بلاگ

”وري ايندو الائي نه“

هيءَ سال 1968ع جي ڳالهه آهي ته سيتا روڊ (هاڻوڪو رحماني نگر) ۾ پ پ پاران عوامي رابطن جي سلسلي ۾ پارٽيءَ جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو جي هدايتن تحت پارٽيءَ جا بي لوث، جانثار ۽ محنتي اڳواڻ عبدالواحد ڪٽپر جي سربراهيءَ ۾ حاجي ظفر علي لغاري جي دعوت تي اچي پهتا هئا. مرحوم ڀُٽي جي دل موهيندڙ شخصيت ۽ نئين سياسي پارٽيءَ جي محبت ۾ آسپاس کان ڪيترائي شهر جا معزز ماڻهو، ڳوٺن جا ماروئڙا، سانگيئڙا ۽ اسڪولن جا بيشمار شاگرد به اچي ان دعوت ۾ شامل ٿيا هئا. اها دعوت سيتا روڊ يونين ڪائونسل جي کليل ميدان ۾ ڪئي وئي هئي. يونين ڪائونسل آفيس جو ميدان ماڻهن سان کچاکچ ڀريو پيو هو. ڪٽپر صاحب ۽ ساڻس پارٽيءَ جي ٻين اڳواڻن جي اچڻ جو ٽائيم شام جو هو، پر رات ٿي چڪي هئي. ان وقت سيتا روڊ ۾ بجلي ڪانه هئي تنهنڪري روشنيءَ لاءِ گولن (پئيٽروميڪس) جي روشنيءَ جو بندوبست ڪيو ويو هو. اسان کي عبدالواحد ڪٽپر کي روبرو ڏسڻ ۽ سندس تقرير ٻڌڻ جو شوق هو، سو اسٽيج تي اچي گڏ ٿياسين. اسان شاگردن منجهان لطيف ٻگهيو سيتائي، محمد بخش سيال، عبدالرحيم راهوجو، جاويد احمد لغاري ۽ ٻيا ڪجهه دوست شامل هئاسين. ڪٽپر صاحب سان ملاقات به ٿي، ڏاڍي پنهنجائپ سان مليو. ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ مائٽ ۽ دل وارو دوست هجي. خوش شڪل خوش گفتار ۽ کلڻ ڳالهائڻ وارو ڪٽپر صاحب اسان سان ڪچهري ڪندي ٻڌايائين ته ملڪ ۾ گهڻي عرصي کانپوءِ چونڊون ٿيڻ واريون آهن، جنهن لاءِ پ پ کي ووٽ ڏيئي پنهنجي ديس جي قسمت کي بدلائي سگهنداسين. ان موقعي تي ڪٽپر صاحب پنهنجو تحرير ڪيل ڪتابچو ”اچو ته وطن جي خدمت ڪريون“ کي دعوت ۾ آيل ماڻهن ۾ ورهائڻ لاءِ اسان کي ذميداري ڏني.

ڪٽپر صاحب سان ٻي ملاقات مئي 1970ع ڌاري سيتا روڊ ۾ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو جي عوامي جلسي دوران ٿي. اهو جلسو دادو ضلعي جو تمام وڏو عوامي جلسو هو، جيڪو سيتا روڊ ريلوي اسٽيشن جي سامهون هڪ وسيع ميدان ۾ ڪيو ويو هو (هاڻي ان هنڌ جايون ٺهي ويون آهن) ان جلسي ۾ ماڻهن جو سمنڊ هو، مرحوم ڀٽو ڏاڍو خوش نظر اچي رهيو هو ۽ پاسي ۾ ويٺل عبدالواحد ڪٽپر کي وڪٽري ڏيکاريندي تاڙي ملائي رهيو هو. 1972ع ۾ جڏهن ڀٽو صاحب جي حڪومت آئي ته ڪٽپر صاحب سنڌ جو سينيئر وزير بڻيو ۽ ڀٽي صاحب سان ايتري ويجهڙائپ هوندي به سندس شڪل تي غرور ۽ تڪبر نه ڏٺوسين. هن وزارت دوران پنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ٺاهيو، حڪومت جي سموري دور ۾ تمام سادو، ملڻو جلڻو، جفاڪش ۽ ايماندار رهيو. وزارت سان گڏ سنڌ پ پ جي صدر جي حيثيت ۾ عوامي جلسه ڪرڻ ۽ ان ۾ ماڻهن کي پنهنجي تقرير دوران پنهنجن شعرن سان محضوظ رکڻ جو فن به رکندو هو. 1974ع ۾ پ پ حيدرآباد تعلقي پاران وڏو جلسو ڪيو ويو هو. پاڻ ان وقت سينيئر صوبائي وزير هئڻ سان گڏ سنڌ پ پ جو صدر رهيو ۽ جيئن ته مير رسول بخش ٽالپر سنڌ جي گورنر شپ ڇڏي چڪو هو ۽ گورنر ٿيڻ کان اڳ مير صاحب سنڌ پ پ جو صدر هو ۽ ان جلسي ۾ ڪٽپر صاحب مير رسول بخش ٽالپر کي ياد ڪندي کيس نياپو ڪيو ته ”رسي وڃ نه راڻا واپس اچ ته هي صدارت مون کان اچي وٺ“، اڄ ڪيڏو نه فرق آهي ته ڪو وزير اهڙو جلسو ڪري ماڻهن ۾ پيار محبت جو روح ڦوڪي. اسين ان وقت جا نوجوان ساڻس ملڻ لاءِ حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ ويندا هئاسين يا وري پاڪستان نيشنل سينٽر تلڪ چاڙهي ريجنل آفيس ۾ سندس مذاڪرو ٻڌڻ ويندا هئاسين جو ان ۾ کيس هميشه مدعو ڪيو ويندو هو. ان وقت جا وزير پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي کي ٻڌائڻ ۽ عوام سان گڏ ويهي سندن اهنج ۽ ايذاءُ به ٻڌندا هئا جن ۾ عبدالواحد ڪٽپر سدائين اڳڀرو هوندو هو.

1973ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ مشاعرو ڪوٺايو ويو هو. مرحوم ڪٽپر صاحب ان مشاعري ۾ صدرِ مجلس جي حيثيت ۾ پنهنجي ڪلام ”منهنجو دلدار منهنجي دل، وري ايندو الائي نه“ ٻڌايائين ته واهه واهه ٿي وئي. ان مشاعري جي ريڊيو رپورٽ سنڌ ۾ ڌوم مچائي ڇڏي ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچي طرفان ان ڪلام کي سيد سليمان شاهه جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو اڄ به سڀني جي ڪنن ۾ ٻرندو رهي ٿو.

جڏهن 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت آئي ته کيس شيخ سلطان ٽرسٽ جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. پاڻ روزاني هلال پاڪستان ڪراچي کي ٻيهر آب و تاب سان جاري ڪيو ۽ ان ۾ هفتيوار ڪالم به لکندو رهيو. 1990ع ۾ ڄام صادق علي جي وزيراعليٰ ٿيڻ کانپوءِ کيس ٽرسٽ جي ايڊمنسٽريٽر شپ تان فارغ ٿيڻو پيو.

چراغ جل ڪر خاڪ هوا اپني مراد پا گيا

اڪ شمع ره گئي رُخ زيبا ليئي هوئي.

عبدالواحد ڪٽپر 14 سيپٽمبر 2012ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.

***