”پـور وڇـوٽ پـاڇـا“ عاشق چانڊيو
دنيا ۾ ھن سال چين مان جيئن ئي ڪورونا وبا شروع ٿي ته سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي، اھا ھڪ پکڙجندڙ بيماري ھئي جيڪا ماڻھن ۾ ھڪٻئي سان ملڻ يا ساھ کڻڻ دوران پَکڙي ٿي، ان ڪري حڪومتن تڪڙا اُپاءُ وٺڻ شروع ڪيا. مُلڪن جون سرحدون بند ڪيون ويون، ھوائي اڏامون روڪيون ويون، پر ڳالھ اتي دَنگ نه ڪيو، پوءِ به بيماري پکڙجندي ٿي رھي، ايستائين جو کين شھر به بند ڪرڻا پيا ۽ شھرن جا شھر لاڪ ڪيا ويا. ان لاڪ ڊائون دوران ماڻھو مايوسي جو شڪار ٿيا، جيڪي ڏھاڙي تي ڪمائيندڙ ھئا، انھن جون چُلھيون وسامڻ لڳيون ۽ ماڻھن اُھي لاڪ ڊائون جا ڏينھن ڏاڍي ڪِرڀ ۾ گذاريا. انھن لاڪ ڊائون جي ڏھاڙن دوران ھڪ تخليقڪار جا ڏينهن ڪيئن ٿا گُذرن، پاڻ اھو ذڪر ڪنداسين.
لاڪ ڊائون جي ڏھاڙن ۾ لکيل اھو ڪتاب آهي “پور وڇوٽ پاڇا” ۽ اُھو خطن جو ڪتاب آهي جنھن جو ليکڪ آهي احمد شاڪر!
چوندا آهن “ڏک ونڊڻ سان گھٽبا آهن.”
احمد شاڪر کي لاڪ ڊائون ۾ جڏھن ڏک سَلڻِ لاءِ ڪو دوست نه مليو ۽ گھر ۾ اڪيلو ٿي ويٺو تڏهن ھو شايد اُھي ڏک ۽ احساس سنڀالي نه سگھيو ۽ پوءِ ته ھُن اھي ڏک، اھي احساس، خط لکي پنهنجي دوستن بجاءِ پڙھندڙن سان پڻ اوري ڇڏيا، ايئن ڪرڻ سان ھڪ ته ھن پنھنجو اندر ھلڪو ڪيو، پر ھن خطن جي پراڻي روايت کي پڻ نئين سر جيئاري ڇڏيو آهي! خطن ۾ جيڪي احساس چٽيل آهن، اھي احساس ڏاڍا وڻندڙ آهن، ڪٿي ڪٿي ته اکين ۾ آبُ ٿا آڻي ڇڏين. جيئن:
“اتي رھڻ دوران اسان اَن جي بدران درد کائيندا ھئاسين.”
احمد ھن ھڪڙي سِٽ ۾ ڪيڏو نه درد اوتي ڇڏيو آهي! ھن تشبيھون به ڪمال ڏنيون آهن. ھڪڙي تشبيهه ته پاڻ ھتي به رکون ٿا:
“اسان برادري کان ايئن ڪٽجي ويا ھئاسين جيئن ڪنھن مسافر کان ريل ڇڏائجي ويندي آهي.”
خَطن ۾ پنھنجي چاس آهي، سِڪ آهي، اُڪير آهي. اڳي ماڻھو ٻه ٻه ڏينهن، پنج پنج ڏينهن خطن جو انتظار ڪندا ھئا، خط پھچندا ھئا ته دل باغ بهار ٿي ويندي ھئي، خط پڙھبا ھئا، ھنئين سان ھنڊائبا ھئا ۽ سانڍي رکبا ھئا، راتيون جاڳي، اکين کي اوجاڳا ڏئي خط لکبا ھئا، ھڪڙي رات ۾ ھڪڙو خط، ڪتاب مان ئي شعر آهي:
اور ميري اڪ خط مين لپٽي رات پڙي هي
وه رات بجهادو!
