ٻاراڻي ادب ۾ اديب، استاد ۽ نصاب جو ڪردار ڊاڪٽر ذوالفقارعلي جلباڻي
تعارف: هن مضمون کان اڳ ۾ اسان جو موضوع هو: ”ٻاراڻي ادب جي اوسر ۾ نصاب جو ڪردار“ مذڪوره مضمون به اڳئين مضمون جي هڪ ڪڙي سمجهڻ گهرجي. هن مضمون لکڻ جو بنيادي مقصد هي آهي ته اسان کي پنهنجي هلندڙ دور ۽ مستقبل لاءِ اهڙا انسان گهرجن جن وٽ ايمانداري، شرافت، انسانيت، علم ۽ عقل جا خزانا هجن. اهڙا انسان تڏهن ئي تيار ڪري سگهنداسين، جڏهن اسان جا اديب ۽ استاد پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندا. غلام مصطفيٰ سولنگي لکي ٿو ته: ”ٻار انساني سماج جي خوبصورت وٿ ۽ ڪارائتو سرمايو آهن، ٻارن سان نه رڳو انساني سماج جي سونهن برقرار آهي، پر ٻار انساني نسل جي ارتقا جا مظهر پڻ آهن. انساني سماج ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سڀ کان اهم ۽ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته ٻار ئي مستقبل جا معمار آهن ۽ اهي ئي مستقبل ۾ اهم ذميواريون سنڀالين ٿا. ان ڪري انهن جي صحيح تربيت لاءِ گهڻ پاسائين ڌيان جي ضرورت آهي.“ (1) جيترو اسان جو اديب باشعور هوندو ۽ اسان جو استاد ٽريننگ يافته علم ۽ عقل جو اڪابر هوندو، اسان جي قوم کي اهڙو نسل تيار ڪري ڏيندو جنهن سان چئني طبقن ۾ اسان جي قوم جو نالو روشن ٿيندو. اسان وٽ ٿئي ڇا ٿو جو استاد جي مسئلن ڏانهن توجھ گهٽ ڏنو وڃي ٿو ۽ مجبورن هن/هنن کي روڊن ۽ رستن ڏانهن اچڻو پوي ٿو، آخر ڇو؟ ان جا سبب ۽ ڪارڻ اسان جي آفيسر شاهي آهي جو انهن کي پنهنجي جائز مسئلن لاءِ به پريشان ۽ آفيسن جا چڪر ڪاٽڻا پون ٿا ۽ ٻارن جي تعليم ۾ رڪاوٽ پوي ٿي. بهرحال استاد جو ڪم ئي اسڪول ۾ موجود هجڻ سان گڏ تعليم ڏانهن ڌيان ڌرڻ آهي. جونيئر استادن جي سينئر استاد ۽ سٺا آفيسر انهن جي مانيٽرنگ ڪن ته هن وقت اسڪولن ۽ ڪاليجن توڙي يونيورسٽين ۾ استادن ۽ شاگردن جا ڪهڙا مسئلا آهن. سکيا جي عمل کان ويندي ڪورس جي ڪتابن تائين ڇا ٿو پڙهايو وڃي. نصابي ڪتاب ۽ انهيءَ ۾ موجود مواد جي وڏي اهميت آهي ۽ انهيءَ تي به نگاھ وڌي وڃي.
ڪتابن جا تخليقڪار يعني اديب جو ڪردار:
اسان جي هن مضمون لکڻ جو خاص مقصد هي آهي ته سنڌي ۾ زبان شروعاتي ڪهڙا ڪتاب هئا جن تان اسان جا استاد، شاگرد ۽ عام پڙهندڙ استفادو حاصل ڪندا هئا. پروفيسر منگها رام ملڪاڻي لکي ٿو ته: ”مفيد الصبيان“ ميران محمد شاھ اول (1861ع) جو هيءُ ڪتاب ٻارن لاءِ آکاڻين جو پهريون مجموعو هو، جنهن ۾ وندرائيندڙ ۽ فائديمند آکاڻيون ڏنل هيون ۽ هنديءَ تان ورتل هو.“ (2) مذڪوره ڪتاب کان اڳ ۾ ڪي ٻارن لاءِ ڪهاڻيون لکيون ويون آهن انهن ڪهاڻين ۾، غلام حسين قريشي جي ’ڀنڀي زميندار جي ڳالھ‘ (1854ع)، ميران محمد شاھ (اول) جي ’سڌا توري ڪڌا توري‘ (1855ع) مٿيون ٻئي ڪهاڻيون بنسي ڌر چرنجي لال جي هندي قصن تان ورتل هيون ۽ سنڌيءَ ۾ اوائلي آکاڻين مان هيون.