ويڇا گهٽائيندڙ سائنسي ترقي ۽ اخلاقي قدر مٺل جسڪاڻي
پڙهي لکي سگهندڙ پاڻ سڀ سمجهون ٿا ته سائنس وڏي ترقي ڪئي آهي. تيز رفتار سوارين سبب فاصلا، فاصلا نه رهيا آهن. ان کان به وڌيڪ تڪڙي پهچ، هاڻي هر هنڌ حاضر يعني موبائل فون ۽ ان ۾ وري ڳنڍڻ ڄار يعني انٽرنيٽ، پل کن ۾ پري پري ويٺلن کي به آوازي سڏ يعني وائيس ڪال وسيلي ويجهي کان ٻُڌڻ ۽ روبرو جهڙي سڏ يعني وڊيو ڪال وسيلي جهڙوڪر ويجهي کان، ڄڻ ته گڏ ويٺي، هڪٻئي کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي به سهولت تمام گهڻي، يعني عام جام ٿي پئي آهي.
اڄڪلهه جي عالمي ڳوٺڙي ۾ ڳنڍڻ ڄار ذريعي نه صرف هڪٻئي سان سڌي سڃاڻپ، واسطا، رابطا ۽ رشتا ناتا رکندڙ، پر عالمي اوطاق مثل چهرن جي ڪتاب يعني فيس بُڪ وسيلي توڙي اهڙن ٻين عام سماجي رابطن ۽ لاڳاپن جي ذريعن معرفت، روزاني روز بلڪه هر ايندڙ پل، ڪو نه ڪو پيو رابطي ۾ ايندو آهي. حال احوال پيا ڏبا وٺبا آهن. نه صرف ايترو ۽ اهو، پر هاڻي ته هرڪو ڀلي ته ويٺو ڪٿي به هجي، جنهن جنهن سان چاهي، اڪيلي سر يا جيڪي جيڪي به هم خيال هجن، اهي هڪٻئي کان سوين، هزارين، لکين ڪلو ميٽر پري هجڻ باوجود گڏيل ڪچهري به ڪري سگهن ٿا. پاڻ ۾ ٿيندڙ ڪچهري ٻين سان به ونڊ ڪري سگهن ٿا. جڏهن کان دنيا ۾ ڪورونا وائرس وبا پهتي آهي. ان وبا کان بچڻ لاءِ پاڻ ۾ فاصلا رکڻ ضروري ٿي پيا آهن. پيدا ٿيل ان نئين صورتحال کانپوءِ، ڳانڍاپي جا هي فاصلاتي ذريعا ۽ سلسلا، اڃا به وڌيڪ نکار سان سامهون آيا آهن! هاڻي ڪنهن کي به دنيا جهان جا سڀ خفا هڪ پاسي ڪري، گهڻو وقت ۽ ججها ڏوڪڙ خرچ ڪري، ڪٿي يا ڪنهن وٽ هلي ملي وڃڻ بنا، هرڪو پنهنجي پنهنجي پسند جي ماڻهن، ڪِرتن، عادتن، شوقن کي سولائي سان پورو ڪري سگهڻ جا طريقا به انيڪ نه صرف سامهون آيا آهن، پر عمل ۾ به آهن. سڄي دنيا جي ذري گهٽ سمورن ملڪن ۾، هڪ طرف اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ وڃي پڙهڻ بدران ڳنڍڻ ڄار وسيلي فاصلاتي تعليم جاري ٿي چڪي آهي. اهڙي ئي طريقي سان نوڪريون ۽ ڪاروبار شروع ٿي ويا آهن. هم خيال ماڻهو به پنهنجي اوليت جي بنياد تي، هڪڙا پنهنجي خرچ تي تعميري، اصلاحي، تعليمي، تربيتي سرگرميون ڪري رهيا آهن ته ٻيا وري سماج ۾ مروج ميڙاڪن کي ڳنڍڻ ڄار وسيلي منعقد ڪري، ڪي مشاعرا پيا ڪرائين ته ڪي وري راڳ رنگ جون رس رهاڻيون رچائي رهيا آهن. سائنسي ترقي جي موجوده دور ۾ جتي اهو سڀ ڪجهه سولو ٿي پيو آهي ۽ ڪرڻ وارا سڀ لکيل پڙهيل ڏاها آهن. بظاهر مثبت سوچ رکندڙ، مثبت عمل ۾ سرگرم رهي، محبت ۽ ميٺاج جو ٻج ڇٽي رهيا آهن. اهي ئي