پهريون جديد شهرِ آشوب (امداد حسينيءَ جي طويل نظم “شهر” جو جائزو) اسحاق سميجو March 2021

هندستان مان شايع ٿيل “شعور” جي مارچ 1978ع واري شماري ۾، ڪلڪتي بابت مختلف شاعرن جا 10 نظم شامل آهن. انهن نظمن جي تعارف ۾، ليکڪ شميم حنفي لکي ٿو: “صنعتي تمدن جتي شخصيت ۽ انفراديت کان عاري شهرن ۽ ماڻهن جي پيهه پيدا ڪئي، اتي ڪجهه اهڙا شهر به آباد ڪيا، جيڪي پنهنجي شخصيت جو احساس ڏيارين ٿا ۽ اهو ٻڌائين ٿا ته شهر رڳو ڪولتار ۽ ڪنڪريٽ جي رستن، آسمان کي ڇهندڙ عمارتن، آفيسن، ڪارخانن ۽ ثقافتي ادارن سان چڪار مهذب وسندين جو نالو ئي نه آهي. بلڪه اڳ ۾ به ڪجهه شهر هئا، جيڪي دلين وانگر ڌڙڪندا هئا ۽ انهن جي آرسيءَ ۾ انسان جي مڪمل ذات جو متحرڪ عڪس نظر ايندو هيو.” هو اردوءَ جي عظيم شاعر مير تقي مير جي شهر شاهه آباد جهان جو تذڪرو ڪرڻ کانپوءِ لکي ٿو، “ان (شهر) جي حڪمراني هڪ تجربي، هڪ عقيدي وانگر شعور، وجدان، جسم ۽ روح، هرهڪ تي هئي.” هو قديم شهرن مان ايوڌيا، ڪپل وستو، پاٽلي پتر، بغداد، غرناطه، جديد شهرن مان لنڊن، پئرس، قاهره، روم، ٽوڪيو، پيڪنگ، ماسڪو، لاهور ۽ ڪلڪتي کي شهرن بجاءِ استعارا سڏي ٿو، جيڪي ساڳئي وقت شهر به آهن، ته خيال به.

استعارن ۽ خيالن جهڙا ڪجهه شهر دنيا جي قديم تهذيب ۽ ڪلچر جي وارث ڌرتي سنڌ ۾ به آهن. قديم زماني ۾ اروڙ، سيوستان، ٺٽو موهن جو دڙو ۽ ڀنڀور ۽ جديد دؤر جي شهرن مان ڪراچي، شڪارپور، حيدرآباد، سکر يا ڄامشورو اهڙا شهر آهن، جن جي حيثيت استعارن جهڙي آهي. ائين ته شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول جي نالن اچڻ سان “جهوڪ” ۽ “باغبان” به استعارا بڻجي ٿا پون، ۽ حق ۽ سچ لاءِ جان قربان ڪندڙن جي ڪري “ٽوڙي ڦاٽڪ” ۽ “ٽنڊو بهاول” به استعارا بڻجي چڪا آهن، پر بدقسمتيءَ سان سنڌي ادب يا شاعريءَ ۾ انهن شهرن کي اهو مقام ۽ حيثيت نه ملي سگهي آهي، جيڪا اهي لهڻن ٿا. نئين دؤر جي شاعريءَ ۾ وري شهرن بجاءِ اتان جي ڪن خاص جاين يا تفريحي ۽ تاريخي هنڌن، جبلن، ندين، ڍنڍن وغيره ادب ۽ شاعريءَ ۾ ضرور استعاري ۽ علامت جي حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي، جيئن سنڌو، ڪينجهر، المنظر، لب مهراڻ ۽ ڪارونجهر وغيره. اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪئين نالا ايترا ڀيرا ۽ ايترين ته گهڻين معنائن ۾ استعمال هيٺ آيا آهن، جو هاڻ اهي فقط ڪا خاص معنيٰ رکندڙ لفظ نه رهيا آهن، نه ئي انهن کي ڪن مخصوص شين جا نالا چئي سگهجي ٿو، بلڪه اهي علامتون ۽ استعارا آهن ۽ گهڻين ئي معنائن ۾ استعمال ٿين ٿا، جنهنڪري شاعرن جي تخيل ۽ تخليقي صلاحيت جي سر زمين وڌيڪ ڪشادي ۽ سرسبز ٿي پئي آهي.