“ (3) جڏهن شروع ۾ ڪي ايترا ڇپائيءَ جا مرڪز نه هئا ته آکاڻين، قصن ۽ ڪهاڻين کي گهر ۾ ڪي وڏڙيون ۽ وڏڙا ٻارن کي وندارئڻ لاءِ زباني ڪلامي قصا ۽ آکاڻيون جيڪي پکين ۽ جانورن متعلق هونديون هيون سي پڻ ٻڌائيندا هئا. جڏهن ته هن وقت دنيا جا رنگ ۽ ڍنگ تيزي سان بدلجي رهيا آهن ۽ دنيا جي جديد توڙي قديم ادب کي وقت ۽ حالات جي روشنيءَ ۾ پرکڻو، ڏسڻو ۽ تپاسڻو پوندو. ماضيءَ جي ادب جي اڀياس مان جا ڳالھ آڏو اچي ٿي ته دنيا جي ٻولين جي ادب جي شروعات نظم کان ٿي آهي. اهو ادب اڪثر ڪري ڏند ڪٿائي انداز جو آهي، انهيءَ ڏند ڪٿائي ادب ۾ موجود ڪهاڻين ۽ قصن جا ٺاهيندڙ ۽ جوڙيندڙ ڪير هئا. اهڙين ڪهاڻين ۽ قصن جوڙيندڙن جو ڪونه ڪو مقصد ۽ مراد ضرور هوندو. مقصد بنا ڪا ڳالھ ٿي نه ٿي سگهي. اُهي قصا ۽ ڪي ڪهاڻيون جن جا جوڙيندڙ گمنام آهن ڪنهن کي معلومات نه آهي ڇاڪاڻ جو انهن آکاڻيڪارن بابت ڪابه لکت نٿي ملي جنهن مان معلوم ٿي سگهي ته اُهي آکاڻيون ڪنهن جوڙيون آهن. پروفيسر منگها رام ملڪاڻي لکي ٿو ته: ”چٽِي سانڀر آهي، مثال: ڪي ڪهاڻيون نانين ڏاڏين ٻڌايون ’الڙ بلڙ‘ ،’هيتلي کيتلي‘ ،’جهرڪ ۽ جهرڪي‘ ۽ ’وندر ۽ ريجھ‘ ڪهاڻيون جي نهايت ئي دُکدائڪ يا نهايت کلائيندڙ هونديون هيون جن جو اثر وڏي ڄمار تائين به دل تي ڇانيو پيو آهي.“ (4) سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ مختلف رسالن ۽ سنڌ جي ادبي تاريخن جي اڀياس مان هي به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻاراڻيون آکاڻيون جيڪي ٻارن لاءِ نهايت ئي سبق آموز سمجهاڻين سان گڏ انهن جي سوچ ۽ احساس ۾ واڌارو ڪن ٿيون سي، انگريزن جي حڪومت جي ابتدائي زماني ۾ منظر عام تي اچڻ شروع ٿيون. ”سنڌيءَ ۾ پهرين نثري آکاڻي جا ڇاپي ۾ آئي، سا هئي مشهور لوڪ- ڪهاڻي تي ٻڌل آکاڻي ’راءِ ڏياچ ۽ سورٺ‘ جي، جنهن جو لکندڙ ڳچ عرصو گمنام هو، پر پوءِ جناب محمد صديق ميمڻ جي لکيل ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (1937ع) مان معلوم ٿيو ته اهو سنڌي نثر جو پايو وجهندڙن مان هڪڙو، منشي اڌارام ٿانور داس هو. اها آکاڻي ڪئپٽن اسٽئڪ جي ”سنڌي گرامر“ (1849ع) ۾ ضميمي طور ڏنل هئي، جو ديو ناگري لپيءَ ۾ ڇپيو هو، ڇو جو عربي لپي تيار ئي 1853ع ۾ ٿي. هي آکاڻي ٺيٺ ۽ نبار سنڌيءَ ۾ لکيل هئي جنهن مان جهوني زماني جو هڳاءُ پيو اچي. سن 1861ع ۾ اها آکاڻي ٻين ڏهن فارسي ۽ اردو تان ترجمو ڪيل مزيدار نقلن سان شامل ڪري منشي اُڌا رام نئين صورتخطيءَ ۾ هڪ مجموعو ڇپايو هو. اها پهرين سنڌي آکاڻي هڪ مجموعي درسي ڪتاب ۾ ڇپيل ننڍي هوندي اسڪول ۾ ڏاڍي چاھ سان پڙهندا هئاسين.“ (5) سنڌ جي ادبي تاريخن جي مطالعي مان هي به ڳالھ ظاهر ٿئي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ديوان ڪوڙي مل چندن مل ٻاراڻي ادب تي ڀلو ڪم ڪيو آهي. سن 1891ع ۾ ديوان سنڌيءَ ۾ پهريون اصلوڪيون آکاڻيون جوڙيندڙ ۽ لکندڙ اديب هو جنهن جي آکاڻين ۾ سهڻي سمجهاڻي ڏنل آهي جنهن مان هرڪو پڙهندڙ ۽ خاص طور ٻار استفادو حاصل ڪري سگهن ٿا. انهيءَ سان گڏ سندس سُرل ٻاراڻي ٻوليءَ ۾ آکاڻي کڻڻ جو ڍنگ ڏيکاري ٿو:
