خاصصحتنيو‍‍ز

پرسڪون ننڊ ڏياريندڙ غذا:

سٺي ننڊ لاءِ ضروري آهي ته سٺي غذا کائڻ جي عادت اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن سان ڪيترين ئي بيمارين جي ٿيڻ جو خطرو ٽري وڃي ٿو. پرسڪون ننڊ توهان جي دماغ کي صحتمند رکندي ۽ توهان جي جسم جي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪندي. هڪ بالغ شخص لاءِ اٺ ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ ضروري آهي. غذا جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪهڙيون غذائون کائڻ سان توهان کي پرسڪون ننڊ اچي سگهي ٿي.

چيري: هن ۾ قدرتي طور تي ميلاٽونن جو مقدار وڌيڪ موجود هوندو آهي. جنهن جي کائڻ سان ڊگهي ۽ گهري ننڊ ايندي آهي.

ماکي: ماکي پرسڪون ننڊ ڏياريندڙ غذائن ۾ شامل آهي، جيڪڏهن سمهڻ کان اڳ توهان ماکيءَ جو هڪ چمچو کائي سمهو ٿا ته توهان کي پرسڪون ننڊ ايندي. ان لاءِ توهان کي نيم گرم کير يا پاڻيءَ ۾ ماکيءَ جو چمچو ملائي روزاني استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو هڪ سٺو مشروب آهي.

ڪيلو: هڪ بهترين غذا آهي جيڪو ننڍن ٻارن کان وٺي وڏي عمر جي ماڻهن جي لاءِ يڪسان مفيد آهي. عام طور تي ماڻهو ڪيلي جو استعمال ناشتي ۾ ڪندا آهن، پر جيڪڏهن ان کي رات جو استعمال ڪيو وڃي ته اهو پرسڪون ننڊ ڏياريندڙ غذا طور ڪم اچي سگهي ٿو. ڪيلي ۾ مئگنيشيم سٺي مقدار ۾ موجود هجڻ ڪري جسم جي مشڪن کي آرام ڏيندڙ غذا آهي. جيڪڏهن توهان کي پرسڪون ننڊ جي ضرورت آهي ته رات جو ٻه ڪيلا کائي سمهو.

بادام: بادام باقائدگي سان کائڻ سبب انسان ٽائپ-2 ذيابيطس ۽ دل جي بيمارين جي خطرن کان پاڻ کي بچائي سگهي ٿو. سائنس جي تحقيق مطابق بادام سٺي ننڊ ڏياريندڙ خوراڪ

آهي، جنهن ۾ ميلاٽونن سٺي مقدار ۾ موجود آهي ۽ ننڊ ڏياريندڙ آهي.