ڪتاب تي تبصرو

يووال نوح هراري جا ايڪيهين صدي بابت خيال سجاد الحق ڪانڌڙو Aug 2020

گذريل سال اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ھڪ ڪيس جو فيصلو ڏنو ھو، جنھن ۾ ھن دھشتگردي جي تشريح ڪندي ھڪ ڪتاب جو حوالو ڏنو ھو. اھو فيصلو پڙهڻ کانپوءِ مون اھو ڪتاب پنھنجي مطالعي واري ڪتابن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ھو. موجوده وبا واري صورتحال دوران اھو ڪتاب يعني ”ايڪيھين صدي جا ايڪيهه سبق“ پڙھڻ جو موقعو مليو. ھي ڪتاب ھيبريو يونيورسٽي آف يروشلم ۾ ھسٽري پڙھائيندڙ پروفيسر يووال نوح ھراري جو لکيل آھي. ھن ڪتاب کان پھرين ليکڪ پنھنجي لکيل ٻن ڪتابن Sapiens ۽Homo Deus  جي ڪري ئي ته ڪافي شھرت ڪمائي چڪو ھو. سندس ڪتاب ھيل تائين پنجاھ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آھن، پر سندس ھي ٽيون ڪتاب “ايڪيھين صدي جا ايڪيهه سبق” ليکڪ جي مشھوري جو ويتر گھڻو سبب بڻيو آھي. پروفيسر ھراري پنھنجي ھن ڪتاب ۾ جن معاملن کي بحث ھيٺ آندو آھي، اُھي ھلندڙ دور ۽ ويجھي مستقبل ۾ يعني ايڪيھين صدي جي انساني سماج کي بطور چئلينج درپيش آھن.

ايڪيھين صدي تي ڳالھائڻ کان پھرين پروفيسر ھراري ويھين صدي جو جائزو وٺندي لکي ٿو ته انسان حقيقتن بدران ڪھاڻين ۾ سوچيندو آھي. ھر شخص،گروهه ۽ قوم کي پنھنجا قصا، داستان ۽ ڏند ڪٿائون آھن، پر ويھين صدي دوران عالمگير Global  اشرافيه ٽي مشھور ڪھاڻيون ٺاھيون، فاشسٽ ڪھاڻي، ڪميونسٽ ڪھاڻي ۽ لبرل ڪھاڻي. ٻي مھا ڀاري لڙائي فاشسٽ ڪھاڻي کي هٽلر سميت لوڙھي ڇڏيو ۽ اسي جي ڏھاڪي تائين ٻن ڪھاڻين يعني ڪميونزم ۽ لبرل ازم وچ ۾ سخت نظرياتي جنگ رھي. آخرڪار ڪميونسٽ ڪھاڻي به پڄاڻي کي پھتي ۽ لبرل ازم اڪيلي سر مسلط پئي رھي، پر جيئن ته تاريخ کي غير متوقع رُخ ھوندا آھن. سو ھاڻي ته لبرل ازم به بند گلي ۾ آھي ۽ پنھنجي ساک وڃائي رھيو آھي. خاص طور تي اھو به ان وقت جڏھن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بايو ٽيڪنالاجي جا ٻه غير معمولي انقلاب پوري انساني سماج کي ھڪ اھڙي چئلينج طور سامھون آھن شايد ئي اھڙا چئلينج ان کان اڳ آيا ھجن.

لبرل ازم جو سياسي ۽ معاشي نظام صنعتي دور جي ابتدا جو تشڪيل ڏنل آھي جنھن ٻاڦ جي انجڻ، آئل ريفائنري، ٽيليويزن سيٽ جھڙن سڌين ۽ سادين شين جو انتظام ڪيو. ليکڪ موجب ان نظام کي ھن غير معمولي ۽ پيچيده انقلاب سان منھن ڏيڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رھي آھي جيڪو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ حيرت انگيز ترقي سان آيو ۽ جنھن ۾ اڃان نواڻ اچڻي آھي. نئين ٽيڪنالاجي کي ڪنھن ضابطي ۾آڻڻ ته پري جي ڳالھه آھي.ھن وقت سياستدان ۽ ووٽ ڏيندڙ ھن نئين ٽيڪنالاجي کي سمجھڻ کان ئي قاصر آھن.

