمپنيءَ جو پراڻو ريڊيو آهي، جنهن کي هُو ساهه وانگر سانڍيندو پيو اچي، پر سندس نالو رياض ريڊيو، رڳو ريڊيو ٻڌڻ جي ڪري ڪونه پيو آهي. جڏهن هُو ڄائو هو ته هُن جي نِراڙ تي هڪ اُڀريل نشان هو، جيڪو سندس جوانيءَ ۾ جوان ته ٿيو، پر اُهو وڏو ٿي ريڊيي جي بينڊ جهڙو ٿي ويو، جنهن تي هُو ڳالهائڻ وقت ڪنهن ڪنهن مَهل هٿ پيو ڦيريندو هو. پوءِ سڄي ڳوٺ ۾ سندس نالو رياض ريڊيو مشهور ٿي ويو. هاڻ جڏهن به ڪو ڳوٺاڻو سندس ذڪر ڪندو آهي ته چوندو آهي، ‘اڙي يار اهو رياض ريڊيو.’ ننڍي هوندي کيس ڪنهن ٻڌايو هو ته وارن کي اڻڀو نه رکجي، ان ڪري سندس مٿي ۾ سدائين تيل جي ٽِپري لڳل هوندي آهي. هُن جو مٿو ته اَڻڀو نه رهيو، پر وقت گُذرڻ سان مٿي جي سڄي زمين بنجر بڻجي وئي. وار ڇَڻي ويا، پاسن کان وڃي ڪناتون رهيون، پر بَچيل وارن تي تيل هڻڻ جي عادت نه ڇُٽي. گرمين ۾ پگهر نِڪرڻ وقت سندس مٿي تي تيل گاڏڙُ پگهر جا ڦڙا چمڪندا آهن ته ايئن لڳندو آهي، ڄڻ ننڍڙا ننڍڙا پيلا بلب ٻَرندا هجن.
ريڊيي جو بينڊ ڦيرائيندي، نيٺ حيدرآباد اسٽيشن لڳي وئي. جِتان سنڌي ڪلامن جي فرمائش وارو پروگرام پئي هليو. هُن ڪجهه آواز وڌايو ته استاد جمن جو ڪلام ”يار ڏاڍي عشق آتش…“ سندس دوستن لڌي لوڻي ۽ عالم انڌي جي ڪنن تائين به پهچڻ لڳو.
هيءَ چئن جي چوڪڙي، سدائين پنهنجا مسئلا سُلجهائڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندي آهي. اڄ آچر جو ڏينهن هو، سو سڀئي رياض جي اوطاق ۾ گڏ ٿيا هئا. هينئر مسئلو وريل جي ذهني حالت جو هو، جيڪا ڪجهه ڏينهن کان خراب لڳي پئي هئي. لڌو لوڻو آبپاشي کاتي ۾ چوڪيدار آهي، جتي آبپاشي عملدار پاڻيءَ جي چوڪي گهٽ، پر چوري وڌيڪ ڪندا آهن. هُو طبيعت جو رنگين مزاج آهي. سدائين ٽِڪُن واري ڳاڙهي ٽوپي مٿي تي هوندي اٿس، وارن کي خضاب ڪرڻ ڪڏهن به ناهي وساريندو. اڇو جوڙو پائيندو آهي، مُڇون به ڪاريون اٿس، پر وٽڻ لائق نه آهن. لڌي جو نالو لڌو لوڻو ڄائي ڄم کان ناهي، اِهو ته ڳوٺاڻن رکيو آهي. هُن ٻه شاديون ڪيون آهن، پر تڏهن به سندس اکيون عورتن جي ديد لاءِ پيون سِڪنديون آهن ۽ ڳوٺ ۾ مرڻو پرڻو هجي يا وري ڪا ٻي رسم هجي، هُو سدائين عورتن کي ڏسڻ لاءِ لوڻا پيو هڻندو آهي. ان عادت تان کيس سَيکت به ملي آهي، پر اِن هوندي به سندس ڪنڌ نه لوڻا هڻڻ کان مُڙيو ۽ نه ئي هُن جون اکيون سهڻن جو ديدار ڪرڻ کان انڪاري ٿيون. ايئن لوڻا هڻندي هڻندي هُو لڌي خان مان لڌو لوڻو ٿي ويو.