باشعور دانشور، سياڻا، سيبتا، ڏاها، اهو سڀ ڪجهه به ڪري رهيا آهن، جيڪو کين ڪنهن به صورت ۾ سونهي نٿو! مثال طور: آن لائين جاري ڪنهن تقريب ۾ جيڪو وڻي ته ان جي فضول ڳالهين کي به پيو ڳائجي ۽ ورجائجي، پسند ناپسند جي بنياد تي، هڪڙن جي خوش آمد ۽ آءُ ڀڳت ڪجي ۽ ٻين کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏجي! جيڪو نه ڪڇي ته خوش ٿجي ۽ جيڪو پڇي ته فني مسئلو يعني ٽيڪنيڪل پرابلم چئي ٽاري ڇڏڻ کي پنهنجي ڏاهپ سمجهي يا سائنسي سبب ڄاڻائي، پاڻ ۽ پاڻ جهڙن کي مطمئن ڪجي…! اِهو ته هڪ پاسو، هڪ عمل آهي. اڃان هڪ ٻيو به اهم ۽ انتهائي ناگوار رويو به آهي. مثال طور: جتي وڻ نه آهي، اتي ڪانڊيرو به درخت مثل، پاڻ کي لکيل پڙهيل، ليکڪ، دانشور، سماج سڌارڪ سمجهندڙ، پنهنجي لاءِ پاڻ ئي طئي ڪري ڇڏي ته ڇاڪاڻ ته هو اهو سڀ ڪجهه آهي، ان ڪري هو پنهنجي حيثيت رکي ٿو، پسند نا پسند يا پنهنجي ياري دوستي ۾ ته ڪنهن گدڙ کي به شينهن، ڪنهن سکندڙ کي به استاد، پر جيڪو ڀلي ته شينهن به هجي، پر ان شينهن کي شينهن مڃڻو نه آهي، استاد کي سکندڙ جي حيثيت به نه ڏيڻي آهي. سنگت ملهائڻي آهي. حاجي قاضي ٿيڻو آهي… عالمي ڳوٺڙي بڻيل هن جهان جي اهڙن تهڙن عالمن ۽ عاقلن جي ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ ڪهڙا ڪهڙا مثال ڏجن؟ ڏسو ته سندن ٿلها ٿلها ڪتاب ڇپيل آهن، ڊگها ڊگها ليک لکيل آهن. اهي، جيستائين، جنهن سان ٺهيل آهن ته اهو تعليم ۽ عمر ۾ گهڻو ۽ وڏو ئي نه، ننڍو به پيارو، سائين، ساٿي، جاني، سڄڻ سڏبو، پر جيڪڏهن ڪٿي به تر جي گُٿي مثل ڪا حق سچ جي ڳالهه ڪبي ته پنهنجي شان ۾ گستاخي سمجهبي ۽ منفيت کي ظاهر ڪندڙ سڀ لفظ، ان جي لاءِ ئي چئي ۽ لکي استعمال ڪبا، جيڪي تر جي گُٿي کان لمحو اڳ پيارا، سائين، ساٿي، جاني، سڄڻ هئا… عالمي ڳوٺڙي ۾ متعارف ٿيل لاڳاپي، واسطي، رابطي جي انهن انيڪ وسيلن ۽ ذريعن سبب سماجي بهبود ۽ ڀلائي لاءِ، تعليم ۽ تربيت لاءِ، تمام گهڻو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اڪيچار دوستيون به ٿين ئي ٿين ٿيون، پر مفت ۾ نفرتون ۽ دشمنيون به پل پل ۾ پيون پلئه پونديون آهن! جنهن مهل به، جنهن جي به دل چئي، سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏبا آهن. ڇو؟…
اهو سڀ ڪجهه اِن ڪري پيو ٿئي ته پاڻ سڀ سمجهون ٿا، پاڻ سڀ چئون ٿا ته اخلاقي قدر تبديل ٿي ويا آهن! آئون انهن ويچارن ۾ هوندو آهيان ته اهي اخلاقي قدر ڪنهن تبديل ڪيا آهن؟ انهن ۾ مثبت تبديلي ڪهڙي آئي آهي؟ ٿيڻ ڇا گهرجي؟ جيڪو ٿيڻ گهرجي، اهو ڪري ڪير؟
mithaljiskani@yahoo.com

