پنهنجو وقت نه وڃايو! ليکڪا: عائشه الياس رياض هاشم لاشاري July 2021
دنيا ۾ اهڙو ڪوبه به ماڻهو نه آهي، جيڪو ڪامياب ٿيڻ نه چاهيندو هجي. هَر ماڻهو وڏا وڏا خواب ڏسي ٿو، پر هَرهڪ جا خواب حقيقت نٿا بڻجن. عام طور تي اهو انهيءَ ڪري جو ڪابه شيءِ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪجھه ڪرڻو ٿو پوي. اهو سڀ ڪجھه ڄاڻندي، جيڪڏهن اسين پنهنجي چوگرد نظر ڦيرائينداسين ته ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا، جيڪي سوشل ميڊيا، فلمون ڏسڻ، آرام ڪرڻ، وڙھڻ ۽ الائي ته ڇا ڇا ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪن ٿا ۽ جن شين تي اهي پنهنجو وقت وڃائين ٿا، اُهي شيون بدلي ۾ انهن کي ڪو حقيقي با مقصد فائدو نٿيون رسائين.
پوءِ اُهي وقت ڇو ٿا ضايع ڪن؟ بهرحال! مان سمجهان ٿي ته ان جو اصل ڪارڻ اهو آهي جو ماڻهو اُنهن شين جا عادي ٿي ويا آهن، جيڪي تمام گهڻو وقت وٺنديون آهن ۽ صِلو تمام گهٽ ڏينديون آهن. وڌيڪ ڏُک ان ڳالھ جو آهي ته ڪيترائي اهو به محسوس ڪين ڪندا آهن ته انهن جيڪو وقت استعمال ڪيو، ان وقت ۾ جيڪو ڪجھه کين حاصل ٿيو، اهو تمام گهٽ آهي يا فائدي وارو ئي نه آهي. تنهنڪري ان کي وڃايل وقت ئي ليکيو ويندو آهي.
تصور ڪريو ته توهان هر روز اُٿندي ئي پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 86,400 رپيا موصول ڪريو ٿا ۽ توهان کي اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته اها سموري رقم رات دير سان واپس هلي ويندي، پوءِ ڀلي اها رقم توهان خرچ ڪئي هجي يا نه. ظاهري ڳالھه آهي ته اسان اها رقم، اُهي شيون خريد ڪرڻ لاءِ خرچ ڪنداسين، جيڪي اسان لاءِ فائدي واريون هجن، پر جڏهن اسان جي زندگيءَ جي اڪائونٽ ۾ جڏهن هر روز 86,400 سيڪنڊ منتقل ٿين ٿا ته اسان انهن کي وڃايون ٿا، باوجود اهو ڄاڻڻ جي ته اسان انهن کي استعمال ڪريون ٿا يا نه، جيڪي ڏينهن جي ختم ٿيڻ سان سڀ واپس هليا ويندا. وقت جيڪڏهن پئسو هجي ها ته اسان ان کي ڪڏهن به وڃائڻ نه ڏيون ها. ڪاش! اسان سمجهي سگهون ته وقت پئسي کان وڌيڪ قيمتي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان وقت ڏئي پئسو ڪمائيندا آهيون. اسان اربين کربين رپيا خرچ ڪري به گذريل هڪ سيڪنڊ به واپس نٿا ورائي سگهون.
