ٽرمپ پهريون ڀيرو ماسڪ پاتو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پهريون ڀيرو چهري تي ماسڪ پائي عوام جي سامهون آيو. غير ملڪي خبرن جي ايجنسي مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميري لينڊ جي هڪ فوجي اسپتال ۾ علاج دوران سپاهين ۽ فرنٽ لائين طبي عملدارن سان ملاقات ڪئي. عوام کي وبا کان بچڻ لاءِ ترغيب نه ڏيڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شديد تنقيد جي زد ۾ هو. ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا وائرس کان پاڻ بچائڻ لاءِ ماسڪ پائڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ ماڻهن کي اسڪارف پائڻ جي صلاح ڏني هئي.