پروفيسر والٽر ليون: هڪ منفرد پروفيسر جي ڪٿا
اهي استاد ”جيڪي فزڪس کي بورنگ سبجيڪٽ بڻائيندا آهن، دراصل اهي ڏوهاري آهن.“
مٿيان لفظ فزڪس جي ان مُهان پروفيسر جا آهن، جنهن جو سمورو جيون گذريل پنج ڏهاڪن کان سائنس ۽ ان جا قاعدا آسان ڪري سمجهائڻ ۾ گذريو آهي. هُو هزارين شاگردن جو پسنديده پروفيسر رهيو آهي. پڙهائڻ کي زندگي سمجهندڙ پروفيسر والٽر ليوِن جو ننڍپڻ ٻين مها ڀاري جنگ دوران ڀيانڪ گذريو آهي. سندس والدين هڪ اسڪول جو انتظام هلائيندا هئا. يهودي خاندان سان واسطو هجڻ ڪري نازين جڏهن سندن ملڪ سوئيٽزرلينڊ تي حملو ڪيو ته کين پنهنجو گهر ڇڏي گمنام جڳھ تي رهڻو پيو هو. سندن ڪيترن ئي مائٽن کي گئس چئمبرس جي منهن ۾ ڏنو ويو. انهن ڏکين ڏينهن ۾ کين پائڻ لاءِ ڪو موچارو ڪپڙو به نصيب ۾ ڪونه هوندو هو. انهن ڏينهن کي ياد ڪندي پروفيسر جون اکيون روئڻهارڪيون ٿي وڃن ٿيون.
پروفيسر والٽر ليوِن ڊيلفٽ يونيورسٽيءَ مان 1960ع ۾ نيو ڪليئر فزڪس ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ 1965ع ۾ ساڳي فيلڊ ۾ پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي ۽ ڪجھ عرصي کانپوءِ هنMIT کي جوائن ڪيو، جتي هُو هاڻ پڙهائڻ لڳو. هن ايڪسري ايسٽرا نامي جي فيلڊ ۾ وڏو ڪم ڪيو ۽ ڪيترائي ريسرچ پيپر پڻ لکيا. هُوMIT جي هال (26-100) ۾ سوين شاگردن کي ليڪچر ڏيندو هو ته شاگرد نهايت ئي خاموشيءَ سان کيس ٻڌندي، لُطف اندوز ٿيندا هئا. هُو پڙهائڻ ۾ منفرد انداز سبب شاگردن ۾ جلد مقبول ٿي ويو هو. هُو ڪلاس ۾ موضوعن کي عملي(Practically) طور سمجهائڻ خاطر ڪڏهن سورنهن فوٽن جي ڏاڪڻ ڪلاس هال ۾ کڻي ايندو هو ته ڪڏهن اسٽيل جو بال کڻي ايندو هو. هُو پينڊوليم جي چرپر واري لمحي کي سمجهائڻ خاطر پاڻ رسيءَ ۾ لٽڪي پوندو هو يا ڪڏهن ٽن ڦيٿن واري گاڏي تي ڪلاس ۾ دبنگ اينٽري هڻندو هو.
پروفيسر کي هڪ ليڪچر تيار ڪرڻ ۾ پورو هڪ ڏينهن لڳي ويندو هو. هُو، هرهڪ لفظ، هڪ هڪ سِٽ ۽ هرهڪ جُملي کي بار بار ڏسندو، درستگيون ڪندو رهندو هو. هُو ليڪچر ڏيڻ کان اڳ ٽي دفعا پنهنجي تيار ٿيل ليڪچر کي نظر مان ڪڍندو هو. هن جي چوڻ مطابق ته ”اوهان جيڪو به سبجيڪٽ پڙهايو، پر دل سان پڙهايو ته جيئن شاگردن کي به دل سان سمجھ ۾ اچي وڃي.“ پروفيسر ليوِن کي اڄ به گهڻا ماڻهو رچرڊ فئمن سان ڀيٽ ڪندي، کيس ان جو تسلسل قرار ڏيندا آهن. ڇو جو رچرڊ فئمن (نوبل انعام يافته) به پنهنجن ليڪچرن، ڪتابن ۽ ٽيليويزن پروگرامن ذريعي فزڪس کي مشهور ڪيو هو.
ھُوMIT مان واحد پروفيسر آهي، جنهن کي پرنسٽن رِويو جي 300 بهترين پروفيسرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پروفيسر جي سوين آن لائين ليڪچرن کي لکين شاگرد ڏسي چڪا آهن. هن کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا آهن. پروفيسر ليوِن صبح جو ليڪچر ڏيڻ کان اڳ 6 وڳي ان ليڪچر کي آخري نظرن مان ڪڍندو هو. سندس چوڻ موجب ”ڏکين تصورن کي سولو ڪري سمجهائڻ لاءِ اوهان کي سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي.“ هن Warren Goldstein سان گڏجي ڪتابFor The Love of Physics لکيو آهي، جيڪو ڪيترين ئي ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪو آهي، ان ڪتاب جي ساراھ بل گيٽس به ڪئي آهي.