عالم انڌو سرڪاري اسڪول ۾ پٽيوالو آهي. ٻَارن جي گوڙ ۾ هُو اُستادن جي خدمت لاءِ حَاضُر رهندو آهي. هُن کي سدائين ڪُلهي تي پوتڙو هوندو آهي، مُڇن ۾ ڪارا گهٽ ۽ اڇا وار وڌيڪ آهن. ايئن ئي مَٿي جي وارن ۾ پڻ اڇن وارن گهڻي جاءِ والاري ورتي آهي، پنهنجي هانٺيءَ ۾ سنهو ۽ قدآور آهي، پر هُو ٻين انڌن جهڙو ناهي، جِن کي ماڻهو اکين کان سڄو چون. عالم کي رات جو ڪجهه نظر نه ايندو آهي، پر دل جي ڏَڍُ تي هلي پوندو آهي، باقي ڪُل خير! عالم کي نائيٽ بلائينڊنيس آهي. سو جڏهن اِن راز جي خبر ڳوٺاڻن کي پئي ته سندس نالي سان انڌو به ڳنڍجي ويو ۽ هُو عالم انڌو سڏجڻ لڳو.
”تون چوين ٿو وريل کي جِن آهي، توکي ڪيئن خبر پئي؟“ لڌي لوڻي پڇيو.
”تون ته ايئن پيو چوين ڄڻ غيبات ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڳوٺ ۾ چِنبڙي ئي نه هجي. ادا وريل جي حالت ڏس، جڏهن کان مائي کيس ڇڏي وئي آهي، ان کانپوءِ هُن جو ديماڪ (دماغ) جاءِ تي ڪونهي. پنهنجي مُنهن پيو ڳالهائيندو آهي، اڪيلو اڪيلو جهنگ ڏانهن نڪري ويندو آهي. مون ته هُن کي ڪئين ڀيرا ڳوٺ جي پراڻي کجيءَ جي وڻ وٽ ڪاڙهي تَتي جو ڏٺو آهي.“ رياض ريڊيي چيو.
”يار ڳالهه ته تنهنجي صحيح آهي، اِهو کجيءَ جو وڻ جِنن جو ويڙهو آهي. امان مَرحيات ٻڌائيندي هئي ته اِن وڻ جي ڀرسان جيڪو به گذري ٿو، جِن ان کي چنبڙيو پون. ڏسو ڪونه ٿا، ڪير به اتان ناهي گذرندو.“ عالم انڌي چيو. پوءِ هَن چيچ ۽ ٻاچ ۾ جهليل سگريٽ مان هڪ زوردار ڪش هنيو ۽ دونهون سندس ڦِڦڙن ۾ لهي ويو.
”پر ڌڻي پاڻ به ته، اها ڳالهه مڃي نه. ايئن پاڻ پيا چونداسين هُن کي غيبات آهي ته اُن سان ڇا ٿيندو؟“ لڌي چيو.
”لڌا ڀلا ڪڏهن چريو پاڻ کي چريو سمجهندو آهي ڇا؟ چريي جو ته بس علاج ڪرائبو آهي. وريل جي غيبات اُهو ئي ماڻهو ڪڍي سگهي ٿو، جيڪو جِن ڪڍندو هجي. هاڻ پنهنجي يار کي اُن جي حال تي ڇڏي ته ڪونه ڏبو.“ رياض چيو.
”غيبات ڪڍڻ وارو ته ويٺو آهي.“ عالم هڪ ڀيرو وري زور سان ڪش هڻندي ناسُن مان گهاٽو دونهون ڪڍيو.
”ڪير آهي؟“ لڌي پڇيو.