اوڻيهه سئو نوي جي ڏھائي کان انٽرنيٽ ۽ خلائي ماحول Cyberspace  جي دنيا ۾ شروع ٿيل انقلاب تمام گھڻو اڳتي نڪري چڪو آھي، پر مسئلو اھو آھي ته ھن انقلاب جي اڳواڻي سياسي رھنـمائن بدران سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڪئي. ان ڪري ھن وقت تائين جمھوري نظام کي ڪا خاص سُڌِ ٻُڌِ ئي ناھي. جمھوري نظام ھن وقت تائين اھو سمجھڻ جي ڊُڪ ڊوڙ ۾ آھي ته ان سان ٿيو ڇا؟ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بايو ٽيڪنالاجي جو ھي جاڙوtwin  انقلاب نه صرف سماجي ۽ معاشي نظام کي نئين سر تشڪيل ڏئي سگھي ٿو، پر اسان جي جسم ۽ ذھن جي به نئين سر تشڪيل جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

دنيا ۾ نين ايجادن جي ڪري نيون تبديليون ته رونما ٿينديون رھيون آھن جن انساني سماج تي تمام گھرا اثر ڇڏيا آھن. ايئن ئي پروفيسر ھراري موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي انقلاب سبب ڪيتريون ئي غير معمولي تبديليون ايڪيھين صدي جي انساني سماج کي لاحق آھن، جيڪي ان ڪري به خوف ڏياريندڙ آھن ته ھن وقت تائين جيڪي به مشينون ايجاد ٿيون آھن.تن فقط انسان جي جسماني صلاحيت کي نه رڳو للڪاريو، پر ان جي جاءِ به پئي ورتي، پر پوءِ به انھن مشينن جي استعمال سميت کوڙ معاملن ۾ ذھني Cognitive برتري وري به انسان کي ئي حاصل رھي. جيتوڻيڪ ھاڻي ته مصنوعي ڏاھپArtificial Intelligence  انسان جي ذھني صلاحيت کي به للڪارڻ لڳي آھي.

بنيادي طورAI  مصنوعي ڏاھپ، ايڪيھين صدي جي ايجاد ٿيل اھڙي ذھانت جو نالو آھي جيڪا انسانن پاران مشينن ۾ وڌي وڃي ٿي جنھن سان مشينون يا ڪمپيوٽر ماڻھن وانگر سکي دليلن ۽ انگن اکرن جي بنياد تي پاڻ فيصلا ڪري انھن تي پاڻ بنا ڪنھن انساني مداخلت جي عمل ڪري سگھن ٿيون.

ايندڙ ڏينھن ۾ اسان انسانن جي استعمال جا ڪمپيوٽر ۽ موبائل اسان کي اسان کان وڌيڪ سڃاڻي سگھندا. ھو اسان جي اک ۽ آڱر جي چُرپر کي پيا نوٽ ڪندا. اسان ڪيتري شيءِ کي ڪيترو به ڏسون ٿا، ڪھڙي ويب سائيٽ کي ڪيترا ڀيرا کوليون ٿا. ڪنھن سائيٽ تي خوبصورت مرد يا عورت کي ڏسڻ وقت اسان جي اکين جي حرڪت کان ويندي سياسي، مذھبي تحرير پڙھڻ وقت ڏيکاريل رد عمل تائين ھر شيءِ پئي نوٽ ٿيندي ۽ ڊيٽا جي صورت ۾ مختلف هنڌن تي منتقل ٿيندي رھندي. ان جي ڪري ايندڙ دور جو سڀ کان اھم اثاثو زرعي زمين، سون، تيل، فيڪٽريون نه پر ڊيٽا ھوندي. تنھنڪري مستقبل انھن جو ھوندو جن وٽ ڊيٽا وڌيڪ ھوندي. دنيا جون وڏيو وڏيون ڪمپنيون ڊيٽا حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ گوءِ کڻڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آھن.