“حيدرآباد” به سنڌ جو هڪ اهڙو ئي شهر آهي، جيڪو پنهنجي تاريخي حيثيت، ڌار ڪلچر، منگهن جي انفراديت، آبهوا، کليل رستن، ادبي سماجي ۽ سياسي فضا ۽ سنڌ جي شعور جي اڳواڻيءَ ڪرڻ جي ڪري هڪ ڀرپور ۽ بامعنيٰ استعارو بڻجي چڪو آهي ۽ اهو ڪم جيترو حيدرآباد جي خوبين گڏجي ڪيو آهي، ايترو ئي امداد حسينيءَ جي شاعريءَ به ڪيو آهي.

دراصل سنڌيءَ ۾ ايم ڪمل کانپوءِ امداد حسيني ئي اهو واحد شاعر آهي، جنهن جي شاعري موضوعاتي لحاظ کان ئي نه، پر حقيقي معنيٰ ۾ به نه رڳو نئين، پر شهري به آهي. شهر هن جي شاعريءَ جو بنيادي موضوع ئي نه، طاقتور اهڃاڻ به آهي، جنهن کي هو هڪ ئي وقت ڪئين معنائن ۾ استعمال ڪري ٿو. ڪڏهن خوف جي علامت، ڪڏهن ڪرفيوءَ جي، ڪڏهن انساني رت جي، ڪڏهن اڪيلائي، ويڳاڻپ، آوارگي، اڻ واقفيت، ڪڏهن قدرن جي زوال، ڪڏهن مصنوعيت، ڪڏهن دوکي بازين، منافقت ۽ ڪوڙ جي، ته ڪڏهن اجائي ڊڪ ڊڪان ۽ فضول سرگرمين جي هڪ لاڳيتي عمل جي-

او ڳوٺاڻا! اهو ئي شهر آهي،

رڳن ۾ رت بدران زهر آهي.

هڪ لحاظ کان شهر هن وٽ زوال جو اهڃاڻ آهي ۽ هو هر ڀيري ان جي ڪنهن نئين بڇڙائيءَ ۽ بدڪاريءَ تان پردو کڻي ٿو. جڏهن امداد جو “شهرِ آشوب” پڙهجي ٿو، ته شهر جو تعارف بدلجي وڃي ٿو. شهر جي هڪ نئين تصور سان واقفيت ٿئي ٿي. هڪ نئين دنيا جو دروازو کلي ٿو. حيدرآباد شهر، جنهن سان امداد جو جنم جنم جو رشتو آهي، هو ان کي محبت جو شهر ٿو سڏي. “شهر” نالي هن جو نظم، ان ئي شهر جي برباديءَ جو آشوب آهي.

سچي ڳالهه اها آهي ته جديد زماني جي شاعرن ۾ امداد حسيني ئي اهو واحد شاعر آهي، جنهن جي طويل نظم “شهر” کي صحيح معنيٰ ۾ هڪ مڪمل “شهرِ آشوب” سڏي سگهجي ٿو. جيڪو شهر آشوب جي شاعريءَ ۾ ئي نه، مجموعي سنڌي شاعريءَ ۾ به هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. سنڌيءَ جي اها جديد شاعري، جنهن کي ڪلاسڪ سڏي سگهجي ٿو، امداد جو هي نظم ان ۾ اهم حيثيت والاري ٿو.

دراصل شهرِ آشوب هيئت جي لحاظ کان ڪنهن ڌار صنف جو نالو نه آهي، بلڪه اهو نظم فقط ۽ فقط پنهنجي موضوع سان ئي سڃاتو ويندو آهي. فيروز اللغات ۾ “آشوب” جي معنيٰ غوغاءُ، هجوم، ولولو  ۽ شور وغيره ڄاڻائي وئي آهي، ۽ شهرِ آشوب معنيٰ، اهو نظم، جنهن ۾ ڪنهن شهر جي پريشاني ۽ برباديءَ جو ذڪر ڪيو ويو هجي.

اردو، فارسي ۽ ترڪيءَ ۾ خاص طور، شهرِ آشوب مثنوي، رباعي، مسدس ۽ ڪجهه ٻين صنفن ۾ لکيا ويا آهن. اردوءَ جي نامور محقق ڊاڪٽر سيد عبدالله لکيو آهي ته، “اردوءَ ۾ اچي “شهرِ آشوب” گهڻو ڪري هڪ خاص هيئت اختيار ڪئي. مير، سودا ۽ نظير جا شهرِ آشوب هڪ ئي نموني جا آهن. دهليءَ جي شهر آشوبن ۾ پهرين پهرين دهليءَ جي صفتن جو بيان، ان کانپوءِ اصل مقصد ڏانهن موٽ، بعد ۾ برباديءَ جو ذڪر ۽ آخر ۾ دعا، اهي خاصيتون اٽڪل هر شهرِ آشوب ۾ نظر اچن ٿيون.”

