وزيراعليٰ سنڌ کي تاحيات نااهل ڪرڻ متعلق درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري
وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ متعلق درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. مراد علي شاهه کي تاحيات نااهل ڪرڻ متعلق درخواست تي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، درخواستگذار جو چوڻ هو ته 2 مئي 2013 تي سپريم ڪورٽ مراد علي شاهه کي نااهل قرار ڏنو، نااهلي جي باوجود مراد علي شاهه ڄامشورو مان ضمني چونڊون وڙهيو. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته مراد علي شاهه 2013 ۽ 2018 جون چونڊون غلط وڙهيون، تنهنڪري وزيراعليٰ سنڌ کي تاحيات نااهل قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. عدالت درخواست کي فوري ٻڌڻي جي استدعا تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان 27 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.