”پنهنجي ڳوٺ کان ڪجهه ميل پري هڪ فقير آهي، هُن جي آستاني تي زماني جا ماريل ڪئين ماڻهو ايندا آهن، غيبات لاءِ اصُل پُڙي آهي. آئون پاڻ ٻه ٽي ڀيرا رمضان رازي سان ويو آهيان. واهه سائين واهه… وڏو ڪرامتي پير آهي. مون پاڻ اکين سان ڏٺو آهي. ڪهڙي به غيبات هجي، اڃان بس ڦيڻو پڙهڻ شروع ڪندو آهي ته غِيبات کي اصُل ڦڦڙي وٺي ويندي آهي. مايون، مرد، جهونا سڀ اُتي ايندا آهن.“ عالم انڌي سگريٽ جو آخري ڪَش هڻي بچيل ٽوٽو پنهنجي جتيءَ هيٺ ڏيئي وسائي ڇڏيائين.
”هون… چئبو ته وريل کي اوڏانهن وٺي هلڻو پوندو.“ رياض چيو ۽ ريڊيي تي هلندڙ ڪلام به پورو ٿيو.
”ها پر ڪم ڳرو آهي، مون کي نٿو لڳي ته وريل اُتي هلڻ لاءِ راضي ٿيندو. هُن کي وٺي هلڻ لاءِ به ڪا اَٽڪل ڪرڻي پوندي.“ لڌي لوڻي ماچس جي تيليءَ سان ساڄي ڪَن کي کوٽيندي ڳالهايو.
”ها ته ان ۾ ڇا آهي، پاڻ وريل کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان اُتي وٺي هلنداسين ۽ پوءِ پير ڄاڻي ۽ غيبات ڄاڻي.“ عالم انڌي چيو.
”ڳالهه ته تو واري سورنهن آنا صحيح آهي، پنهنجو سنگتي آهي، اهڙي حال ۾ کيس ڏسي به نٿا سگهون ۽ پوءِ غيبات گهڻو وقت ڪنهن ماڻهوءَ سان چنبڙيل رهي ته اُن جو ڳاٽو به ڀڃي ڇڏيندي آهي.“ رياض ريڊيي جو آواز جهڪو ڪندي چيو.
”ته پوءِ ٺيڪ آهي، هاڻ ڪيئن به ڪري وريل کي پِير جي درگاهه تي وٺي هلڻ لاءِ راضي ڪريو ته اهو ڪم به خيرن سان ٿي وڃي.“ لڌي چيو.
ٽنهي جي ڳالهين کانپوءِ اهو فيصلو ٿيو ته وريل کي درگاهه تي پِير وٽ وٺي وڃبو ۽ وريل جي جان غيبات مان آجي ڪرائبي. وريل لاءِ ڳوٺ ۾ اهو مشهور ٿيو هو ته هُو چريو ٿي ويو آهي. وريل جي زال کيس ڇڏي پنهنجن مائٽن هلي وئي هئي، جنهن سان سندس دل هئس. کيس ڪيترائي مهينا گذري ويا هئا، پر هوءَ ڪانه موٽي هئي. وريل کيس پرچائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر هوءَ ڪانه پرچي. زال جي فرمائش هئي ته وريل کيس شهر ۾ هلي رهائي، پر هُن وٽ اهڙي نوڪريءَ به ڪانه هئي جو شهر ۾ گذر ٿي سگهي. نيٺ وريل زال کي چيو ته هُو کيس شهر وٺي هلندو ۽ اُتي گهر به وٺي ڏيندو. زال اهو شرط پورو ڪرڻ تي واپس ورڻ جي حامي ڀري هئي، پر ان دوران هُو شهر ۾ مسواڙ تي گهر وٺڻ جو بِلو نه ڪري سگهيو. ان ڪري هُو اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي ذهني طور ڊپريشن ۾ هليو ويو. سنگت سان ملڻ به گهٽائي ڇڏيائين ۽ پنهنجي مُنهن پيو ڀُڻڪندو هو.
ٻئي ڏينهن شام جو جڏهن وريل جا سنگتي پنهنجن ڪمن ڪارين تان موٽي آيا ته اُهي ساڻس ملڻ گهر ويا.
”ڪهڙا حال آهن؟“ رياض ريڊيي کٽ تي ويهندي وريل کان پڇيو.
