ٻيون قانون ان کي پرڪشش بڻايو عادت کي روان ڪيئن بڻائجي؟ باب نائون ليکڪ: جيمس ڪليئر سنڌيڪار: فضا قريشي June 2021
1940 ۾ ڊچ سائنسدان نڪوٽنبرجن هڪڙو تجربن جو سلسلو هلايو، جنهن اسان جي ان سوچ ته اسان کي ڪهڙي ڳالھ اتساهي ٿي، ان کي بدلائي ڇڏيو.
ٽنبرجن، جنهن کي اڳتي هلي پنهنجي ان ڪم جي ڪري نوبل انعام پڻ مليو، ان ٻگهه پکي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جيڪو سليٽي ۽ اڇي رنگ جو ٿئي ٿو ۽ اڪثر ڏکڻ آمريڪا جي سامونڊي ڪنارن تي اڏامي ٿو.
وڏن ٻگهن جي چهنب تي هڪڙو ننڍڙو ڳاڙهو نشان ٿئي ٿو ۽ ٽنبرجن اهو نوٽيس ڪيو ته نون ڄاول ٻچڙن کي جڏهن جڏهن بک لڳي ٿي ته اهي ان ڳاڙهي نشان کي ٺونگا هڻن ٿا. هڪڙو تجربو شروع ڪرڻ لاءِ هن گتي جون ڪوڙيون چهنبون ٺاهيون، جنهن ۾ رڳو سسي هئي ۽ ڌڙ ڪونه هو. جڏهن انهن ٻچڙن جا مائٽ اڏامي ويا ته هو انهن آکيرن جي ويجهو ويو ۽ انهن ڊمين کي ٻچڙن جي ويجهو رکيائين. جيئن ته اهي ڪوڙيون ڊمي چهنبون هيون ته هن سمجهيو ته ٻچڙا انهن کي رد ڪري ڇڏيندا.
جڏهن ته ننڍڙن ٻگهن گتي تي اهي ڳاڙها نشان ڏٺا ته انهن کي ايئن ئي چهنبون هڻڻ لڳا ڄڻ اهي پنهنجي ماءُ سان چهٽيل هجن. وٽن انهن ڳاڙهن نشانن جي چٽي اهميت هئي، ڄڻ ته اهي پيدا ٿيندي ئي جينياتي طور تي ان لاءِ تيار هئا. جلد ئي ٽنبرجن اهو ڳولي لڌو ته ڳاڙهو نشان جيترو وڏو آهي اوترو گھڻو اهي ٻچڙا ان کي ٺونگا هڻن ٿا. آخرڪار هن هڪڙي چهنب ٺاهي جنهن تي ٽي ڳاڙها نشان هئا. جڏهن هن ان کي آکيري جي ويجهو رکيو ته ننڍڙا ٻچڙا خوشي مان پاڳل ٿي ويا. انهن ننڍڙن ڳاڙهن نشانن کي ايئن ٺونگا هڻڻ شروع ڪيا ڄڻ ته انهن پهريون ڀيرو ههڙي عظيم چهنب ڏٺي هجي.
ٽنبرجن ۽ ان جي ساٿين اهڙو رويو ٻين جانورن ۾ به ڏٺو. مثال طور: هنج اهو پکي آهي جيڪو زمين تي آکيرو ٺاهيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته جڏهن ماءُ آکيري جي ويجهو چڪر ڏيندي آهي ته ڪو آنو گول گھمي وڃي پاسي تي پيل ڇٻر تي پوندو آهي. جڏهن به ايئن ٿيندو آهي ته هنج ڊوڙي آني وٽ پهچندي آهي ۽ پنهنجي چهنب ۽ ڳچي استعمال ڪندي ان کي واپس آکيري ۾ کڻي ويندي آهي.
ٽنبرجن اهو دريافت ڪيو ته هنج ويجهو پيل ڪابه گول شيءِ جهڙوڪ: بليئرڊ جو بال يا ننڍڙو گول بجلي جو بلب ان کي به ڇڪي پنهنجي آکيري ۾ کڻي وڃي ٿي. مزي جي ڳالھ اها هئي ته اها گول شيءِ جيترو وڏي هئي اوترو ان تي ان جو رد عمل گھڻو هو. هڪڙي هنج ته ڪمال ڪري ڇڏيو جڏهن ان والي بال کي ڇڪڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ان جي مٿان چڙهي ويهي رهي. ٻگهن جي ٻچڙن جيان، هنجن به ان جبلتي اصول جي پوئيواري ڪئي ته: “جڏهن به آئون ڪا گول شيءِ ويجهو ڏسنديس ته ان کي واپس پنهنجي آکيري ۾ کڻي وينديس. جيتري شيءِ وڏي هوندي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اوتري گھڻي مون کي ڪوشش ڪرڻي آهي.”
