پاڪستانين لاءِ نئين ايئر لائين اچي وئي، ڀاڙو به سستو هوندو
فلاءِ جناح نالي نئين ايئرلائين پاڪستان اندر سستي سفر لاءِ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اڏام شروع ڪرڻ لاءِ ضروري لائسنس حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جهازن جو آپريشن ايئر بس اي 320 ايئر ڪرافٽ تي مشتمل ٽن جهازن سان شروع ٿيندو. ان بابت وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايئر لائين ڪراچي مان آپريٽ ٿيندي ۽ عالمي سطح تي نيٽ ورڪ وڌائڻ کان اڳ ملڪ اندر روٽس تي هلندي.