”حال ٺيڪ آهن، اوهين ٻڌايو، ڪُل خير؟“ وريل پڇيو.
”ها سڀ خير آهي، ڀلا ڀاڄائي اڃان ڪانه موٽي آهي ڇا؟“ رياض پڇيو.
”نه ڪانهي آئي. نياپو ڪرايو اٿم.“ وريل رُکائي مان جواب ڏنو.
”وريل اسين تنهنجي حال کان واقف آهيون، پر ايئن پاڻ کي وڃائي ته نه، ماڻهو ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾. هيءَ مهل به گذري ويندي. بس ماڻهوءَ جو دماغ جاءِ تي هجي.“ عالم انڌي ڳالهايو ۽ هن پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي چيچ ۽ ٻاچ وارين آڱرين جي وچ ۾ قابو ڪيو.
عالم واري ڪيل ڳالهه تي وريل حيران ٿيو. لڌي ماحول کي ڏسندي، عالم انڌي کي ڪُک ۾ ٺونٺ هڻندي ڳالهه کي ڍڪيندي چيائين.
”هن جو مطلب آهي اسان سان ملڻ ئي ڇڏي ڏنو اٿئي، يار سنگت سان ايئن ڪبو آهي. چوندا آهن ته ماڻهو ماڻهوءَ جو علاج آهي، سو تون پيو اسان کان ونئون وڃين.“
”نه ايئن ته ڪونهي. بس مڙئي…“ وريل جي مُنهن تي مايوسيءَ ڇانئجي وئي.
”يار وريل ان اُٻاڻڪي ماحول مان نڪرڻ لاءِ تون اسان سان ڪٿي گهمڻ ڦرڻ هل، نئون تازو ٿي ويندين ۽ طبيعت به سٺي ٿي ويندي.“ عالم انڌي ماچس سان تيلي رڳڙي سگريٽ دکائي ورتو.
”عالم جي ڳالهه ڀلي آهي، سنگت سان هونئن به ماڻهوءَ جي دل وندري پئي هوندي آهي. تون اسان سان نه آهين پاڻ واري چوڪڙي به پوري ڪانهي. سو آئون ته چوان ٿو، اسان جي ڳالهه مڃ ۽ نڪري هل اسان سان.“ رياض ريڊيي چيو.
دوستن جي انهن ڳالهين تي وريل ڪجهه ڪين ڪڇيو ۽ ڪنڌ جُهڪائي ويٺو رهيو.
”سوچين ڇا ٿو وريل، هيءَ تنهنجي ڀلي جي ڳالهه آهي، ٻيو ته گهر ۾ ويهي ويهي ماڻهو پٿر ٿي ويندو آهي.“ لڌي لوڻي کيس همٿائيندي چيو.
”ها ٺيڪ آهي، جيئن اوهان جي مرضي.“ وريل هنن آڏو هار مڃي.
ٽنهي يارن پاڻ ۾ اکيون ملائي ڪنڌ ايئن لوڏيا، ڄڻ سندن رٿ ڪامياب ٿي وئي هجي.
ٻئي ڏينهن سج لهڻ کان اڳ سندس دوست وريل کي وٺي، پير جي آستاني تي پهچي ويا. اُن ڏينهن آستاني تي ايتري رش ڪانه هئي. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو پنهنجو ڪم ڪرائي روانا ٿي ويا. درگاهه اندر پير مٿانهين جاءِ تي ويٺو هو. ڪوٺي اندر ايترو سوجهرو ڪونه هو، درگاهه جي درن تي رنگ برنگي جهالرون، جهنڊيون ۽ سڳا ويڙهيا پيا هئا. پير آرام سان آهليل هو. سندس ڏاڙهي گهاٽي ۽ ڪاري هئي. هن جا وڏا وار ڪنن کي ڍڪيندا، ڪُلهن تائين لڙڪي رهيا هئا، هُو بُت ۾ ڀريل هو، کيس اڇو جبو پاتل هو. ڳچي ۾ مڻيا ۽ آڱريون، فيروزي، عقيق ۽ ياقوتي پٿرن وارين منڊين سان سٿيل هيون. ان ڪري آڱرين جو چم گهٽ نظر ٿي آيو. هُن جون اکيون ڳاڙهيون هيون. ڪاٺ جي مڻين واري تسبيح سندس ساڄي هٿ ۾ هئي، جنهن کي هُو آهستي آهستي سوري رهيو هو.