”هڪڙو هو جهنگ، انهيءَ جهنگ ۾ هُيون ٻه هرڻيون. هڪڙي هئي وڏي ٻي هئي ننڍڙي، وڏڙي هرڻي هئي ننڍڙي هرڻي جي ماءُ. هڪڙي ڏينهن اُڀ ۾ گهڻا ڪڪر ٿيا ۽ واءُ لڳو. وڏيءَ هرڻيءَ چيو ننڍڙي هرڻي کي، اڄ مان جهنگ مان ٻاهر ڪينَ وينديس. اڄ ڏينهن آهي ٿڌو سو ماڻهو بندوقون کڻي ايندا شڪار ڪرڻ ۽ هرڻي ڏسندا ته بندوقون هڻي ماري وجهندا. تون به اڄ ٻاهر متان نڪرين! پر ننڍڙي هرڻيءَ ماءُ جو چيو ڪينَ ڪيو.“ (6) هن آکاڻي ذريعي ٻارن کي سمجهاڻي ڏيڻ واسطي جانورن ۽ پکين کان ڳالهرائي انهن جي شعور ۾ پختگي سان گڏ اهو پڻ احساس ڏياريو ويو آهي ته اهڙن معصوم ۽ بي زبان جانورن تي رحم ڪرڻ گهرجي. ٻاراڻو ادب جيترو سٺو ۽ من موهيندڙ هوندو، ٻار اُن کان ايترو اثر قبول ڪندو آهي، ۽ اهو ٻار جڏهن وڏو ٿئي ته ان جي عمر سان گڏ سوچ ويچار ۾ جيئن جيئن پختگي اچي ٿي تيئن تيئن اُن جي دل ۽ دماغ تي رحمدليءَ جو احساس اڀري ٿو، گناھ کي گناھ ۽ ثواب کي ثواب سمجهڻ جي لائق ٿي وڃي ٿو. اهو ئي ٻارُ وڏو ٿي پنهنجي ملڪ، قوم ۽ سماج لاءِ ڪارگر انسان ٿي اڀري ٿو. جن ٻارن سٺو نصاب پڙهيو۽ بهترين استاد مليو تن دنيا ۾ وڏو نالو ڇڏيو آهي. اهو سمورو سهرو اديب، استاد ۽ نصاب ڏانهن وڃي ٿو. سنڌي ٻاراڻي ادب بابت شروعاتي ڪتابن ۾ ٻار کي گهڻي کان گهڻو مرڪز ٺاهيو ويو ۽ انهن ڪتابن جي ذريعي نون اديبن ۽ استادن جي معلومات ۽ اصلاح خاطر بهترين ڪتابن جي ڇپائي ٿي، جن ۾ استادن جي سکيا کي به مد نظر رکيو ويو ته هڪ استاد کي نظم ڪيئن پڙهائڻ کپي، نثري آکاڻيون ٻارن کي ڪيئن سمجهائبيون ۽ پڙهائبيون آهن؟ ڪن مشهور شخصيتن جي عظمتن ۽ ڪارنامن کي ڪهڙي ريت بيان ڪجي. جيڪڏهن ڪهاڻي پڙهائجي ٿي ته اُن جي اهم نقطن تي گهڻو ڌيان ڇڪرائڻ سان گڏ ڪهاڻي جي مکيه مقصد کان ويندي استاد کي ان بابت اڳواٽ سٺي تياري ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو هُو جن ٻارن کي پڙهائي رهيو آهي اهو ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته انهن وٽ عمر جي حساب سان ڪيتري سمجهڻ جي صلاحيت آهي، پوءِ پنهنجي مخصوص انداز سان ٻارن کي سمجهائڻ کانپوءِ، سوال پڇڻ گهرجي ته اوهان هن ڪهاڻي مان ڇا حاصل ڪيو ۽ هن ڪهاڻيءَ جو ڪهڙو مطلب، نقطو ۽ اسان هي ڪهاڻي ڇا لاءِ پڙهيسين ۽ ڪهڙو فائدو ٿيو؟ يقينن استاد سبق سيکارڻ کان پهرين اڳواٽ تياري ڪري ۽ پنهنجي ذهن ۾ هڪ خاڪو تيار ڪري ٿو ته سڀاڻي مون کي، ڪلاس ۾ ڪهڙو سبق پڙهائڻو آهي ۽ سبق ۾ ڪهڙا نوان لفظ آهن جن بابت ٻارن کي ڄاڻ ناهي، ان جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهائڻو آهي ۽ آخر ۾ مشق ڪرائڻي آهي. سبق پڙهائڻ دوران نون لفظن سان گڏ ڪن اصطلاحن، پهاڪن، محاورن، چوڻين ۽ اشتقاقن متعلق ٻارن کي معلومات ڏيڻ کان ويندي جيڪڏهن بيت ۽ نظم پڙهائڻو آهي ته اُن جي مرڪزي خيال تي ڌيان ڏئي ٻارن کي اهڙي انداز ۾ سيکارڻو آهي جو ٻارن جي دلچسپي ۽ ڌيان استاد کي ٻڌڻ ۽ ان کي سمجهڻ ڏانهن ڇڪي وڃي. استاد جي شخصيت ۽ ڪردار جو ٻار تي وڏو اثر ٿيندو آهي. سبق پڙهندي ۽ سکندي سکندي پاڻ کي استاد جي ڪردار ۾ محسوس ڪن ٿا.