اهو لقاءُ بلڪل ايئن آهي ته هر جانور جي ذهن ۾ روين بابت ڪجھ اصول اڳواٽ ويٺل هوندا آهن ۽ جڏهن انهن اصولن سان ٺهڪندڙ ڪو وڌاءُ وارو لقاءُ سامهون ايندو آهي ته ڪرسمس وڻ جيان اهو طبق روشن ٿي ويندو آهي. سائنسدان نشانين جي اهڙي وڌاءُ کي سپر نارمل اسٽيمولي يعني عام رواجي لقاءُ کان مٿي وارو لقاءُ چون ٿا. اهو لقاءُ دراصل حقيقت جو اعليٰ درجو ٿئي ٿو، جهڙوڪ: ٽن ڳاڙهن نشانن واري چهنب يا والي بال جي ماپ جو آنو ۽ اهو لقاءُ عام رواجي رد عمل کان وڌيڪ رد عمل حاصل ڪري ٿو.
انسان پڻ حقيقت جي وڌاءُ واري لقاءُ کان متاثر ٿين ٿا. مثال طور: جنڪ کاڌو، اسان جي انعام ڏيڻ واري جبلت کي ڄڻ ديوانو بڻايو ڇڏي. سوين هزارين سال شڪار ۽ جھنگن ۾ کاڌي جي ڳولا ۾ گذارڻ کانپوءِ انساني دماغ ايئن ارتقا ڪئي آهي جنهن ۾ کنڊ، لوڻ ۽ گيھ يا سڻڀ جي وڏي اهميت آهي. اهي کاڌا اڪثر اهي آهن جن ۾ ڪيليرين جي گھڻائي آهي ۽ اهي تڏهن اڻ لڀ هئا جڏهن اسان جا وڏا وسيع ميدانن ۾ کاڌي جي ڳولا ۾ پيا رلندا هئا. جڏهن اوهان کي اها خبر نه هجي ته اوهان کي ٻيو کاڌو ميسر هوندو يا نه ته اهڙي صورتحال ۾ وڌ کان وڌ کائڻ ئي زنده رهڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي هوندي آهي.
اڄ، جڏهن ته اسين اهڙي ماحول ۾ رهون ٿا جتي ڪيليرين جي گھڻائي آهي ۽ کاڌو گھڻي مقدار ۾ موجود آهي، پر اسان جو دماغ اڃا تائين ايئن هلي ٿو ڄڻ ته ان جي کوٽ آهي. اڄ لوڻ، کنڊ ۽ سڻڀ کي گھڻي اهميت ڏيڻ اسان جي صحت لاءِ بنھ فائديمند ڪونهي، پر اها صدين پراڻي ٻاڙ اڃان موجود آهي. ڇاڪاڻ جو اڃان تائين ذهن جا اهي مرڪز جيڪي انعام ڏيندڙ آهن اهي تقريبن پنجاھ هزار سال گذرڻ کانپوءِ به تبديل ناهن ٿيا.
کاڌي جي سائنس جو بنيادي اصول آهي ته اهڙيون شيون پيدا ڪرڻ جيڪي گراهڪ کي وڌيڪ ڇڪين. تقريبن هر کاڌو چاهي اهو ٿيلهي ۾ هجي يا دٻي ۾ يا بوتل ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انهن کي پرڪشش بڻايو وڃي ٿو. ٻيو ڪجھ نه ته هٿراڌو فليور يا سواد ئي شامل ڪري ان کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
ڪمپنيون ڪروڙين ڊالر ان شيءِ تي خرچ ڪن ٿيون ته ڪهڙي شيءِ پٽاٽن جي چپس کي وڌيڪ ڪڙڪ ۽ ڪرڪرو بڻائيندي يا سوڊا کي اڀار ڏيڻ جو صحيح مقدار ڇا ٿيندو. سڄي جا سڄا محڪما ان تي ڪم ڪن ٿا ته اها شيءِ اوهان جي وات ۾ ڪيئن محسوس ٿيندي. ان کي وات جو سواد يا اوروسينسيشن چون ٿا. مثال طور: فرينچ فرائز ٻاهران ته گولڊن براون ۽ خسته هجن، پر اندران نرم ۽ هلڪي رنگ جا هجن.
ٻيو پراسس ٿيل کاڌو ته گھڻ رخي جدت پسندي جي اصول تي ڪم ڪري ٿو جنهن ۾ گھڻين شين کي گڏايو وڃي ٿو ته جيئن گڏيل قسم جي حساسيت پيدا ڪئي وڃي. جهڙوڪ: ڪرنچي ۽ ڪريمي! نرم ملائم ۽ خسته!
ان جي لذت ۽ نرمي تصور ڪريو ته خسته پزا تي وگھريل پنير هجي يا وري اوريو بسڪيٽ جي خسته پڻي سان گڏ ان جي وچ وارو ڪريمي حصو هجي! قدرتي، اڻ پراسس ٿيل کاڌي سان به اوهان ساڳي شيءِ محسوس ڪندو. جهڙوڪ: بند گوبي جو سترنهون چڪ ڪيئن لڳندو؟ ٿوري دير کانپوءِ اوهان جو دماغ ان ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏيندو ۽ اوهان کي پنهنجو پيٽ ڀريل محسوس ٿيندو، پر اهي کاڌا جن ۾ گھڻ رخي جدت پسندي هوندي آهي ان جو تجربو گھڻو مختلف آهي ۽ ان لاءِ دل چوندي ته اڃان وڌيڪ کائجي.
