خاص

وزيراعظم زيادتي جي جوابدارن کي سر عام ڦاهي ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته وزير اعظم زيادتي جي جوابدارن کي سِر عام ڦاهي ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ حڪومت سر عام ڦاهي وارو قانون نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزير اعظم واضح ڪري ڇڏيو آهي ته عالمي واعدن ۽ سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي جي ڪري سر عام ڦاهي نٿي ڏئي سگهجي. ياد رهي ته ملڪ ۾ ٻارن ۽ عورتن جي وڌندڙ واقعن کي نظر ۾ رکندي ڪجهه حلقن طرفان جوابدارن کي سر عام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پئي ويو. انهيءَ دوران هڪ انٽرويو ۾ وزير اعظم عمران خان چيو هو ته ريپ ۽ عورتن ۽ ٻارن سان جنسي استحصال جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سخت ترين سزائون ڏيندي انهن کي سر عام ڦاهي يا ڪيميائي طريقي سان نامرد بڻائڻ گهرجي.