پنجاب ۾ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 30 رپيا مهانگو
پنجاب ۾ اٽي جي اگهه ۾ ٻيهر واڌ، ان ڏس ۾ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 30 رپيا مهانگو ٿي ويو، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب پنجاب ۾ اٽي جو مل ريٽ 1150 ۽ ريزڪي اگهه 1180 رپيا في ٿيلهو ٿي ويو، ان ڏس ۾ فلور ملز مالڪن جو چوڻ آهي ته اسان کي سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ نه پئي ملي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ مهانگي آهي. واضح رهي ته اٽي جي اگهه ۾ 100 رپين جو واڌارو ٿي چڪو آهي.