خليفو سندس ڀرسان گيڙو ڪپڙن ۾ ويٺل هو. هي جيئن ڪوٺيءَ ۾گهڙيا ته خليفي پريان کان هٿ سان ويهڻ جو اشارو ڪيو. سڀئي هٿ جوڙ ڪري ويهي رهيا. پِير هڪ نظر سڀني تي وڌي.
”بابل… سُوالي آيا آهن.“ خليفي پِير جو ڌيان ڇڪائيندي چيو.
”هون… بيان ڪريو، هِن در تي سڀ مُشڪلون آسان ٿينديون آهن.“ پِير هُنن ڏانهن نهاريندي چيو.
”بابا بنا کُٽڪي مسئلو بيان ڪريو. مرشد وڏي پهتل هستي آهي، هينئر ئي مسئلو حل ڪندو.“ خليفي چيو.
”پِير سائين هيءَ وريل آهي، اسان جو سنگتي. هن جي طبيعت ٺيڪ نٿي رهي، ڪو حيلو ڪريو ته کيس سُڪون اچي.“ رياض ريڊيي چيو.
ڪجهه دير لاءِ پِير ماٺ ڪري ويو، سڀئي اچرج ۾ کيس ڏسڻ لڳا. هُنن کي لڳو، سندن چيل ڳالهه کيس نه وڻي. پِير پنهنجا چَپ چوريندو رهيو ۽ خليفي آڱر چپن تي رکي، سڀني کي ماٺ رهڻ جو اشارو ڪيو.
”غيبات جو پاڇو آهي، جلدي جان ڪانه ڇڏيندي ۽ مون کانسواءِ اِن کي قابو ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ڪونهي.“ پِير جوش ۾ ايندي چيو.
غيبات جو ٻُڌي ڪجهه گهڙين لاءِ وريل حيران ٿيو، هُن کي هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته سندس دوست ڪهڙي ارادي سان کيس هتي وٺي آيا هئا.
”هِن کي ٻاهر اڱڻ ۾ وٺي هلو، آئون اُتي عمل ڪندس.“ پِير چيو.
”حَاضرُ سائين حَاضرُ…“ لڌي لوڻي هٿ ٻڌي عرض ڪيس.
سڀئي پِير جي ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاهر اڱڻ ڏانهن آيا، سج لهي ويو هو. سج لهڻ سان عالم انڌي جي اکين جو سج به لهڻ وارو هو ۽ هاڻ اُهو لمحو اچڻ وارو هو ۽ هُن لاءِ سڄي دنيا بي نور ٿيڻ واري هئي. پِير هڪ رليءَ تي ويهي اکيون پوري ڪجهه پڙهڻ لڳو. پوءِ وريل ڏانهن اشارو ڪري کيس پاڻ ڏانهن اچڻ جو چيو. وريل ڊڄندو ڊڄندو هُن ڏانهن ويو ۽ کيس سامهون ٿي گوڏا کوڙي ويهي رهيو. پِير وريل جي ڪُلهي تي هٿ رکيو ۽ ڦيرڻ لڳو.
”ڪير آهين، سچي ڪر، هُن کي ڇو ورتو ٿئه. جلدي ٻڌائي؟“ پِير جو آواز هاڻ ڪڙڪي وارو ٿي ويو. وريل سندس اهڙو آواز ٻڌي لمحي لاءِ ڏڪي ويو.
”توکي بادشاهه پير دستگير جي ڊوهي ٿئه، سچي ڪر. جي مسلمان آهين ته رب جو قسم آهي، جي هندو آهين ته راما پير جي ڊوهي ٿئه. سچي ڪر، هِن کي ڇڏي ڏي.“
وريل ڪجهه ڪين ڪُڇيو بس پِير کي تڪيندو رهيو.
