وزيراعظم کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ واڌ بابت اجلاس طلب ڪري ورتو
وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ واڌ بابت اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٻين وڳي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ وزيراعظم کي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن بابت آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وڏي وزير کي ذخيره اندوزن خلاف ڪارروائي بابت آگاهي پڻ ڏني ويندي جڏهن ته اجلاس ۾ کاڌي پيتي جي شين جي ملاوٽ جي روڪٿام تي به غور ڪيو ويندو.