استاد تي وڏيون ذميواريون آهن، هُو سماج سُڌاريندڙ هڪ پيءُ جو رول ادا ڪري ٿو. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي ادب تي چڱو خاصو مواد موجود آهي. نصابي ڪاميٽي سٺن سبقن جي چونڊ سان گڏ ٻارن جي عمر ۽ نفسيات کي مد نظر رکيو آهي جيئن مٿي هڪ آکاڻيءَ جو ٽڪرو ڏنو اٿم، جنهن ۾ هڪ نصيحت شامل آهي ته هميشه وڏن جو چيو مڃڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو وڏن جي عمر پنهنجي حياتي جا ڪيئي لاها چاڙها ڏسي چڪي هوندي آهي ۽ انهن کي زماني جون چڱايون ۽ برايون سڀ سامهون ٿي گذريون هونديون آهن جنهنڪري انهن جون نصيحتون ننڍڙن ٻارن لاءِ اهميت جوڳيون هونديون آهن. اهي وڏڙا ۽ وڏڙيون زماني جي آزمودن ۽ تجربن مان گذري گذري گهڻي کان گهڻو مشاهدو حاصل ڪري پرائيندا ۽ ذهنن ۾ محفوظ ڪري رکندا آهن، جيڪو ننڍن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو آهي. ٻارن جا ذهن اڇي ڪاغذ مثل هوندا آهن، انهن کي سکيا لاءِ وڏن جي تربيت جي ضرورت هوندي آهي، اها ضرورت ڪتابن ۽ زباني طور ٻڌائڻ سان ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سوچ ويچار ۾ اضافو ڪندي آهي. ٻار ننڍن ننڍن جانورن ۽ پکين ۾ گهڻي دلچسپي وٺندا آهن، انهيءَ ڪري اسان جا اديب ٻار جي نفسيات ۽ چرپر ۽ دلچسپين کي سامهون رکي ڪهاڻيون، آکاڻيون، نظم ۽ بيت اهڙا جوڙيندا آهن جن ۾ ٻارن جي گهري دلچسپي قائم رهي. فطرت ۾ موجود وڻن، ٻوٽن، جانورن، پکين ۽ انساني جسم جي اهم عضون اکين، پيرن، هٿن، ٻانهن وغيره جي تصويرن کي ڏسي به خوش ٿيندا آهن. اسان جي استادن ۽ تعليمي ماهرن، ٻارن جي ذهني ۽ فڪري اوسر کي ذهن ۾ رکي، انهن جي سکيا واري عمارت جو بنياد مضبوط ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي آهي. آزاديءَ کان اڳ ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ويا سي ئي ڪتاب، اسان جي ٻاراڻي ادب جي مضبوط ۽ مربوط عمارت کي اڏڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن.
سن 1902ع کان ڪيتريون ئي سکيا ڀريون آکاڻيون لکيون ويون ۽ هيٺيان آڳاٽا اهم ڪتاب آهن:
مرزا قليچ بيگ-’ٻاراڻا شعر‘ 1870ع
ديوان ڪوڙو مل-’سنڌي ڳجهارتون‘ 1888ع
ديوان ڪوڙو مل-’ٻاراڻا گيت‘ 1891ع
مرزا قليچ بيگ-’ٻارن جي وندر يا پروليون‘ 1922ع.“ (7)
پروفيسر منگها رام ملڪاڻي لکي ٿو ته: ”نئين سنڌي لائبريري“ جا آخري اکين ڏٺا ڪتاب: پروفيسر منگها رام ملڪاڻي جو ’ٻاراڻيون ٻوليون‘ (1926ع) ۽ گرڌاري ڪرپالاڻيءَ جو ’رابندر ناٿ جون آکاڻيون‘ (1927ع) ٿا ڏسڻ ۾ اچن.“ (8) انگريزن جي دور ۾ هر قسم جا ٻارن لاءِ ڪتاب لکيا ويا. ٻاراڻين ڪهاڻين جا ڪتاب ڪڍڻ ۽ ٻارن لاءِ لائبريري ٺاهڻ جي مکيه ڪوشش ڪرڻ جو شرف ’سندر ساهتيه منڊل‘ کي ملڻ کپي. هيءُ پهرين ٻاراڻي ساهت ڪڍڻ جو سلسلو 1925ع ڌاري شروع ڪيو ويو ۽ 1947ع تائين هلندو آيو ۽ پڇاڙيءَ ۾’گل ڦل‘ نالي رسالو ڪڍيو ويو.