هڪ سال جو قدر محسوس ڪرڻو اٿئو ته هڪ اهڙي شاگرد کان پڇو، جيڪو هڪ سال فيل ٿيو هجي. هڪ مهيني جو قدر محسوس ڪرڻ لاءِ هڪ رانديگر کان پڇو جيڪو ڪنهن ڌَڪ جي ڪري هڪ مهينو کيڏي نه سگهندو هجي ۽ هڪ اهم مقابلو وڃائي ويهي. هڪ هفتي جو قدر محسوس ڪرڻ لاءِ ڪنهن اهڙي شخص کان پڇو، جنهن کي پنهنجي پيارن ۽ ڪم ڪار کان پري رهي هڪ هفتي لاءِ قرنطينه ۾ رهڻو هجي. هڪ ڪلاڪ جو قدر معلوم ڪرڻ لاءِ اُنهن کان پڇو، جيڪي اونهاري ۾ هڪ ڪلاڪ جيڏي لوڊ شيڊنگ برداشت ڪن ٿا. هڪ منٽ جو قدر محسوس ڪرڻ لاءِ اُنهن ماڻهن کان پڇو، جيڪي پنهنجي پياري جي فوت ٿيڻ تي هڪ منٽ دير پهچن ٿا. هڪ سيڪنڊ جو قدر معلوم ڪرڻ لاءِ اُن شخص کان پڇو، جيڪو تڪڙ ۾ آهي ۽ ٽرئفڪ لائيٽ ڳاڙهي روشني جو اشارو ڏئي ٿي ۽ ملي سيڪنڊ جو قدر محسوس ڪرڻو اٿئو ته اُن شخص کان پڇي وٺو جيڪو اولمپڪس جي ڊوڙ ۾ ٻيو نمبر اچي ٿو.
وقت ۽ اُستاد ٻئي اسان کي سيکاريندا آهن، پر فرق اهو آهي ته اُستاد سيکاريندو اڳ ۾ آهي ۽ پوءِ امتحان وٺندو آهي ۽ وقت وري پهريان امتحان وٺندو آهي ۽ بعد ۾ سيکاريندو آهي، تنهنڪري چوندا آهن ته اُهي ماڻهو خوشنصيب آهن، جيڪي وقت کي سمجهن ٿا. اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته جڏهن وقت هوندو آهي ته ماڻهو ان جو قدر ڪونه ڪندا آهن ۽ جڏهن اُنهن کي سمجھ ۾ ايندو آهي ته اُهي مليل وقت ۾ ڪجھه ڪري پئي سگهيا، تڏهن ته وقت به گذري چڪو هوندو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن کي ايئن چوندي ٻڌندا آهيون ته، “ڪاش! مون کي وڌيڪ وقت هجي ها!”، پر حقيقت اِها آهي ته جيڪي ماڻهو ڪجھ ڪرڻ چاهيندا آهن، اهي 24 هن ڪلاڪن ۾ ئي ڪري سگهندا آهن ۽ اُهي جيڪي ڪجھه نه ڪرڻ چاهيندا آهن، انهن کي جيڪڏهن 26 ڪلاڪ به ڏيو، تڏهن به اُهي ڪجھه ڪرڻ جي قابل نه بڻجندا.
خدا هر ڪنهن کي برابر وقت يعني 24 ڪلاڪن جو ڏينهن ڏنو آهي. فرق ان ڳالھه جو آهي ته ڪوئي ان وقت کي ڪهڙيءَ طرح استعمال ڪري ٿو.
ٿامس ايڊيسن بلب ايجاد ڪيو، جيڪ ما دنيا جي وڏي ۾ وڏي ريٽيلر ۽ اي- ڪامرس ڪمپني “علي بابا” جو بنياد وڌو ۽ ٻيا بيشمار اهڙا هئا، جن ۾ پنهنجي مليل وقت ۾ گهڻو ڪجھه حاصل ڪرڻ جي قابليت هئي ته پوءِ ٻيا وقت کي ڇو وڃائي ويهن ٿا؟
سچ اهو آهي ته اسان وٽ وقت جي ڪمي نه، پر وقت جو انتظام ڪرڻ جي ڪمي آهي. اُن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته وقت اُڏرندو آهي، پر اسان ته پائليٽ آهيون، جيڪي ان کي اُڏاريندا آهن.
ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي اڄ جي ڪم کي سڀاڻي لاءِ رکي ڇڏيندا آهن، پر اُهي ڇو وساريندا آهن ته اسان کي خبر نه آهي ته ايندڙ لمحي ۾ ڇا ٿيندو.
منهنجي هڪ دوست کي به ساڳي عادت آهي ته جيڪي ڪم هن کي ڪرڻا هوندا آهن، هوءَ انهن کي ترسائي ڇڏيندي آهي. مان هن کي سمجهائيندي هئس ته اهو انداز ٺيڪ نه آهي، پر هوءَ منهنجي ان نصيحت کي هميشه نظر انداز ڪري ڇڏيندي هئي.