هُو هڪ انٽرويو ۾ چئي ٿو ته، ”جيڪڏهن ڪو شاگرد اهو چئي ته فزڪس ڏکي آهي، سمجھ ۾ نٿي اچي ته ان شاگرد جو قصور بلڪل به ڪونهي. اصل ۾ اهو استاد ڏڏ آهي، جنهن کي فزڪس چڱي نموني پڙهائڻ نٿي اچي. اوهان ڏسندئو ته ڪيترائي شاگرد هاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ فزڪس کان نفرت ۽ بيزاري ان لاءِ ٿا ڏيکارين جو انهن کي فزڪس آسان ڪري پڙهائي نٿي وڃي ۽ استاد به دل سان نٿا پڙهائين.“
کيس هر مهيني هزارن جي تعداد ۾ پيغام وصول ٿيندا هئا ته هن هزارين شاگردن جون زندگيون تبديل ڪري ڇڏيون آهن ۽ گهڻن اهو به اعتراف ڪيو ته فزڪس سان سندن چاھ جو سبب پروفيسر والٽر ليوِن ئي آهي.
پروفيسر والٽر ليوِن ڊيلفٽ يونيورسٽي جي پوين ڏينهن کي ياد ڪندي چئي ٿو ته، ”ڊيلفٽ يونيورسٽي ۾ انتظامي ۽ سياسي مداخلت گهڻي هوندي هئي. اسان جي ڊپارٽمينٽ کي ڏنڊي جي زور تي هلايو ويندو هو. اڪثر پروفيسرن جي ڪوشش اها هئي ته ڪيئن به ڪري شاگردن جو جيئڻ جنجال ڪجي. ڊيلفٽ ۾ منهنجو سپروائيزر نهايت مهربان هو. هُو جڏهن به يونيورسٽيءَ ۾ نه هوندو هو ته مون کي چوندو هو، تون پنهنجي ڪار منهنجي آفيس اڳيان پارڪ ڪري سگهين ٿو. مون هڪ ڏينهن ڪار پارڪ ڪئي ته ان مهل ئي ڊائريڪٽر جو نياپو پهتو ته جيترو ٿي سگهي اتان پنهنجي گاڏي ڪَڍ. آئون جڏهنMIT ۾ داخل ٿيس ته اها مون لاءِ جنت ثابت ٿي. اتي انتظامي مداخلت زيرو هئي. اتي اهڙو ماحول هو جو اوهان آزاديءَ سان ڪم ڪري سگهيا پئي ۽ اڳتي وڌي ٿي سگهيا.“
هُو جڏهن ننڍڙو هو ته هر هفتي پنهنجي والدين سان گڏ تاريخي ميوزم ۽ آرٽ گئلريون ڏسڻ ويندو هو. سندس وٽ آرٽ جا وڏا شهپارا ۽ ناياب ڪتاب پيل آهن. هُو چوندو آهي جيڪڏهن فزڪس سندس زندگي آهي ته وري آرٽ سندس پيار آهي. کيس ميڪسويل جي مساوات ۽ پِڪاسو جي پينٽنگ ۾ ساڳي خوبصورتي نظر اچي ٿي. سندس چوڻ آهي ته، ”آرٽ جو ڪم يا مساوات جو سيٽ تڏهن ئي خوبصورت ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن اهي اوهان جي انPerspective کي تبديل ڪري ڇڏين، جنهن خيال يا زاويي سان اوهان دنيا کي ڏسندا رهيا آهيو.“
2004ع ۾ پروفيسر والٽر ليوِن 100 کان وڌيڪ شاگرد ساڻ ڪري ڪئمبرج ۽ بوسٽن جي آرٽ ميوزمن ڏانهن فيلڊ ٽِرپ تي ويو هو، جتي هن هڪ وڊيو ليڪچر رڪارڊ ڪرايو هو، جنهن جو عنوان”Looking at 20th Century Through The Eyes of a Physicist” هو. ان ٽوئر کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن ڏانهنس خط لکيا ۽ چيو ته انهن پهريون دفعو آرٽ ميوزم ڏٺو آهي، گهڻن اهو پڻ لکيس ته هُو پهريون شخص آهي، جنهن حقيقت ۾ کين آرٽ کان روشناس ڪرايو آهي. پروفيسر والٽر ليوِن 2009ع ۾ رٽائر ٿيو، پر هن ڪم اڄ ڏينهن تائين ناهي ڇڏيو. هُو اڄ به آن لائين وڊيو ليڪچر ڏيندو آهي، ڏينهن رات مصروف رهندو آهي. ڪنهن واقعي به صحيح چيو آهي ته پيشي جي حوالي سان پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ پروفيسر ڪڏهن به رٽائر ناهي ٿيندو. پروفيسر والٽر ليوِن ڪڏهن به رٽائر ناهي ٿيڻو، هُو هميشه پنهنجي ڪم جي حوالي سان ڄاتو ويندو.
پروفيسر ليوِن کان هڪ دفعو ڪنهن پڇيو ته اوهان فزڪس کي ڪيئن بيان ڪندا؟ ان تي هن وراڻيو ته ”فزڪس اسان جي آسپاس چوڌاري موجود آهي ۽ اها بيحد خوبصورت آهي. ميڪسويل جي مساوات خوبصورت آهي. بارش کانپوءِ ٺهندڙ انڊلٺ خوبصورت آهي. ڪائنات جي ارتقا خوبصورت آهي. نيرو آسمان من موهيندڙ آهي. شام جي لهندڙ سج جي لالاڻ لڀائيندڙ آهي. جيڪڏهن اوهان فزڪس جي خوبصورتيءَ کي ڏٺو يا محسوس ئي ناهي ڪيو ته پوءِ مهرباني ڪري منهنجا ليڪچرس ڏسو ۽ ٻُڌو. اوهان چاهڻ يا نه چاهڻ جي باوجود به فزڪس جا ديوانا ٿي ويندا.“