“ (9) ٻاراڻو ادب جيترو نصيحت ڀريو هوندو، اوترو ئي صحتمند معاشرو تعمير پائيندو ۽ اڳتي وڌنڌو ترقي ڪندو رهندو. اسان جي اديبن، استادن ۽ تعليمي ماهرن تي وڏيون ذميواريون آهن ته هُو ٻاراڻي ادب ۽ نصاب کي تر و تازو رکندا اچن جو هر دور جي نمائندگي ٿيندي رهي ۽ اسان جو ٻار وڏو ٿي دنيا جي سمورن شعبن ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري، اهڙو ادب ننڍڙن توڙي نوجوان ٻارن لاءِ وندر سان گڏ ذهني پرورش به مهيا ڪري ٿو. علمي ۽ ادبي لحاظ کان نظم، گيت ۽ بيت توڙي نصيحت ڀريا سبق جي اڄ گهرن ۾ جي نٿا ٻڌايا وڃن ته اسان وٽ ٻيا به ذريعا آهن، اخبارون، ٽيليويزن، رسالا، فيس بڪ، واٽس ايپ وغيره وغيره اچي وڃن ٿا. ڪو دور هو جنهن کي ماضي قريب چئون جو نانيون، ڏاڏيون، مائرون ۽ وڏين عمرين جي بزرگ عورتن جون ٻڌايل زباني آکاڻيون وڏي اهميت واريون هونديون هيون، جنهن سان ٻارن جي ذهني ۽ فڪري تربيت ٿيندي هئي. اڄ گهرن ۾ انهن ٻڍڙين جون ڳالهيون گهٽ ٻڌيون وڃن ٿيون، ننڍا ٻار به موبائل، ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ جو استعمال ڪن ٿا. ڪنهن وٽ به ڪنهن لاءِ وقت ڪونهي هر ڪو پنهنجي مصروفيتن ۾ گم سُم آهي. اهو دور هو جو گهرن، اوطاقن توڙي ذاتي ڪچهرين ۾ ماڻهو هڪٻئي سان مٽن مائٽن، اوڙي پاڙي، راڄ ڀاڳ ۽ دوستين جي ڀرم کي بحال رکڻ جون ڳالهيون ٿينديون هُيون سي سڀ تبديل ٿي ويون آهن. هر دور جي پنهنجي گهرج هوندي آهي. اڳيون دور اسان موٽائي ته نٿا سگهون، پر انهيءَ کي ساري ۽ ياد ڪري، هن جديد دور ۾ ڪي سٺا اخلاقي قدر قائم ڪري سگهون ٿا. سماجي ۽ اخلاقي قدر مهمان نوازي، اٿڻ ويهڻ جا آداب، مٽن مائٽن جو قدر ڪرڻ، اَبي ۽ امان جي ساڃاهه رکڻ، ڀائرن ۽ ڀينرن کي عزت ڏيڻ ۽ انهن جي ڏک سُک ۾ سڏ ڏيڻ، جِي چوڻ، اوڙي پاڙي جي ننگ ۽ ناموس جو خيال رکڻ، جيڪي اسان وڃائي ڇڏيا آهن سي نئين انداز سان بحال ڪري سگهون ٿا. اوطاقن ۾ مردن جون ڪچهريون ۽ گهرن ۾ عورتن جو ڪچهريون نه رهيون آهن ۽ نه ئي وري ڪچهرين ۾ پيش ڪيل اخلاقي قدر سيکاريندڙ ڳجهارتن ۽ پرولين جو رواج عام آهي. اُهي ڪچهريون جيڪي موڪلائينديون موڪلائينديون آخري هڏڪيون ۽ سُڏڪا ڀري رهيون آهن سي سڀ ٻارن لاءِ اٿڻ ويهڻ جا آداب ۽ هرهڪ جي وڻندڙ ۽ ذهني خوراڪ به هُئي سا اکيُن کان ڏور ٿيندي پئي وڃي. اڄ انهن ڪچهرين جي ڪري ئي لغت جو ذخيرو محفوظ ٿي پيو آهي.
ٻارن لاءِ ڳجهارت:
”گلن جي کاري، ڪنهن کي اڌ ته ڪنهن کي ساري
جواب: ماءُ پيءُ
ڏس قادر جي ڪَل، ٻاهران گوشت اندران کل
جواب: پَکِيءَ جي بُڪِي
گهر گهر ۾ ڳاڙهو گهوٽ، وٺي زور ته وٺي چوٽ
جواب: ٽانڊو
ٻارن لاءِ پروليون:
نچي ٿو ناچوءَ وانگر ناچو به نه آهي، پَڙِي پائي ٻار وانگر، ٻار به نه آهي، لٺ کڻي ڪلهي تي، ميهار به نه آهي، ٻڌايو ته ڇا آهي؟
جواب: ڀولڙو
سنڌي ادب ۾ اهڙي قسم جو ادب ٻارن جي دلچسپي سان گڏ ذهني آزمائش ڏانهن به اشارو آهي ته هُو پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ سوالن جا جواب ڳولڻ جو هيراڪ بڻجي. اسان جڏهن پرائمري درجي جي ٻارن جي سنڌي نصاب جو اڀياس ڪريون ٿا ته اسان کي ٻارن لاءِ لکيل لا جواب نظم ۽ بيت ملن ٿا. هت هيٺ هڪ نظم ڪشنچند ’بيوس‘ جو ڏيون ٿا جنهن مان ان جي سهڻي سوچ ۽ فڪر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:
سڀ ڪن تنهنجي ساراھه، قدرت وارا!