آخرڪار، اهڙين حڪمت عملين کاڌي جي سائنس تي ڪم ڪندڙ سائنسدانن کي هر کاڌي پيتي جي شيءِ لاءِ “پورائي واري حد” يا “مسرت ڪامل” واري نقطي کي ڳولڻ ۾ مدد ڏني. اهو دراصل لوڻ، کنڊ ۽ سڻڀ کي ملائي گڏ ڪرڻ جو هڪڙو مخصوص مقدار آهي جيڪا اوهان جي ذهن کي وڌيڪ حرارت ۾ آڻي ٿي ۽ اوهان کي ان تي اتساهي ٿي ته اڃان ان کي وڌيڪ کائجي. ان جو نتيجو، ظاهر آهي ته وڌيڪ کائڻ جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو وڌيڪ مزيدار کاڌو انساني دماغ کي وڌيڪ ڪشش ڪري ٿو. جيئن اسٽيفن گيونيٽ، جيڪو نيورو سائنسدان آهي ۽ ان کاڌي پيتي جي روين ۽ ٿولھ تي اسپيشلائزيشن ڪئي آهي، چوي ٿو: “اسان پنھنجا ئي بٽڻ دٻائڻ ۾ تمام سٺا بڻجي چڪا آھيون.”
جديد فوڊ انڊسٽري ۽ گهڻي کائڻ جي عادت ان کي جنم ڏنو آهي ۽ اهو ئي رويي جي تبديلي جي ٻئي قانون جو هڪڙو مثال آهي، جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته: “ان کي پرڪشش بڻايو.” جيترو ڪابه شيءِ يا موقعو پرڪشش هوندو اوترو ئي اها عادت پختي بڻجي ويندي.”
پنهنجي چوڌاري ڏسو. سڄو سماج حقيقتن جي اعليٰ انجنيئرڊ شڪلن سان ڀريو پيو آهي، جيڪو ان سماج کان وڌيڪ پرڪشش آهي جنهن ۾ اسان جا وڏا رهندا هئا. دڪانن ۾ ماڊل جي ڇاتين، ارهن ۽ دڏن کي وڏو ڪري انهن کي ڪپڙا پهرائي، ڪپڙن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. سوشل ميڊيا، “لائڪ” ۽ تعريف جا پيغام ۽ ڪمينٽ چند منٽن ۾ پهچائي ڇڏيندو آهي، جيڪي اسان کي گھرن ۾ يا آفيسن ۾ ورلي نصيب ٿيندا آهن. آئن لائن اگھاڙين فلمن جا ٽڪرا گڏي جذبن اڀارڻ جا سين ايئن ٺاهيا ويندا آهن جو اصل زندگي ۾ ايئن ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. شين جي مشهورين ۾ روشني، پرفيشنل ميڪ اپ ۽ فوٽو شاپ ايڊٽ کي گڏي اهڙي خوبصورتي سان پيش ڪيو ٿو وڃي جو ان ۾ ڪم ڪندڙ شخص ئي مٽجيو پوي. اهي اسان جي جديد دنيا جا عام رواجي جذبن اڀاريندڙن کان مٿي جون شيون آهن. اهي انهن شين کي وڏو ڪري پيش ڪن ٿا، جيڪي اسان جي زندگين ۾ پرڪشش آهن ۽ نتيجي ۾ اسان جا حواس انهن پٺيان چريا ٿيو پون، جنهن ڪري اسان حد کان وڌيڪ خريداري ڪرڻ جي عادت ڌاريون ٿا، سوشل ميڊيا جون عادتون اپنايون ٿا، اگھاڙيون فلمون ڏسون ٿا، اهڙي کاڌي کائڻ جون عادتون جوڙيون ٿا ۽ ٻيو به گھڻو ڪجھ.
جيڪڏهن تاريخ اسان جي رهنمائي ڪري ته اسان کي اندازو ٿيندو ته مستقبل جا موقعا حال جي موجود موقعن کان وڌيڪ پرڪشش ٿين ٿا. اهو لاڙو حاصلات لاءِ آهي ته جيئن ان کي وڌيڪ پرڪشش، جذبن سان ڀرپور ۽ دلفريب بڻائجي. قدرتي کاڌي جي مقابلي ۾ جنڪ فوڊ ۽ ٻاهريون کاڌو ڪيلرين سان وڌيڪ ڀريل آهي. بيئر جي مقابلي ۾ ٻيو شراب، الڪوئل جي وڌيڪ گھاٽي شڪل آهي. بورڊ راندين کان وڌيڪ وڊيو گيمون ان جي ڳتيل شڪل آهن. قدرت جي مقابلي ۾ انهن لذتن سان ڀريل تجربن آڏو ماڻهو بيوس بڻجيو پوي. اسان وٽ دماغ بيشڪ اسان جي وڏن جا آهن، پر اسان جي وڏن کي انهن لذتن جي آزمائشن کي منهن ڏيڻو نه پيو هو.