”ها خوشي ڪر… ڀلي خوشي ڪر… پر هِن کي ڇڏي ڏي. توکي رحيم جو واسطو آهي، توکي رام جو واسطو آهي. هِن کي ڇڏي ڏي، توکي ڪجهه ڪونه چوندس.“
وريل اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت.
پير کي ڪجهه ڪاوڙ لڳي، هُن هاڻ کيس وارن کان ورتو ۽ ڪنڌ کي ڌونڌاڙڻ لڳو.
”هِن کي ڪونه ڇڏيندين تون، هن کي ڇو قابو ڪيو اٿئي. آئون توکي اهڙي سَيکت ڏيندس جو ياد ڪندين.“
پير وريل جي ڳِل تي ٿڦڙ ٺڪاءُ ڪرائي. وري هڪ ٻي چماٽ زپ… وريل کان هاڻ برداشت نه ٿيو. سڌو پِير تي ڪاهه ڪيائين ۽ پنهنجي بُت جو سڄو زور لڳائي سوگهو ڪيائين پِير گهڻا ئي جانٺا هنيا، زور لاتائين، پاڻ ڇڏائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيائين، پر وريل هُن کان زور هو. اهڙي اوچتي حملي کانپوءِ سندس سنگتي ۽ خليفو ڊڄي ويا. سڀئي اُٿي بيٺا. پِير جون رڙيون هجن.
”اڙي گهوڙا… لڳي ٿو وريل جو جِن جلال ۾ اچي ويو آهي، پِير جو ڳاٽو ڀڃندو.“ لڌي لوڻي چيو.
”اڙي نڀاڳا اهو ڇا پيو چوين، وڃي ڇڏائي، قابو ڪريو پنهنجي همراهه کي؛ مرشد کي جلال آيو ته مڻڪو ٻه اڌ هوندس.“ خليفو وائڙو ٿي، وريل جي سنگتين کي ميڙ منٿ ڪرڻ لڳو.
”يار هي ٿئي ڇا پيو، مون کي ته هاڻي ڪجهه سُجهي ئي نٿو. بس رڙيون پيو ٻڌان.“ عالم انڌي چيو. جيڪو هاڻ پورو انڌو ٿي ويو هو.
”ٿئي وري ڇا پيو، جنهن کان جِن ڪڍائڻ آيا هئاسين، اُن جو سِر ٿو وڃي. وريل وارو جِن پِير کي ڀِچي ويو آهي. لڳي ٿو، اڄ هي پير جي آخري رات آهي.“ رياض ريڊِيي چيو.
”اڙي هِن کي ٻانهن کان جهليو، قابو ڪريوس، مون کي لٺ ڏيو.“ پِير دانهون ڪرڻ لڳو. هاڻ وريل کيس اونڌو ڪري هُن جي مٿان چڙهي ويٺو هو ۽ پِير جي ٻنهي ٻانهن کي قابو ڪيو هئائين.
”فقير هاڻ ڇتو ٿيو آهي، ڪير به ويجهو نه وڃي، نه ته اسان کي به ڪونه ڇڏيندو.“ عالم انڌي گهٻرائيندي چيو.
هاڻ وريل پِير کي سڌو ليٽائي ڳچيءَ ۾ هٿ وڌا هئا.
”مون کي ڪجهه به ٿيو ته آئون اوهان سڀني کي جيل ۾ وجهرائيندس. هي ڪهڙي جِن کي وٺي آيا آهيو؟“ پِير ليٿڙيون پائڻ لڳو، پر وريل جو جِن به زور هو، کيس اهڙو قابو ڪيائين جو پير جي هڪ به نه هلي.
”مرشد تون آهين، تون پاڻ مُنهن ڏي، اسان کي جيل ۾ ڇو وجهرائيندين. تون ڄاڻ وريل جو جِن ڄاڻي.“ لڌي چيو.
وريل پنهنجي ٿڦڙن جو پلاند وٺڻ لاءِ هڪ ٻه ٽي… ٺڪاءُ ڪرائين. هاڻ پِير بيوس ٿي ويو.