ليکڪ چواڻي ٽيڪنالاجيڪل انقلابTechnological revolution  سان 2050 تائين ڌونئرو/ڏھي ٺاھڻ کان ويندي يوگا جي سکيا تائين گھڻي قدر ڪم جو ھر شعبو مھا تبديلي مان گذرندو. دنيا جي اڌ آبادي جو نه صرف بيروزگار ٿيڻ جو انديشو آھي، پر اھو به چيو ويو آھي ته دنيا جي تقريبن اڌ آبادي جديد دور جي تقاضائن تي پورو نه لھڻ سبب بي مقصد(useless class) بڻجي ويندي.

در حقيقت، ايڪيھين صدي جو انساني سماج ھڪ اھڙو سماج ھوندو جنھن ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي اڻ برابري ھوندي.

ايڪيھين صدي کي درپيش ٻئي اھم مسئلي دھشتگردي بابت ليکڪ چوي ٿو ته، دھشتگردي ھڪ اھڙي جنگي حڪمت عملي جو نالو آھي جنھن ۾ Material damage بدران خوف ۽ دھشت جي ڦھلاءُ ذريعي سياسي صورتحال جي تبديلي متوقع ھوندي آھي.

دھشتگردي خلاف جدوجھد ۾ حڪومتون تڏھن ئي ڪامياب ٿي سگھنديون، جيڪڏھن اھي عوامي دٻاءُ ۽ خوف ۾ اچي اٻھرائپ ۾ فيصلا ڪرڻ بدران دھشتگردي خلاف ڳجهيون ڪارروايون ڪنديون. ان کان علاوہ ميڊيا ذميواري جو مظاھرو ڪندي دھشتگردي جي واقعن کي پذيرائي گھٽ ڏئي. ڇو جو دھشتگرد ذھنن کي قابو ڪرڻ جا ماسٽر آھن. اُن سبب ئي ھو اھڙي طرح خوف ۽ دھشت جي فضا طاري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آھن جو ماڻھن کي لڳندو آھي ته دھشتگردي تمام وڏو مسئلو آھي. جڏھن ته دھشتگردي سبب مرڻ وارن ماڻھن جو تعداد ايترو گھڻو ناھي ھوندو، پر ان جا نفسياتي اثرَ تمام گھڻا ھوندا آھن. مختلف انگن اکرن ذريعي پروفيسر ھراري اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته پوري دنيا اندر ٻين سببن جھڙوڪ:  ٽريفڪ حادثن، ماحولياتي گدلاڻ، ذيابيطس جي ڪري مرندڙ ماڻھن جو تعداد دھشتگردي ۾ مرندڙ ماڻھن کان وڌيڪ آھي.

ان کان علاوه ھلندڙ وقت ۽ ويجھي مستقبل جا ٻيا ڪيترا ئي اھم موضوع جھڙوڪ: ماحولياتي تبديلي، ايٽمي جنگ، لڏ پلاڻ، مذھب، تھذيبون، برابري، آزادي، سيڪيولر ازم، قومپرستي جي اڀرندڙ لھر، جمھوري سياست، آزاد منڊي، انصاف، سائنس فڪش، تعليم وغيره ھن ٽي سئو صفحن تي ٻڌل شاندار ڪتاب جو حصو آھن، جن کي ليکڪ سبق(lessons)  ڪوٺيو آھي. ھي ڪتاب واقعي نھايت ئي ڪارائتو آھي. جنھن ۾ انسانن جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي پيچيدگين جي آگاھي ڏنل آھي.