جيڪڏهن اوهان کي هر ڏينهن ڪنهن رويي کي اپنائڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ته ان کي پرڪشش بڻايو. ٻئين قانون جي اسان جي سموري بحث ۾ اسان جو مقصد اهو آهي ته عادتن کي ڪيئن اهڙو بڻائجي جو اهي بنا مشڪل جي عمل ۾ آڻي سگھجن. جڏهن ته اهو ممڪن ڪونهي ته هر عادت کي آفاقي جذبن سان ٽمٽار ڪجي، اسين ڪابه عادت پرڪشش بڻائي سگھون ٿا. اهو ڪرڻ لاءِ، اسين اها شروعات ڪري سگھون ٿا ته اسين اهو سمجهون ته خواهش ڇا آهي ۽ اها ڪم ڪيئن ٿي ڪري.
ڊوپامائن سان هلندڙ آراء جو لوپ:
سائنسدان ان مخصوص لمحي کي ڳولي سگھن ٿا جنهن وقت اها خواهش پيدا ٿئي ٿي. اهو سڀ ڪجھ هو نيورو ٽرانسميٽر جي ماپ ذريعي ڪن ٿا. ڊوپامائن جي اهميت 1954 ۾ ظاهر ٿي جڏهن نيورو سائنسدانن جيمس اولڊس ۽ پيٽر ملنر هڪڙو تجربو ڪيو جنهن مان خواهش ۽ ٻاڙ جي پٺيان ٿيندڙ نيورو لوجيڪل عمل آشڪار ٿيو. ڪوئن جي دماغ ۾ اليڪٽروڊز لڳائي، ڊوپامائن جي اخراج کي روڪيو ويو. اهو ڏسي سائنسدانن جي حيرت جي انتها نه رهي ته ڪوئن ۾ زنده رهڻ جي خواهش ئي مري ويئي. هنن کائڻ پيئڻ ۽ جنسي عمل ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو. هنن کي ڪنهن به شيءِ جي خواهش نٿي ٿئي. ڪجھ ئي ڏينهن اندر جانور اڃ وگھي مري ويا.
تحقيق جي ٻئين مرحلي ۾ ڪجھ ٻين سائنسدانن دماغ جي ڊوپامائن خارج ڪندڙ حصن کي روڪي ڇڏيو، پر هن ڀيري هنن ڊوپامائن کان محروم ڪوئن کي چند قطره کنڊ گڏيل پاڻي جا ڏنا. هنن جا ننڍڙا ڪوئن جهڙا منهن مٺڙا قطره ملڻ تي ڳاڙها سرها ٿِي ٿي ويا. جيتوڻيڪ ڊوپامائن بند هو، پر کين مٺو شربت ايئن ئي پئي وڻيو جيئن ان کان اڳ، جيتوڻيڪ کين وڌيڪ جي ضرورت ئي نه هئي. مزي، لطف ۽ ڪيف وٺڻ جي قابليت باقي هئي جڏهن ته خواهش مري چڪي هئي ۽ خواهش کانسواءِ عمل رڪجي وڃي ٿو.
جڏهن ٻين محققن ان عمل کي ابتو دهرايو ۽ انعام ملڻ واري ڪيفيت جي ڀرمار ٿي وئي ته جانورن اها عادت رڪارڊ ٽوڙ رفتار سان ڪئي. هڪڙي تحقيق ۾ جيئن ئي ڪوئن دٻي ۾ نڪ ٿي هنيو ته کين ڊوپامائن جو زبردست ڊوز ڏنو ٿي ويو. چند منٽن جي اندر ئي منجهن ان جي خواهش ايڏي ته تيزي سان ٿي جاڳي جو هنن هڪڙي ڪلاڪ جي اندر اٺ سئو دفعا دٻي کي نڪ هنيو. انسان به انهن کان مختلف ناهن. سلاٽ مشين جا رانديگر ڦيٿي کي هڪڙي ڪلاڪ ۾ ڇھ سئو دفعا ڦيرائن ٿا.
عادتون دراصل ڊوپامائن سان هلندڙ آراء جو لوپ يا ڌاڳو آهن. هر رويو جيڪو عادت بڻجي پوي ٿو. جهڙوڪ: نشو واپرائڻ، جنڪ کاڌو کائڻ، وڊيو رانديون کيڏڻ، سوشل ميڊيا هلائڻ وغيره اهي سڀ ڊوپامائن جي مٿئين سطح سان سلهاڙيل آهن. ساڳي ڳالھ اسان جي عام رواجي عادتن لاءِ به چئي سگھجي ٿي. جهڙوڪ: ماني کائڻ، پاڻي پيئڻ، جنسي عمل ڪرڻ ۽ سماج ۾ ميل جول وڌائڻ.
