پاڪستان ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ لڳو، هڪ ڏينهن ۾ 25 فوتگيون، 1436 نوان ڪيس رپورٽ

ملڪ ۾ ڪورونا وبا هڪ ڀيرو ٻيهر زور وٺندي پئي وڃي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 25 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا هڪ هزار 436 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ مجموعي ڪيسن جو انگ 3 لک 43 هزار 189 ٿي ويو آهي. اين سي او سي ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ وڌي 17 هزار 804 ٿي ويو آهي، هيل تائين 3 لک 18 هزار 417 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 فوتگين کانپوءِ فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 6 هزار 968 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ هڪ لک 49 هزار 542، پنجاب ۾ هڪ لک 6 هزار 577، خيبر پختونخواهه ۾ 40 هزار 379، اسلام آباد ۾ 21 هزار 557، بلوچستان ۾ 16 هزار 55، آزاد ڪشمير ۾ 4 هزار 703 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 358 آهي.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments