وزير اعظم جو آءِ ٽي کي فروغ ڏيڻ لاءِ اسٽارٽ اپ فنڊ جي قيام جو اعلان
سرڪاري ميڊيا موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ھيٺ آءِ ٽي شعبي بابت گڏجاڻي ٿي، جنھن ۾ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ آءِ ٽي شعبي جي ترقي لاءِ تاريخي پئڪيج جي منظوري ڏني، جنھن تحت شعبي ۾ 50 نون ڪاروباري ماڻھن کي ساليانو ھڪ ارب رپيا ماليت جي سيڊ فنڊنگ فراھم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپ فنڊ جي قيام جو فيصلو ڪيو ويو آھي. وزير اعظم چيو ته اسان آءِ ٽي شعبي ۾سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بيورو سان گڏ رجسٽرڊ آءِ ٽي ڪمپنين ۽ فري لانسرز لاءِ ٽيڪس ھاليڊي ۽ 100 سيڪڙو فوريڪس ريٽينشن جو اعلان ڪري رھيا آھيون.