هڪ ڀيري اسان جي اسڪول ۾ ساليانو راندين جو ڏينهن اچي رهيو هو، جنهن لاءِ اسان کي اسڪول جي مخصوص راندين جي پوشاڪ وٺي اچڻ لاءِ چيو ويو هو ته جيئن ان ڏينهن تي پائي اچجي.
مون راندين جي ڏينهن کان 10 ڏينهن اڳ اُها راندين جي پوشاڪ وٺي ڇڏي هئي ۽ پنهنجي بهترين دوست کي پڻ چيو، پر هن اهو محسوس ڪيو ته اڃان ڪافي وقت پيو آهي ۽ بعد ۾ خريد ڪنديس.
راندين کان هڪ ڏينهن پهريان جڏهن هوءَ دڪان تان يونيفارم وٺڻ وئي، اُنهن وٽ ته هن جي سائيز جي ڪا يونيفارم ئي نه بچي هئي. مخصوص پوشاڪ کانسواءِ هوءَ راندين جي ڏينهن جي سرگرمين ۾ حصو نه وٺي سگهي.
اُن ڏينهن هن هڪ وڏو اهم سبق پرايو ته اسان کي ڪڏهن به ڪنهن ڪم ۾ دير نه ڪرڻ کپي. هي ته اهڙي قسم جي مسئلن جو هڪ مثال آهي، جيڪي ڪنهن ڪم ۾ دير ڪرڻ سان پيدا ٿين ٿا ۽ مسئلا هن کان وڌيڪ خطرناڪ به ٿي سگهن ٿا.
اسان جي اڳواڻ قائدِ اعظم محمد علي جناح پڻ اهڙي نصيحت ڪئي آهي ۽ سڀاڻي جو ڪم اڄ ڪرڻ ۽ اڄ جو ڪم هاڻي ڪرڻ جي نصيحت ڪئي آهي. اهي مختصر، پر وڏي معنيٰ رکندڙ لفظ آهن ۽ ننڍپڻ کان وٺي اسين ٻڌندا ٿا اچون ته خالي دماغ شيطان جي ڪم جي جاءِ هوندي آهي، تنهنڪري جيڪڏهن ننڍپڻ کان توهان وٽ خالي دماغ سان ويهڻ واري عادت پئجي وڃي ته جيئن جيئن توهان وڏا ٿيندا ته وقت جو چڱيءَ طرح انتظام نه ڪري سگهندا ۽ نه ئي ڪو ڪم اثرائتي طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي قابل بڻجندا. جيڪڏهن توهان پنهنجو سمورو ڪم پورو ڪيو آهي ۽ فارغ آهيو ته پنهنجو وقت سُستيءَ سان گذارڻ بدران ورزش يا پينٽنگ ڪرڻ يا ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ، سٺي ڊاڪيومينٽري ڏسڻ وغيره جو ڪم ڪري گذاري سگهو ٿا. انهيءَ طريقي ۾ توهان پنهنجي وقت کي با مقصد طريقي ۾ استعمال ڪري سگهو ٿا.
جيڪي واقعي پنهنجي خوابن کي حقيقت بڻائڻ جي خواهش رکندا آهن، اُهي پنهنجي وقت جي هر سيڪنڊ کي اهميت ڏيندا آهن ۽ ان کي تمام اثرائتي انداز ۾ استعمال ڪندا آهن. زندگيءَ جو مقصد اهو نه آهي ته اسين دنيا ۾ آياسين، کائون، پيئون، لُطف ماڻيون ۽ پوءِ مري وڃون. الله تعاليٰ اسان کي زندگي مقصد لاءِ ڏني آهي. اسان ان کي چڱيءَ طرح استعمال ڪريون، تنهنڪري وقت کي وڃائڻ کان روڪيو، ڇو ته وقت عقلمند کي فائدو رسائيندو آهي ۽ ڪاهل کي سزا ڏيندو آهي.
(حوالو: يَنگ ورلڊ، ڊان)

