بلاگخاص

وڏو خرچ ٿي ويو رن جي چڪر ۾

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

(حصو پهريون)

وڏو خرچ ٿي ويو رن جي چڪر ۾

الطاف شيخ

سنڌ تي ترخانن ۽ ارغونن جي حڪومت مڪاني ماڻهن جي آزادي ختم ڪري ڇڏي هئي. سنڌ جا امير انڊيا جي حاڪمن مغل شهنشاهن کي ان بابت دانهيندا رهيا ۽ مدد گهرندا رهيا. بابر جي وفات بعد سندس پٽ همايون 1530 ۾ آگري جي تخت تي ويٺو. 1540 ۾ کيس شير شاهه سوريءَ ڀڄائي ڪڍيو. همايونءَ سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي ۽ 1541 ۾ حميده بانو بيگم سان شادي ڪئي ۽ 1542 ۾ هن شهنشاهه اڪبر کي عمرڪوٽ ۾ جنم ڏنو.

شير شاهه سوريءَ هندستان تي فقط پنج سالَ حڪومت ڪئي. 1545 تائين… پر هن عوام جي ڀلي لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا جن جو مثال اڄ جي ڪرپٽ حاڪمن کي ڏنو وڃي ٿو جيڪي ملڪ جا ترقياتي فنڊ به کايو وڃن ۽ پنج سال ائين ئي پورا ڪريو وٺن ۽ عوام کي اهو ئي ڏٽو ڏئي هو وري ووٽ وٺـن ٿا ته هاڻ هڪ دفعو اسان کي وري آزمايو اسان توهان جي ڀلي لاءِ گهڻو ڪي ڪجهه ڪنداسين.. ۽ مزي جي ڳالهه اها ته اسانجو سادڙو عوام يا کڻي چئجي ته تعليم کان وانجھيل (خالي) عوام وريو وريو ساڳيا ليڊر چونڊي پوءِ منهن مٿو پٽڻ جو فئشن ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته سائين اسانکي اسان جا نمائندا پڇن به ڪونه ٿا.. ڪو ڪم نٿا ڪن.. رڳو پنهنجو ڀڀ پيا ڀرين.

شير شاهه جي وفات بعد سندن پوين ٻوٽو نه ٻاريو ۽ 1555 ۾ همايون وري پنهنجي تخت تي قبضو ڪري ورتو. پر هڪ سال بعد گذاري ويو. دهليءَ ۾ همايون جو مقبرو ڏيکارڻ واري رڪشا ڊرائيور چيو ته ”سائين همايون کي شير شاهه جي روح اوچتو ”هؤ“ ڪيو ته ساهه نڪري ويس.“ اتي جي هڪ مجاور گائيڊ چيو ته ”سر اها ڳالهه ناهي. همايونءَ کي آفيم جي نشي تباهه ڪيو. هڪ ڏينهن نشي ۾ ڏاڪڻ تي چڙهي ويو. پير ترڪي ويس، اچي هيٺ ڦهڪو ڪيائين.“

همايون بعد آگري جي تخت ۽ تاج جو مالڪ عمرڪوٽ ۾ ڄاول همايون جو پٽ اڪبر ٿيو. سورهين صدي جي آخري سالن ۾ اڪبر جو سنڌ تي قبضو ٿيو ۽ پنهنجن گورنرن ذريعي سنڌ جو ڪاروبار هلائڻ لڳو. هي سلسلو 1700 تائين هلندو رهيو ان بعد سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت هلي. اڪبر جي ڏينهن ۾ سنڌ وڏا قابل ۽ عالم پيدا ڪيا جهڙوڪ: مير احمد نصر الله ٺٽوي، طاهر محمد ٺٽوي ۽ مير علي سر ٺٽوي، مغل تاريخ جو ليکڪ (Chronicler) ابو الفضل ابن مبارڪ ۽ هن جو شاعر ڀاءُ فيضي به سنڌي فئملي جا هئا. اڪبر جي آتم ڪهاڻي جو ڪِتاب ”اڪبر ناما“ ۽ مغل سلطنت جو انتظاميا جو ڊاڪومينٽري رڪارڊ ”آئين اڪبري“ ابو الفضل لکيو. هڪ ڳالهه آهي ته اڪبر پاڻ کڻي پڙهيل ڳڙهيل نه هو جنهن کي پنهنجو نالو به لکڻ نٿي آيو، پر پنهنجي ويجھو پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل ماڻهو رکيائين ٿي. اهو اڪبر جو ئي دور حڪومت هو جنهن ۾ سنڌي ادب ۾ بهتري آئي. تاريخي شخصيتون شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جهڙا شاعر سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيا.