نرمل جوتي نور نظارا
ڪوٽان ڪوٽ بڻايئي ڌرتيون،
سـهسين سـج چـــــنڊ تارا ڪتيون،
جـن جو انت نه پارا-قدرت وارا
گلن انـدر سُرهاڻ ڌرين ٿو،
موتين سان مهراڻ ڀريـــن ٿو،
هـيرا لـعل هزارا-قدرت وارا!
جڏهن وڻن تـي واءُ اچي ٿو،
پن پن مان پڙ لاءُ اچـي ٿو،
ڇم ڇم جا ڇمڪارا-قدرت وارا
چهنب چتن ۽ چـيهن کولي،
بلبل ڪوئل ٻُولِي ٻولَي،
مور نچن ناميارا-قدرت وارا
عجب بنايا بجليُون، بادل
بوندون برس برس ڪن ٿاڌل،
واڄٽ ڪن وسڪارا-قدرت وارا
مـلڪ مڙيوئي مندر آهي،
آگو سڀ جي اندر آهي،
ديهن مـنجھ دئارا-قدرت وارا
ساھ اندر جو ساھ کڄي ٿو،
’بيوس‘ سائين ناد وڄـي ٿو،
برپٽ نينهن نقارا-قدرت وارا. (10)
ٻئي طرف ٻاراڻي ادب تي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ديني حوالي سان چڱو ڪم ڪيو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ نعتون لکيون آهن. سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ليکڪ نواز علي ’نياز‘ جو هڪ نظم جيڪو چوٿين درجي جي سنڌيءَ تي رکيل آهي جنهن جو شروعاتي بند هيٺ ڏجي ٿو:
وطن جي حُب جي دل ۾ نه ٿي، ايــمانُ ڪهڙو ٿيو؟
عمل جي ناهي انسان ۾، ته پوءِ انسان ڪهڙو ٿيو؟
اهڙين سهڻين سٽن جو تخليق ٿيڻ ۽ وطن جي اهميت بابت ٻارن کي معلومات ڏيڻ ڪيڏو نه لاڀائتو لڳي ٿو، جنهن سان ٻار جي اندر مان وطن جي حُب اڌما ڏئي ٻاهر اچي ٿي ته وطن ڪيڏي نه پياري شيءِ آهي. اهڙن نظمن کي نصاب ۾ جاءِ ڏيڻ سان ٻارن تي سٺو اثر ٿئي ٿو. اهڙي طرح ننڍن ٻارن لاءِ وطن سان محبت بابت سليم ’ڳاڙهوي‘ جو نظم عنوان: ’هَلو سَبز پَرچَم اُڏاري هلو‘ هڪ لاجواب نظم آهي جنهن جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
وطـن جـي چـمن کي سـنواري هلو،
سـنـواري ســڌاري اجـاري هـلـو.
سـخا جي نـظر سـان نهـاري هـلو،
وفـا جـي اکــر کي اچــاري هلو.
سوين سِـــجَ اُڀَ تـي اڀــاري هـلو،
سڄو سـاٿ ساري سـنڀاري هلو.
ڪدورت ۽ ڪيني کي دل مـان ڪڍي،
فـقـط ديــس جـو ڌيان ڌاري هـلـو.
جبل، جهنـگ، دريـا لتـاڙي لــنگهو،
ڏکـن جـي ڏونـگر کـي ڏاري هـلو.
ڪچائي، ڪُپت، ڪوڙُ ڪوري ڪڍو،
صداقـــت ۽ سـچ جـي سـهاري هلو.
بـلنديءَ جـي عـظمـت جاکــوڙي عَـلَمَ،
زمـاني کي حـيرت ڌيـاري هلـو.
ڪنارا اچـي نيـٺ چـمنــدا قـدم،
تَـوڪـل جـي تُرهي کي تـاري هلو.
هلڻ جـو، وڌڻ جـو، بِگلُ ٿـو وڄـي،
اُٿــو قــافــلي کي اٿــاري هلو.
امانت اوهان کـي، ٿـي سونهي ’سليم‘،
هـلـو سـبز پرچم اڏاري هلو.
اهڙي طرح سليم ڳاڙهوي جو ’پيارا وطن‘ پڻ هڪ سٺو نظم آهي جنهن ۾ شاعر پنهنجي وطن کي اکڙين جا تارا سڏيو آهي ۽ وطن مٿان سر ساھ گهوري ڇڏڻ جو نياپو ڏنو آهي ۽ وطن لاءِ دعا ڪندي هڪ بند ۾ چوي ٿو:
سکيو ستابو شل رهين، ڪوسو لڳي نه توکي واءُ،
ماکي ۽ مصريءَ کان مِٺا، اي جان کان پيارا وطن!
۽ هڪ ٻئي بند ۾ چوي ٿو:
تنهنجي مٽيءَ ۾ مُــشڪُ ۽ تنهنجي هوائن ۾ هڳاءَ،
مـهراڻ جي هر مــوج، ڄڻ امرت سندي ڌارا وطن!