ھاڻي توڙي جو احمد راتيون جاڳي خط لکيا آهن، پر اھي خط حاصل ڪرڻ لاءِ انتظار ناهي، انتظار ناهي ته اوتري سِڪ ناھي جو اڄ ٽيڪنالاجي آهي صرف ھڪڙي ڪِلڪ سان خط پوسٽ ٿي پھچي وڃن ٿا ۽ خط پڙھندڙ تائين پھچيو وڃي!
سڀئي خط وڻندڙ آهن، پر حاجي ساند، مقبول ھاليپوٽو ۽ امداد سولنگي ڏانھن جيڪي خط آھن، اھي ڪمال آھن، احساسن ۽ تشبيھن سان ٽمٽار!
حاجي ساند ڏانهن موڪليل خط ۾ ٿر جو ذڪر آهي، حليم باغي جو ذڪر آهي ۽ ماما جمن دربدر جو ذڪر آهي! اھو ماما جمن دربدر جنھن قومي قافلن جا ته پنڌ ڪيا آهن، پر عشق ۾ به ھن سسئي جيترا پنڌ ڪاٽيا آهن، خانپور ڪٽورا کان لاھور تائين پيرين پنڌ!
احمد ھي جملو به ھن خط ۾ ئي لکيو آهي:
“اڪيلائي جيڪا تخليق جي ماءُ آهي.”
مقبول ھاليپوٽي ڏانھن لکيل خط ۾ احمد لاڙ کي اھڙي ته تشبيھ سان پيش ڪيو آهي جو واھ واھ.
“لاڙ ان لوڪ گيت جيان آهي، جنهن ۾ هڪ حسين ڇوڪري روز تَڙ تي اچي اکين جا ڏيئا ٻاري اوسيئڙي جي اُس ۾ ان وڻجاري لاءِ سڙي رھي آھي، جنھن جي من ۾ سڪ جو سمنڊ ڇوليون ڪونه ٿو ھڻي، جنھن جي من ۾ محبت جي مڇي ڪونه ٿي ڦٿڪي ۽ ھو واپار جي ملڪ ۾ مجنون ٿي زر جي زنجير ڳچيءَ ۾ وجهي ڏيسارو ۾ گم ٿي ويو آهي!”
ھي تشبيھ ڄڻ ته لطيف جي بيت جي تشريح آهي:
اڃان آئين ڪال، پڻ ٿو سفر سنبهين!
وڻجاري جي سڪ ماٺي ڪونه ٿي آهي ۽ ھو آهي جنھن کي ڪا سڪ ناهي، سڀاڻ ئي سفر پيو سنبھي!
امداد سولنگي ڏانهن لکيل خط ۾ احمد ڪي ته اھڙيون ڳالھيون به لکيون آهن جيڪي ماڻهو کي حيرت ۾ وجھي ڇڏين ٿيون.
“ھڪڙي ڪُتب خاني ۾ ڇوڪري ڪتاب پڙهي رھي آھي، جنهن ۾ لکيل آهي ته دُن کان ٿورو مٿي بُک کان جڏهن ڪنڌ نٿو ڪڍرائي سگھجي ته دُن کان ٿورو ھيٺ بُک کان ڪَن لاٽار ڇو ٿي ڪئي وڃي.؟”
“ھيءَ دنيا سڀني جنتن کان کربين ڀيرا وڌيڪ خوبصورت آهي، جن جو ڪو وجود ڪونهي.”
توڙي جو احمد جي “وجود” واري ڳالھ سان اتفاق نه به ڪجي، پر جيڪا ھن ڳالهه ڪئي آهي اھا واقعي مڃڻ لائق آهي. پاڻ ھن دنيا کي ته خوبصورت بڻايون، پيار محبت ونڊيون نه ته ڀلا پاڻ کي ڪھڙي پڪ آهي ته سِڌا جنت ۾ وينداسين!
پاڻ آخر ۾ ڪتاب مان ٻه چونڊ جملا به رکون ٿا:
* لطيف سنڌي ٻوليءَ، سنڌي شاعري ۽ سڄيءَ سنڌ جو شناختي ڪارڊ آهي.
* مون کي ڪنواري جسم جي ڇھاءُ ۾ به پراڻن ڪتابن جھڙي پُراسرار خوشبوءِ ڪو نه ملي آهي.