سالن تائين، سائنسدان اهو سمجهندا رهيا ته ڊوپامائن لطف سان سلهاڙيل آهي، پر هاڻ اسان ڄاتو ته ان جو هر نيورولاجيڪل عمل جهڙوڪ: جذبي، سکڻ ۽ يادون، سزا ڏيڻ ۽ پٺتي موٽڻ ۽ رضاڪار ڪارروائين ۾ مرڪزي ڪردار آهي.
جڏهن ڳالھ عادتن جي اچي ٿي ته اهم نقطو هي آهي: ڊوپامائن فقط تڏهن خارج نٿو ٿئي جڏهن اوهان لطف وٺو ٿا بلڪه اهو تڏهن به خارج ٿئي ٿو جڏهن اوهان ان بابت سوچيو ٿا. جوا جي عادين ۾ ڊوپامائن شرط رکڻ کان اڳ ۾ خارج ٿئي ٿو ۽ نه ڪي کٽڻ کانپوءِ. ڪوڪين نشي جي عادين ۾ ڊوپامائن جو اخراج تڏهن ٿئي ٿو جڏهن اهي پائوڊر ڏسن ٿا نه ڪي تڏهن جڏهن اهي ان کي واپرائين. جڏهن اوهان ڪنهن به موقعي جي انعامن بابت سوچيو ٿا ته ڊوپامائن اخراج لاءِ تيار ٿئي ٿو ۽ جڏهن اهو ان سطح تي پهچي ٿو ته اوهان جو جذبو جاڳي ٿو ۽ اوهان اهو عمل ڪريو ٿا.
اهو انعام جي سوچ سان لاڳاپيل آهي نه ڪي ان جي مڪمل هجڻ سان ۽ اها ئي ڳالھ اسان کي عمل ڪرائڻ تي اتساهي ٿي.
مزي جي ڳالھ اها آهي ته انعام حاصل ڪرڻ جو نظام جيڪو اوهان جي ذهن ۾ متحرڪ ٿئي ٿو جڏهن اوهان انعام حاصل ڪريو ٿا دراصل اهو ئي نظام آهي جڏهن اوهان ان بابت سوچيو ٿا.
اهوئي سبب آهي جو هڪ تجربي ڪرڻ جي انعام جي خوشي اڪثر انهيءَ جي حاصلات کان بهتر محسوس ڪري سگهجي ٿي. هڪڙي ٻار جيان، ڪرسمس جي صبح جي باري ۾ سوچڻ وڌيڪ دلفريب هوندو آهي ان اصل صبح کان جنهن ۾ اهي تحفا وصول ڪبا آهن. بالغن جيان، ايندڙ موڪلن بابت ڏينهن ڏٺي جو خواب جوڙڻ ان اصل موڪلن مان لطف اندوز ٿيڻ کان وڌيڪ مزيدار آهي. سائنسدان انهيءَ کي “خواهش” ۽ “پسنديدگي” جي وچ ۾ فرق سڏين ٿا.
ڊوپامائن جو جهٽڪو:
(اي) ڪابه عادت سکڻ کان اڳ ۾: ڊوپامائن تڏهن خارج ٿئي ٿو جڏهن پهريون ڀيرو انعام ملي ٿو. (بي) تقريبن ٻيون ڀيرو: عمل ڪرڻ کان اڳ ۾ اشاري ملڻ جي ستت ئي پوءِ ڊوپامائن خارج ٿئي ٿو. اهو جهٽڪو خواهش پيدا ڪري ٿو ۽ ان ڳالھ تي آماده ڪري ٿو ته جڏهن به اشارو ملي ته عمل ڪجي. هڪڙو ڀيرو جڏهن عادت سکي ٿي وٺجي ته انعام ملڻ تي ڊوپامائن ايئن نٿو اڀري اچي. ڇاڪاڻ جو اوهان اڳواٽ ئي انعام کي سهي ڪري وٺندا آهيو. بهرحال جڏهن اوهان اشارو ڏسو ٿا ۽ انعام جي توقع ڪريو ٿا ته اهو حاصل ڪري نٿا سگھو ته ڊوپامائن نااميدي پيدا ڪري ٿو. (سي) ڊوپامائن جي حساسيت جو اندازو ان تصوير مان لڳائي سگھجي ٿو ته جڏهن انعام ملڻ ۾ دير ٿئي ٿي. (ڊي) پهرين اشاري جي سڃاڻپ ٿئي ٿي ۽ ڊوپامائن اڀري ٿو جيئن جيئن خواهش اڀري ٿي ان کانپوءِ جواب ملي ٿو، پر انعام توقع موجب جلدي نٿو ملي ۽ ڊوپامائن نتيجتن هيٺ ڪرڻ شروع ٿئي ٿو. آخرڪار جڏهن انعام سامهون اچي ٿو، پر توقع کان هٽي ڪري ٿورو دير سان ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڊوپامائن جو جهٽڪو اڀري ٿو. اهو ايئن آهي ڄڻ ذهن چوندو هجي “ڏس! مون چيو پئي نه ته مان صحيح هئس. هاڻ ٻئي ڀيري اهو ڪم ڪرڻ وسارجان نه!”