اهڙيءَ طرح سليم ’هالائي‘ امداد حسيني، علي دوست ’عاجز‘ ۽ ٻين جا ٻاراڻي ادب لاءِ نظم ۽ آکاڻين وارو ڪم مثالي نظر اچي رهيو آهي. ٻاراڻي ادب ۾ ديني ڳالهين جي سمجهاڻي کي به اهميت حاصل آهي، ٻاراڻي ادب ۾، الله تعاليٰ جي نعمتن، روزن، مذهبي ڏينهن جو ذڪر ملي ٿو. ملڪي ۽ قومي جهنڊي جي عزت و احترام سان گڏ حڪومت سان محبت ۽ قائد اعظم جي شخصيت کان ويندي، تاريخي ڳوٺن، شهرن، ڳوٺاڻي زندگيءَ جو عڪس پيش ڪيو ويو ته ٻئي طرف صوبن جي ثقافتي احترام جو ڀرپور ذڪر ملي ٿو. وقت گذرندي جيڪي تبديليون آيون آهن انهن کي مرڪز بڻايو ويو آهي، هڪ پاسي ڳوٺاڻي زندگيءَ جو عڪس ملي ٿو ته ٻئي طرف شهري زندگي پسي سگهجي ٿي. نصابي سبقن ۾ ماڻهن جا ڌنڌا، هڪٻئي جو خيال رکڻ، اسان جا حق ۽ ذميواريون، عزت ۽ وقار جي لحاظ کان اسان سڀ برابر پيدا ٿيا آهيون، ٻين کي معاف ڪرڻ، قدرتي وسيلن، اسان جي ڌرتي، اسان جو ماحول، قدرتي وسيلا ۽ زميني وسيلن بابت، زمين، ميدان، پٽ، جبل، ٻيلا، زمين جا مسئلا ۽ اسين انهيءَ تي ڇا ڇا ڪري سگهون ٿا، پاڻي ۽ ان جا وسيلا، اسان جي گهرن تي پاڻي ڪيئن ٿو پهچي، پاڻيءَ جي اهميت، پاڻيءَ جو استعمال ۽ سنڀال وغيره تي اسان جو ٻاراڻو ادب نصاب ۾ شامل ٿيڻ لڳو آهي. نصابي ڪتابن ۽ ادبي تاريخن ۾ موجود نظم ۽ نثر جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جو ٻاراڻو ادب اڃان گهڻو ڪجھ گهري ٿو. سنڌي نصاب ۾ جيڪي نظم ۽ نثر بابت مختلف موضوعن تي جيڪي سبق شامل آهن تن کي هن دور ۾ تجديد جي ضرورت درڪار آهي. اڄ جا ٻار سڀاڻي جي روشن مستقبل جي ضمانت ڏيندا تن جي ذهني ۽ فڪري سوچ ويچار ۽ عمر کي سامهون رکي سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو ٻاراڻو ادب تخليق ڪجي سو سوچي سمجهي زماني وقت ۽ حالات مطابق تخليق ڪجي، جنهن مان ٻارن جي علمي ادبي اوسر درست طرح ٿي سگهي، ان لاءِ وڌ ۾ وڌ اڃا وڌيڪ اضافي ويچار جي ضرورت محسوس ڪجي ٿي. اڳ وارو نصاب پنهنجي زماني جي حساب سان درست هو. ننڍو ٻار هيٺينءَ بيت وانگر آهي:
روئندو آهين دنيا ۾، جڏهن ڪيو وطن،
ٻيا سڀ ٿي کِليا، هو خوش سندن جان تن،
اڄ رھ تون ايئن جو، جي سڀاڻي تون وڃين،
کلندين تون وڃين ۽ ٻيا سڀئي روئندا رهن.“ (11)
عورتن جو ٻاراڻي ادب تي ڪيل ڪم:
جتي مرد اديبن ٻاراڻي ادب تي ڪم ڪيو آهي، اُتي آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ليکڪائن ٻاراڻي ادب تي نهايت ئي سهڻو ۽ سليقي سان ڪم ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو جيترو ٻارن جي نفسياتي ڪيفيت عورت سمجهي ٿي، شايد ڪو مرد ايئن سمجهي سگهي. رسالي ’گل ڦل‘ جي ڇهين ايڊيٽر: نجمه پنهور آهي، جنهن ٻاراڻي ادب کي تمام گهڻي هٿي وٺرائي ۽ ٻاراڻي ادب تي سٺيون آکاڻيون لکيون آهن. آپا شمس عباسي سن 1983ع ڌاري، ميموريل سوسائٽي قائم ڪئي ۽ سوسائٽي وسيلي ڪيترائي پروگرام ڪرائي تعليمي جاڳرتا مهم هلايائين. هن جي زندگيءَ جو سمورو سفر جدوجهد ۾ گذريو. هن تعليم جي واڌاري لاءِ ٻه خانگي اسڪول ’عقيل برائيٽ اڪيڊمي پاڪستان‘ ۽ ’برائيٽ ڪڊس اڪيڊمي لطيف آباد‘ جي نالي سان قائم ڪيا جن جي نگراني پاڻ ڪندي هئي.“ (12)
ارم محبوب:
هن ننڍي ڄمار ۾ ئي نثر ۽ شاعري شروع ڪئي. هن شروع ۾ روزاني ’هلال پاڪستان‘ ڪراچيءَ جي ٻارڙن جي صفحي ’گلڙن جهڙا ٻارڙا‘ ۾ ٻاراڻيون ڪهاڻيون لکيون… ڪجھ وقت ٻارڙن جي اردو رسالن ’نونهال‘ اور ’بچون کي دنيا‘ ”ٽوٽ بٽوٽ“ ۽ ”جگنو“ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن.“ (13) ان علاوه بانو محبوب جوکيو ٻارڙن لاءِ ڪي ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ شاعري به ڪئي آهي.