”يار هي جِن هِن مرشد کان زور آهي، پر يار جيڪڏهن واقعي پِير جو ڳاٽو ڀڃي وڌائين ته؟“ رياض چيو.
اُن مهل پِير جيئن تيئن ڪري، پاڻ کي وريل جي هَٿن مان آجو ڪرايو ۽ وٺي ڀڳو. خليفو به هِن جي پويان ڊوڙندو ڊوڙندو رات جي اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو. وريل سهڪيو پئي. ڪجهه دير ۾ سندس ساهه هڪ سَريکا ٿيا. سندس دوست وات پَٽيو کيس تڪيندا رهيا. ڪنهن ۾ به همت نه هئي جو هُن جي ويجهو وڃي. ڪجهه دير کانپوءِ وريل ڳالهايو.
”ڏسو ڇا ٿا، هلو هاڻ گهر هلون. اوهان منهنجي لاءِ واهه جو علاج ڳوليو آهي.“
سڀئي سنگتي عالم انڌي کي سنڀاليندا ڳوٺ ڏانهن روانا ٿي ويا، پر ههڙو لقاءُ هنن اڳ نه ڪڏهن ڏٺو، نه ٻڌو. وريل اَصُل وڄائي ڇڏيائين.
ٻئي ڏينهن شام جو به هُنن جي ڪچهريءَ جو موضوع وريل جو راتوڪو واقعو هو. اُهي وريل ڏانهن ان ئي ڏينهن شام ڌاري ملڻ ويا.
”ڀلا رات تو جيڪي ڪجهه ڪيو، اهو توکي ياد آهي؟“ رياض پڇيو.
”چٽو ياد اٿم، اوهين وري هليا آهيو، منهنجو جن ڪڍائڻ.“ وريل ٽوڪ ڪندي چيو.
”يار اسان کي تنهنجي حالت ڏسي ايئن لڳو، ان ڪري پاڻ ۾ صلاح ڪري توکي اوڏانهن وٺي هلياسين.“ لڌي وضاحت ڪئي.
”ان نقلي پير کان تعويذ ڪرائڻ لاءِ مون واري مائي ويندي هئي، مون کي هُن تي پراڻيون باهيون هيون. سو رات موقعو ملي ويو، پلاند ڪري ورتم.“ وريل چيو.
”هان… چئبو ته توکي سڄي خبر هئي ته اسين ڇا ڪرڻ وارا هئاسين.“ عالم پڇيو.
”بس اندازو ٿي ويو هو، سو وجهه سٺو ملي ويو هاڻ جي اهو پِيرُ پنهنجو آستانو نه پٽي وڃي ته هيءَ منهنجي ڏاڙهي آهي.“ وريل پنهنجي ڄاڙيءَ تي هٿ ڦيريندي چيو.
”ابو… يار باقي ان پِيرُ سان ٿي واهه جي.“ رياض چيو ۽ سڀئي ٽهڪ ڏيڻ لڳا.
ان مهل ئي وريل جي گهر سندس زال پنهنجي ڀاءُ سان هلي آئي. وريل جي زال کي ڏسي سڀني جي مُنهن تي خوشي ظاهر ٿي.
”يار وريل هاڻ توکي مبارڪون هجن، ڀاڄائي به موٽي آئي آهي. باقي اسان جيڪي ڪجهه ڪيو اهو تنهنجي ڀلي لاءِ ڪيو.“ لڌي چيو.
”بس ادا آئون به مائٽن وٽ ڪيترو رهان ها. منهنجو اَصُل گهر ته وري به هيءُ آهي. سو هاڻ وريل کي ڇڏي ڪيڏانهن ڪانه وينديس.“ وريل جي زال چيو.
”مبارڪون… مبارڪون… وريل مبارڪون.“ سڀئي دوست هڪ آواز ٿي چوڻ لڳا. وريل ڳوٺ مان نقلي پِير ڀڄايو هو ۽ وقت هُن جي زال موٽائي هئي.
***