پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار، ٻن ميجرز سميت چار فوجي جوان شهيد
پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽر کي حادثو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ميجرز سميت 4 فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب هيليڪاپٽرکي حادثو گلگت بلتستان جي علائقي مني مرگ ۾ ٽيڪنيڪي خرابي سبب پيش آيو. آءِ ايس پي آر موجب هيليڪاپٽر حادثي ۾ پائليٽ ميجر محمد حسين سميت 4 جوان شهيد ٿيا آهن. حادثي ۾ ڪو پائليٽ ميجر اياز حسين، نائيڪ انضمام عالم، سپاهي محمد فاروق به شهيد ٿيو. آءِ ايس پي آر موجب هيليڪاپٽر شهيد سپاهي عبدالقدير جو مڙهه کڻي سي ايم ايڇ اسڪردو وڃي رهيو هو. سپاهي قدير ڪامري سيڪٽر ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب شهيد ٿيو هو. هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ميجر اياز جو تعلق ڪراچي جي علائقي ملير سان آهي جڏهن ته ميجر حسين شهيد اسڪردو جي علائقي خپلو جو رهواسي هو. ان کان علاوه نائيڪ انضمام جو تعلق چڪوال ۽ سپاهي فاروق شهيد ساهيوال جو رهواسي هو.