 1605۾ اڪبر جي وفات بعد سندس پٽ محمد سليم جيڪو ”جهانگير“ جي نالي سان مشهور ٿيو، تخت تي ويٺو. جهانگير صاحب پنهنجي زال نور جهان (جنهن سان سندس 1611 ۾ شادي ٿي) جو وڏو مداح هو. حڪومت جي انتظام جو سمورو ڪم هن مائي جي اشارن تي هليو ٿي.. ڏٺانوَ! آئون ته اڳ ئي لکي ويٺو آهيان ته چنيسر جي تخت تي وهڻ جي صلاح ماءُ کان وٺڻ ويو ته اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي… اڄ به اسان جي حڪومت جي ڪيترن ڪرتا ڌرتائن جون زالون، مائرون يا ڀيڻون سندن حڪومت جو ڪاروبار هلائين ٿيون… ٻيو نه ته پئسا وٺـي نوڪريون ڏيڻ، پرمٽون ڏيڻ، رشوتون وٺڻ… وغيره وغيره.

جهانگير کي ٻيون به زالون هيون. نورجهان کان اڳ، اڪبر جي زندگي دوران هن جي شادي مارواڙ جي راجپوت هندو راجا ڀڳوان داس جي ڌيءَ ”مان متيءَ“ سان ٿي جنهن جو اسلامي نالو تاج بيبي بلقيس رکيو ويو. جهانگير بعد هندستان جي تخت جو مالڪ ”شهنشاهه شاهه جهان“ جهانگير جي هن زال مانُ هو. جهانگير جي ڏينهن ۾ 1600 ۾ سر ٿامس رو هندستان گهمڻ آيو ۽ هنن انگريزن سان تعلقات قائم ڪيا. 1616 ۾ انگريزن کي جهانگير طرفان انڊيا ۾ فئڪٽري لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي جيڪا هنن ميسوليپئٽم ۾ لڳائي. جهانگير جي ڏينهن ۾ سندس پُٽ شاهه جهان 1603 ۾ ٺٽي جو دورو ڪيو…. بعد ۾ جڏهن هي شهنشاهه بڻيو ته سن 1647 ۾ هن ٺٽي ۾ جامع مسجد ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو جيڪا شاهه جهان مسجد سڏجي ٿي.

جهانگير 1627 ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ شاهه جهان جنهن کي ”خرم“ به سڏيو ويو ٿي، تخت تي ويٺو. بنارس شهر ۾ گهمڻ دوران عالمگيري مسجد وٽ اسان جي سک گائيد جڏهن اهو ٻڌايو ته ”مغل شهنشاهه اورنگزيب هن شهر ۾ هيءَ مسجد ٺهرائي آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ توهان سنڌ کان آيا آهيو.“ (هن سمجھو ٿي ته مغلن جون ٺهرايل عمارتون فقط انڊيا ۾ آهن).. سو مون کلندي چيو مانس ته ”اورنگزيب جي هيءَ توهانجي شهر بنارس ۾ ٺهرايل مسجد کان اڳ ۽ سندس پيءُ شاهجهان اسان جي شهر ٺٽي ۾ مسجد ٺهرائي هئي.“ دل ۾ مون چيو ته اسان جي ڪوتاهين، ٽوئرسٽ ڊپارٽمينٽ جي سستي ۽ حڪومت جو Law & Order تي ڌيان نه ڏيڻ ڪري ان کي ماڻهو ڏسڻ نٿا اچن نه ته ٺٽي واري مغلن جي مسجد جي مقابلي ۾ بنارس جي هيءَ مغلي مسجد ڪنهن فلم جو فقط ”ٽريلر“ ٿي لڳي.

مغل شهنشاهه شاهه جهان کي چار پٽ هئا جن جي وچ ۾ سندس وفات کان اڳ اچي تخت تان جهيڙو ٿيو. دارا شڪوه، شاهه شجاع، اورنگزيب ۽ مراد ۾ اورنگزيب سڀ به قابل، اٽڪلي ۽ لائق هو. 1658 ۾ جيئن ئي شاهه جهان بيمار ٿيو ته دارا شڪوه (ممتاز محل جي وڏي پٽ) پيءُ جي پاران ريجنٽ جي حيثيت ۾ حڪومت هلائڻ لڳو. ان ڳالهه ٻين ڀائرن جي دل ۾ ساڙ ۽ دشمني پيدا ڪئي. شجاع ان وقت بنگال جو وائسراءِ ۽ مراد گجرات جو وائسراءِ هو. هنن پنهنجي پنهنجي علائقي کي خود مختياري ڏيڻ  جو اعلان ڪيو ۽ آگره پنهنجي ڀاءُ دارا شڪوه تي حملي لاءِ وڌيا جيئن پيءُ جي ملڪيت هيرن جواهرن ۾ حصو پتي حاصل ڪري سگهجي.

اورنگزيب جيڪو سڀ ۾ سياڻو هو تنهن هڪ بهترين آرمي ٺاهي ان جو ڪمانڊر ان چيف ٿيو. آگره پهچي پهرين سڀني گڏجي پنهنجي وڏي ڀاءُ کي موچڙا هنيا ۽ سندس فوج کي پڻ شڪست ڏني. ان بعد اورنگزيب پنهنجي باقي ٻن ڀائرن جون اکيون ڪڍرائي پوءِ قتل ڪري ڇڏيو.

ان دوران شاهجهان (سندس پيءُ) چاق ٿي ويو، پر هن (اورنگزيب) اهوئي اعلان ڪيو ته هو ڪنهن به ڪم جي لائق نه رهيو آهي ۽ هن کي آگري واري قلعي ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو.. اسان جو لاهور وارو دوست مستنصر تارڙ چوندو آهي ته ”ڏس الطاف! تون ٿو چوين ته اورنگزيب مرد مومن ۽ درويش صفت انسان هو… هي آهن مسلمانن جا ڪم؟ اسلام ۾ ته ڪنهن غير مسلم کي قتل ڪرڻ جي به اجازت ناهي ۽ پوڙهي پيءُ سان آخري ڏينهن ۾ هي ظلم ڪرڻ ڪهڙي مسلماني آهي… ڪهڙو اسلام آهي؟“ ۽ اسان جو ٻيو لاهوري يار حسن نثار چوندو آهي ته ”بابا ڳالهه ٻڌو… اڄ جا سياستدان ۽ حاڪم نالو جمهوريت جو ٿا وٺن، پر هن ملڪ کي پنهنجي جاگير ٿا سمجھن. هو هن ملڪ جا چونڊيل نمائندا ۽ خدمتگار سمجھڻ بدران بادشاهه ٿا سمجھن ۽ هرڪو پنهنجي پٽ/ڌيءَ کي تيار ٿو ڪري ته هن بعد اهو هن تخت تاج جو مالڪ ٿئي. اڙي ڪمبختو! ائين ته مغل شهنشاهه به نٿي ڪيو. هنن جي مرڻ بعد هنن جو اولاد ضرور حاڪم ٿيو ٿي، پر انهن مان اهو ٿيو ٿي جنهن پنهنجو پاڻ کي سڀ ۾ قابل مڃرايو ٿي.. هِتي اسان وٽ به کڻي ڪو چريو هجي، جاهل هجي پر هن کي نه فقط سياست ۾ آڻڻو آهي، پر حاڪم به بڻائڻو آهي.“

حسن نثار جو اشارو يقينن اورنگزيب ۽ سندس ڀائرن ڏي هوندو. بهرحال شاهه جهان عمارتون ٺهرائڻ کان مشهور آهي خاص ڪري ”تاج محل“ کان جيڪو هن پنهنجي پياري زال ”ارجمند بانو“ جي ياد ۾ ٺهرايو جيڪا تاريخ ۾ راڻي ”ممتاز محل“ جي نالي سان مشهور ٿي. آگري جي تاج محل ۽ ٺٽي جي شاهجهان مسجد کان علاوه ڪجهه ٻيون شيون جيڪي شاهه جهان ٺهرايون هن ريت آهن:

