خاص

وڌيڪ موبائيل سمن جو جنجهٽ ختم، هاڻ هڪ ئي سم تي سڀ نيٽ ورڪ هلندا

گوگل موبائيل فون جي آپريٽنگ سسٽم ايندرائيڊ جي نئين ورزن (ايندرائيڊ 13) ۾ اهڙو فيچر ايندو، جنهن سان هڪ ئي سم تي ڪيترائي نمبر هلائي سگهبا. گوگل جا ماهر ايندرائيڊ 13 ۾ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ وارا آهن، جنهن کانپوءِ موبائيل فون يوزر هڪ ئي موبائيل سم سان مختلف نيٽ ورڪس استعمال ڪري سگهندا. عام طور تي ايندرائيڊ واهپيدار ٻن کان وڌيڪ نيٽ ورڪ هلائيندا آهن ۽ وڌيڪ سمون رکڻيون پونديون آهن، پر هاڻي واهپيدارن جو اهو مسئلو ايندرائيڊ جي نئين ورزن ۾ ختم ٿي ويندو. رپورٽ موجب ايڪس ڊي اي ڊولپرز جي اڳوڻي چيف ايڊيٽر مشال رحمان موجب هن فيچر جي ڄاڻ ايندرائيڊ اوپن سورس پراجيڪٽ ۽ اينڊرائيڊ ڊولپرز ويب سائيٽ تان ورتي وئي آهي، جنهن سان هاڻي واهپيدار هڪ ئي سم تي ٻين نمبرن جون سروسز هلائي سگهندا. ياد رهي ته گوگل في الحال هن فيچر کي متعارف ڪرائڻ جو اعلان  ناهي ڪيو، پر ڪمپني جو اهو منصوبو آڪٽوبر 2022 تائين واهپيدارن جي پهچ ۾ هوندو.