توهان جي ذهن ۾ پسنديدگي کان وڌيڪ انعام حاصل ڪرڻ جا دماغي خليا آهن. دماغ ۾ خواهشن جا مرڪز وسيع آهن: دماغ جي اسٽيم، نيوڪلس جو ٽڪر، اڳوڻو ٽڪنڊيال ايريا، ڊورسل اسٽريٽم، ايمگدالا ۽ پريفرنٽل ڪارٽيڪس جا حصا. ان جي نسبت دماغ جا پسنديدگي وارا مرڪز ننڍڙا آهن. انهن کي اڪثر “ڳجها هاٽ اسپاٽ” سڏجي ٿو ۽ اهي سڄي دماغ ۾ ننڍڙن جزيرن جيان ڦهليل آهن. مثال طور: محققن اهو ڳولي لڌو آهي ته خواهش دوران نيوڪلس جي وابستگي 100 سيڪڙو حرڪت ۾ اچي ٿي جڏهن ته پسنديدگي جي دوران اها فقط 10 سيڪڙو رهي ٿي.
اها حقيقت آهي ته دماغ پنهنجو ڪافي اهم حصو اهڙن خطن کي ڏئي ٿو جيڪي ٻاڙ ۽ خواهش پيدا ڪرڻ جي لاءِ ذميدار ٿين ٿا. ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اهي عمل ڪيڏا نه اهم آهن. خواهش اها انجڻ آهي جنهن جي ذريعي رويا جڙن ٿا. هر عمل ان ڪري وجود ۾ اچي ٿو جو ان کي سوچيو وڃي ٿو. اها ٻاڙ آهي جيڪا رد عمل پيدا ڪري ٿي.
انهن حقيقتن مان روين جي تبديلي جي ٻئين قانون جي اهميت ظاهر ٿئي ٿي. اسان کي پنهنجون عادتون پرڪشش بڻائڻيون پونديون. ڇاڪاڻ جو انعام واري تجربي جي اها توقع آهي ۽ اهائي ڳالھ اسان کي عمل ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿي. اتي ئي اها حڪمت عملي وجود ۾ اچي ٿي، جنهن کي اسين چئون ٿا “ڪشش بنڊل.”
ڪشش بنڊل کي پنهنجي عادتن کي پرڪشش بنائڻ لاءِ ڪيئن استعمال ڪجي:
ڊبلن، آئرلينڊ جي هڪڙي اليڪٽرڪ انجنيئر رونان برني، نيٽ فليڪس ڏسڻ جو شوقين هو، پر هن کي اها خبر هئي ته هو جيتري ورزش ڪري ٿو هن کي ان کان وڌيڪ ورزش ڪرڻ کپي. هن پنهنجي انجنيئرنگ واري مهارتن کي ڪتب آندو، هن پنهنجي بيٺل بائيڪ کي پنهنجي ليپ ٽاپ ۽ ٽي وي سان ڳنڍيو. پوءِ هن ان ۾ ڪمپيوٽر پروگرام وڌو جيڪو نيٽ فليڪس کي فقط تڏهن هلائيندو جڏهن اهو هڪڙي مخصوص رفتار تي سائيڪل کي هلائيندو. جيڪڏهن هو رفتار کي گھڻي دير تائين سست ڪندو ته ڀلي هو ڪهڙو به شو ڏسندو هجي اهو بيهي رهندو، جيستائين ڪه اهو وري پيڊل نٿو هڻي. هو هڪڙي دلداده جي لفظن موجب “نيٽ فليڪس جي هڪ وقت جي شو ۾ پنهنجي ٿولھ کي گھٽ ڪريو” جو عملي نمونو بڻجي پيو.
هن پنهنجي ورزش کي پرڪشش بنائڻ لاءِ ڪشش بنڊل کي پڻ استعمال ڪيو. اهو بنڊل جيڪو ڪم اوهان ڪرڻ چاهيو ٿا ان سان گڏ هڪڙي عمل طور ڪم ڪري ٿو. برين جي ڪيس ۾ هن نيٽ فليڪس ڏسڻ جو عمل (جيڪو هو ڪرڻ چاهي پيو) ان کي هن ورزش سان جوڙي ڇڏيو (جيڪو هن کي ڪرڻ کپندو هو).
بزنس ڪرڻ وارا ان ڪم جا ماهر آهن. مثال طور: جڏهن آمريڪي براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني، جنهن کي عام طور اي بي سي چيو وڃي ٿو، پنهنجو 2014 ۽ 15 جو خميس جي رات جو پروگرام جوڙيو ته انهن وڏي عوامي سطح تي ڪشش بنڊل کي استعمال ڪندي ان جي تشهير ڪئي.