لال قلعو ۽ جامع مسجد دهلي، شاليمار باغ لاهور، لاهور واري قلعي جا ڪجهه حصا جيئن ته شيش محل ۽ نو لکها پويلين، آگري فورٽ جا ڪيترائي حصا، لاهور جي وزير خان مسجد، موتي مسجد ۽ پنهنجي پيءُ جهانگير جو مقبرو ۽ شاهه جهان مسجد. شاهجهان ”تخت طائوس“ (مور وارو تخت) پڻ  ٺهرايو جنهن جي هاڪ اڄ تائين سڄي دنيا ۾ آهي… جيڪو تخت بعد ۾ نادر شاهه جڏهن دهليءَ کي 1739ع ۾ اچي باهه ڏني هئي ته اهو ۽ ٻيا هيرا جواهر (ڪوهه نور ۽ درياهه نور هيرا) ۽ مال ملڪيت لٽي ڦري ايران کڻائي ويو. هِتي ان بنا بخئي (ڳنڍ) واري دنيا جي گلوب جو به ذڪر ڪندس جيڪو شاهجهان جي همت افزائي سان ٺٽي جي هڪ سنڌي محمد صالح ٺٽويءَ 1659 ۾ ٺاهيو جنهن تي ملڪن ۽ سمنڊن جا نالا عربي ۽ فارسي ۾ لکيا. هن گلوب جي تياري کان فقط سال اڳ شاهجهان کي سندس پٽ اورنگزيب تخت تان لاهي آگري جي قلعي ۾ نظر بند ڪري رکيو.

شهنشاهه شاهجهان تخت تي ويهڻ سان 1629 ۾ پنهنجي نالي جي صحيح سان سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا جاري ڪيا. هونئن باءِ دي وي ”شهنشاهه شاهجهان“ جو سڄو نالو جنهن سان هن کي مخاطب ڪيو ويندو هو يا درخواستن ۽ خطن تي لکيو ويو ٿي، هن ريت هو:

“شهنشاهه السلطان الاعظم والخاقان المڪرم، مالڪ السلطنت، اعليٰ حضرات ابوالمظفر شهاب الدين محمد شاهه جهان اول، صاحبِ قرانِ ثاني، پادشاهه غازي، ضلِ الاهي، فردوس آشياني، شهنشاهِه سلطنت الهند والمغليه.“

شاهه جهان پنجون مغل شهنشاهه هو هن هندستان تي 1628 کان 1658 تائين ٽيهه سالَ راڄ ڪيو. شاهجهان 1592 ۾ جهانگير جي گهر ۾ سندس هندو راجپوت زال تاج بيبي بلقس (مان متي) مان ڄائو. شاهجهان ننڍو هو ته پنهنجي ڏاڏي اڪبر وٽ رهيو ٿي ۽ هُنَ ئي هِنَ جو پيار مان نالو ”خرم“ رکيو. شاهجهان جڏهن ڇهن ڏينهن جو ٿيو ته سندس ڏاڏي اهو حڪم جاري ڪيو ته ننڍڙي شهزادي کي سندس راجپوت ماءُ بدران سندس (يعني اڪبر جي) پهرين زال رقيه سلطان بيگم نپائيندي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مغل شهنشاهن ۾ شهزادي خرم (شاهجهان) کي سڀ کان گهڻي ۽ ان وقت مطابق اعليٰ تعليم ڏني وئي.

1607 ۾ شهزادي خرم جو ارجمند بانو بيگم سان مڱڻو ٿيو جڏهن هو 15 کن سالن جو هو. ڪن سببن ڪري شهزادي خرم جي ارجمند بانو (جيڪا پوءِ ممتاز محل سڏي وئي ۽ جنهن جي ياد ۾ تاج محل ٺهيو) سان مڱڻي بعد شادي 5 سال دير سان ٿي. ان دوران شاهجهان ميوار جي مها رانا امر سنگهه جي هندو ڌيءَ شهزادي امبر سان شادي ڪئي. هن مان کيس هڪ ڌي ڄائي جيڪا ننڍي هوندي گذاري وئي. …(هلندڙ)….