پــٽيءَ وارا ٻـار
استاد پيو آرام ڪري
مـانـيٽر تي بار.“ (14)
اهڙيءَ طرح ٻين عورتن ۾ تانيا ٿيٻو جون ٻاراڻي ادب بابت ڪي ڪهاڻيون ۽ شاعري ملي ٿي. زاهده تاج ابڙو جون ٻاراڻي ادب لاءِ ڪوششون قابل تعريف آهين، ساڳيءَ طرح شبنم گل ڪيترائي ٻارن بابت پروگرام ڪرائي ٻارن ۾ سجاڳي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ننڍپڻ کان سٺي ماحول ملڻ ڪري لکڻ شروع ڪيو جو اڃان تائين لکي رهي آهي. مريم مجيدي، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، موتيا چنا، مهرالنساءِ لاڙڪ، ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاھ، نجمه نور ڦلپوٽو وغيره وغيره ٻارن جي ادب تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. ومي سدا رنگاڻي سنڌي ادب ۾، ٻاراڻي ادب تي بي مثال ڪم ڪيو آهي. ”وِمي سدا رنگاڻي جنهن 1994ع ۾، سنڌي ٻيو ڪتاب، ’مکڙيون‘ ٻارن لاٰءِ ريڊيو ناٽڪ، ’ٻليءَ جو اسڪول‘ ٻارن لاءِ شاعري سن 1998ع، ’سٻاجهي راڻي‘ٻارن لاءِ ڪهاڻيون: 1998ع وغيره لکي ٻارن جي ادب ۾ نهايت ئي سهڻو ڪم ڪيو آهي. وِمي سدارنگاڻيءَ جو ٻارن لاءِ ايترو لکڻ، هُن جي ٻارن سان پيار جي شاهدي آهي. هن جي من اندر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪو ابهم ٻار وسي ٿو.“ (15) ٻارن جو ادب هميشه انهن جي نفسيات ۽ عمر مطابق تخليق ڪرڻ گهرجي انهيءَ ادب کي عورت ئي سٺي نموني سمجهي ۽ لکي سگهي ٿي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته: ”گهرن جو وڏڙيون، ننڍڙن نونهالن کي هنج تي کڻي يا ٻانهن سان مٿي جهلي، عجيب غريب نموني ڪڏائينديون آهن. ڪوڏائڻ مهل ڏاڏيءَ جي دل ڇا نه چاهيندي هوندي، نانيءَ جي دل ڪيئن نه ٺرندي. ماءُ جي دل ڪهڙا نه عمدا نازڪ ۽ نفيس خيال ڪندي هوندي مطلب ته ٻچڙي لاءِ هر قسم جون دعائون گهرندي هوندي. ڀلا ماءُ کي ٻچي کانسواءِ ٻي ڪهڙي وندر ۽ ورونهن هوندي آهي: کيڏائيندي ڪڏائيندي الاهي دعائون ڪري ويندي! عرش مان اڏبين، ڪوسو واءُ نه لڳندءِ، ٻه جڳ جيئندين ۽ مندو مُنهن نه لڳندئي وغيره وغيره.“ (16)
حوالا:
- سولنگي، غلام مصطفيٰ، سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو استعمال (ڇاپو پهريون)، سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ. 2020ع، ص: 9)
- ملڪاڻي منگها رام، سنڌي نثر جي تاريخ (ڇاپو ٽيون)، روشني پبليڪيشن حيدرآباد/ڪنڊيارو، 1993ع، ص: 35
- ايضاً، ص: 34
- ايضاً، ص: 37
- ايضاً، ص: 38
- ايضاً، ص: 43
- ايضاً، ص: 44 (فوٽ نوٽ)
- ايضاً، ص: 51
- ايضاً، ص: 55
- ڪشنچند ’بيوس‘ شيرين شعر (ڇاپو ٻيو)، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد/لاڙڪاڻو، آگسٽ 2006ع، ص: 12، 13
- دائودپوٽو، علامه شمس العلماء، ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“، ٽماهي ’سنڌي ٻولي‘ (خاص نمبر)، سهيڙيندڙ: تاج جويو ۽ امين لغاري، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 1997ع، ص: 12
- آريسر، علي نواز سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو (ڇاپو پهريون)، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، سنڌ، 2016ع، ص: 32، 33
- ايضاً، ص: 41، 42
- ايضاً، ص: 89، 90
- ايضاً، ص: 493، 494
- سنديلو، عبدالڪريم، (ڊاڪٽر)، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو (ڇاپو پهريون)، پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز، ڪراچي، 2016ع، ص: 326
***