هر خميس تي ڪمپني ٽي شو آن ايئر ڪندي هئي جيڪي اسڪرين ليکڪ شُنده رائمز (گريز اناٽومي، اسڪينڊل ۽ قتل مان آزاد ڪيئن ٿجي جي ليکڪ) جا لکيل هئا. هنن ان کي “ٽي گٽ آن اي بي سي” جي نالي سان برانڊ ڪيو. ٽي گٽ معنيٰ ٿينڪ گاڊ اٽ از ٿرسڊي يعني “خدا جو شڪر آهي ته اڄ خميس جو ڏينهن آهي.” ان کان علاوه انهن شوز جي وڌيڪ تشهير لاءِ اي بي سي پنهنجي ڏسندڙن کي اتساهيو ته اهي شو ڏسڻ دوران پاپ ڪارن يا مڪئي جا ڦلا ٺاهين ۽ کائين، ڳاڙهو شراب پيئن ۽ پنهنجي شام کي پرڪيف بڻائين.
اينڊريو ڪوبز، جيڪو اي بي سي جو شيڊيول جو هيڊ هو، ان مهم جي پٺيان ڪار فرما آئيڊيا کي هن ريت بيان ڪيو: “اسان خميس جي رات جو وڌيڪ ويورشپ کي هڪڙو موقعو ڪري سمجهيو. جوڙا يا عورتون جيڪي سڪون حاصل ڪرڻ چاهين، ٿوري دير انجواءِ ڪرڻ چاهين ڳاڙهو شراب پي، ڪجھ مڪئي جا ڦلا کائي مزي جو پروگرام ڏسي لطف اندوز ٿيڻ چاهين.” ان ۾ زبردست ڳالھ اها آهي ته اي بي سي پنهنجي ڏسندڙن کان جيڪي ڪرائڻ چاهي پيو يعني اهي اهو شو ڏسن ان کي هنن ان شيءِ سان ڳنڍي ڇڏيو جيڪي اهي آرام حاصل ڪرڻ ۽ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ڪرڻ چاهيندا آهن يعني مزي سان آرام ده ماحول ۾ ويهڻ، ڦلا کائڻ، ڳاڙهو شراب پيئڻ.
وقت سان گڏ ماڻهن اي بي سي کي ڏسڻ کي لطف اندوز ٿيڻ سان ڳنڍي ڇڏيو. جيڪڏهن اوهان هر خميس جي رات جو 8 وڳي ڳاڙهو شراب پي ۽ ڦلا کائيندو ته خود بخود اوهان جي زندگي ۾ “خميس رات 8 بجي” معنيٰ لطف اندوز ٿيڻ ٿي ويندو. اهو انعام انهن اشارن سان سلهاڙجي ويندو ۽ ٽي وي ڏسڻ جي عادت وڌيڪ پرڪشش بڻجي ويندي.
اوهان کي اهو رويو ڳولهڻو پوندو جيڪڏهن اوهان ساڳئي وقت پنهنجي پسند جو ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا. ٿي سگھي ٿو ته اوهان موجوده سيليبرٽي جي اسيڪنڊل جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيندا هجو، پر اوهان کي ان لاءِ ان صورت ۾ اچڻو پوندو. پرڪشش بنڊل کي استعمال ڪندي اوهان ٽيبلوئڊ کي پڙهي سگھو ٿا ۽ جم ۾ ريئلٽي شو ڏسي سگھو ٿا. جيڪڏهن اوهان پيرن جي مالش چاهيو ٿا، پر اوهان پنهنجي اي ميل ان باڪس کي خالي به ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان جو حل اهو آهي ته پيڊيڪيور تڏهن ڪريو جڏهن جمع ٿيل اي ميل ڏسو.
پرڪشش بنڊلنگ نفسياتي ٿيراپي جو هڪڙو طريقو آهي جنهن کي پريميڪ جو اصول چون ٿا. ان اصول کي پروفيسر ڊيوڊ پريميڪ جي ڪم کانپوءِ اهو نالو ڏنو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته “وڌيڪ عمل ۾ ايندڙ رويا گھٽ عمل ۾ ايندڙ روين کي هٿي ڏيئي سگھن ٿا.” ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن پنهنجين جمع ٿيل اي ميلن کي ڏسڻ لاءِ اوهان جي دل نٿي چئي ته اوهان ان سان ڪنهن شيءِ کي مشروط ڪري ڇڏيو. ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اوهان واقعي اها شيءِ ڪرڻ چاهيو ٿا.
اوهان پرڪشش بنڊل کي عادت سان چهٽڻ واري حڪمت عملي جيڪا اسان باب 5 ۾ پيش ڪئي ان سان به سلهاڙي سگھو ٿا ته جيئن هڪڙو اصول جو اهڙو مجموعو ٺاهي سگھجي جيڪو اوهان جي رويي کي هدايت ڏيئي سگھي.
عادت سان چهٽڻ + پرڪشش بنڊل فارمولا هن ريت آهي:
- (موجوده عادت) کانپوءِ، آئون (عادت جيڪا ڪرڻ چاهيان ٿو) ڪندس.
- (عادت جيڪا مون کي ڪرڻ گھرجي) کانپوءِ آئون (عادت جيڪا آئون چاهيان ٿو) ڪندس.
جيڪڏهن اوهان اخبار پڙهڻ چاهيو ٿا، پر اوهان سٺين خبرن لاءِ پنهنجا سٺا خيال ۽ تمنائون به ٻڌائڻ چاهيو ٿا:
- صبح جي ڪافي پيئڻ کانپوءِ آئون هڪڙي اهڙي ڳالھ ڪندس جيڪا ڪالھ جي بهتر خبر هوندي ۽ ان بابت آئون پنهنجي شڪرگذاري بجا آڻيندس (اهو ڪم جيڪو ڪرڻ گھرجي).
- جيڪڏهن آئون چاهيان ٿو ته آئون روز هڪڙي بهتر خبر جي باري ۾ شڪرگذار ٿيان ته مون کي روز اخبار پڙهڻي پوندي. (خواهش)
جيڪڏهن اوهان رانديون ڏسڻ چاهيو ٿا پر اوهان کي سيلز ڪالز ڪرڻيون آهن:
- پنهنجي منجهند جي ماني جي وقفي تان اچڻ کانپوءِ آئون ٽن مخير ڪلائينٽن کي فون ڪندس. ( ضرورت)
- ٽن ڪلائينٽن کي فون ڪرڻ کانپوءِ آئون اي ايس پي اين (راندين جو چينل) ڏسندس. (خواهش)
جيڪڏهن اوهان فيس بڪ ڏسڻ چاهيو ٿا، پر اوهان کي وڌيڪ ورزش ڪرڻي آهي:
- پنهنجي فون ڪڍڻ کانپوءِ آئون ڏھ ڀيرا پيٽ مسل هڻندس. (ضرورت)
- ڏھ ڀيرا پيٽ مسل هڻڻ کان پوءِ، آءُ پنهنجو فيس بڪ چيڪ ڪندس. (خواهش)
اميد اها آهي ته اوهان ٽن ڪلائينٽن کي فون ڪندو يا ڏھ پيٽ مسل هڻندو ڇاڪاڻ جو ايئن ڪندي اوهان وٽ ان لاءِ اها ڪشش هوندي ته تازه ترين راندين جي خبر ٻڌندو يا فيس بڪ ڏسندو. ضروري شيءِ ايئن ڪريو جو اوهان لاءِ ان جو مطلب هجي اها شيءِ ڪرڻ جنهن جي اوهان خواهش ڪريو ٿا ته جيئن ان کي لطف اندوز بڻائي سگھجي.
اسان هن باب جي شروعات سپر نارمل احساسن کي بحث هيٺ آڻيندي ڪئي، جيڪي حقيقتن جي اعليٰ سطح آهي جيڪا اسان جي خواهشن کي اڀاري ٿي ته جيئن عمل ڪري سگھجي. پرڪشش بنڊل هڪڙو طريقو آهي جنهن ۾ ڪنهن به اهڙي شيءِ جيڪا اوهان چاهيندا هجو ان سان ڳنڍي ڪنهن به عادت جي احساسن جي اعليٰ سطح حاصل ڪري سگھجي ٿي. ڪنهن به پختي ۽ قابو ۾ نه ايندڙ عادت کي انجنيئر ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، پر هي سادي حڪمت عملي ڪنهن به عادت کي ان کي پرڪشش بڻائي اپنائڻ لاءِ مددگار آهي جيڪا ٻي ريت ڪرڻ ڏاڍي اوکي آهي.
باب جو خلاصو:
- رويي جي تبديلي جو ٻيون قانون آهي ته ان کي پرڪشش بڻايو.
- ڪوبه موقعو جيترو پرڪشش هوندو، اوترو ئي ان ڳالھ جا وڌيڪ چانس آهن ته اهو عادت بڻجي پوندو.
- عادتون ڊوپامائن سان هلندڙ آراء جو لوپ آهن. جڏهن ڊوپامائن اڀرندو آهي ته اسان جي خواهش تيز ٿيندي آهي.
- اها انعام جي توقع آهي نه ڪي ان جو پورائو، جيڪو عمل ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو. جيتري وڏي توقع هوندي، اوترو ڊوپامائن جو جهٽڪو وڏو هوندو.
- پرڪشش بنڊل هڪڙو طريقو آهي جنهن ذريعي عادت کي وڌيڪ پرڪشش بڻايو وڃي ٿو. ان حڪمت عملي تحت اهو عمل جيڪو اوهان ڪرڻ چاهيو ٿا ان کي ان عمل سان جيڪا اوهان جي ضرورت آهي ان سان ڳنڍيو وڃي ٿو.
…(هلندڙ)…