دراصل شهرِ آشوب شاعريءَ جي هڪ اهڙي موضوعاتي صنف آهي، جنهن ۾ ڪنهن به شهر جي بدلجندڙ معاشرتي تصوير جو مڪمل عڪس چٽيو ويندو آهي. جيئن ان جي مختلف طبقن جي سماجي ۽ معاشي حالت، شهر جي عمارتن ۽ جاين جي صورتحال، مختلف گروهه، بدلجندڙ حالتن، ماضي ۽ حال، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي پريشاني يا محفلن ۽ مجلسن جو ڪلچر سامهون اچي سگهي ۽ هڪ منظوم تخليقي تاريخ رقم ٿي سگهي، جنهن ۾ رڳو انگ اکر ۽ حڪمرانن جا نالا نه هجن، پر ماڻهن جا جذبا ۽ احساس به ڌڙڪندا محسوس ٿين. ڪوبه نظم شهرِ آشوب ڪيئن بڻجي سگهي ٿو؟ ان لاءِ نقاد هيٺيون وصفون ۽ شرط بيان ڪن ٿا:

پهريون شرط اهو آهي ته “ان ۾ ڪنهن شهر (يا ملڪ) جي مختلف طبقن جو تذڪرو هجي. خاص طور ڪاريگرن ۽ پيشيورن جو ذڪر. هن نظم جو ٻيو شرط اهو آهي ته ان ۾ اقتصادي بحران يا ڪنهن حادثي جي سبب سياسي ۽ مجلسي پريشانيءَ جو ذڪر هجي. ٻيءَ معنيٰ ۾ شهرِ آشوب ڪنهن به شهر جي تباهي ۽ برباديءَ جو منظوم نوحو آهي، جنهن ۾ زماني جو شاعر هڪ شهر جي تباهي ۽ زوال کي پنهنجي اندر جي تباهي ۽ زوال جو استعارو بڻائي، ان کي تاريخ کان مٿانهون بڻائي ٿو ڇڏي. وقت ۽ شاعري گڏجي سفر شروع ڪن ٿا ۽ هڪ نيڪ تمنا، هڪ آرزو ۽ هڪ دعا وٽ پهچي، ڪنهن شهر جي عظمت ۽ وقار کي ٻن لڙڪن جي ڀيٽا سان گڏ سلامي ڏين ٿا.” (1)

پنهنجي ڪتاب “مباحث” ۾ سيد عبدالله شهرِ آشوب جي تاريخ ٻڌائيندي لکي ٿو، “پروفيسر گِب جو خيال آهي ته شهرِ آشوب جو خالق هڪ ترڪي شاعر مسيحي (وفات 918 هه) هيو، جنهن سڀ کان پهرين “ادرنه” جي سهڻن ڇوڪرن بابت هڪ مثنوي لکي ۽ ان ۾ انهن جي نالن جي منظوم فهرست پيش ڪئي، پر بعد ۾ پروفيسر برائون چيو ته مسيحي کي ان صنف جو خالق ان ڪري نٿو قرار ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ساڳئي دؤر ۾ ايراني شاعرن وٽ به شهرِ آشوب ملن ٿا.” (2)

منهنجي خيال ۾ سنڌيءَ ۾ سڀ کان قديم آشوبيه شاعريءَ جا اهڃاڻ انهن منظوم قصن ۽ داستانن ۾ موجود آهن، جيڪي دودي ۽ چنيسر جي وچ ۾ اقتدار تان جنگ ڇڙڻ ۽ نتيجي ۾ هندستاني فوجين جي سنڌ تي ڪاهي اچڻ جي روئداد کي بيان ڪن ٿا. علاؤالدين خلجيءَ جي فوج جي ڪيل هلان جي نتيجي ۾ سنڌ جي شهرن کي جيڪا صورتحال ڏسڻي پئي، ان جون ڪيئي جهلڪيون انهن قصن ۽ داستانن ۾ موجود آهن. ان کانپوءِ ته سنڌ جي شهرن لاءِ ڄڻ ڏکين ۽ تاريڪ ڏينهن جو نئون دؤر شروع ٿئي ٿو. ڌارين جا لڳاتار حملا، ڪاهون، ڦرلٽ، قتل و غارت گيري ۽ مار ڌاڙ، رت جي انهيءَ راند سنڌ جي تمدني زندگيءَ کي جهڙيءَ ريت متاثر ڪيو، ان جو ذڪر ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن ڪٿي اشارن ۽ ڪناين ۾ ته ڪٿي سڌيءَ طرح پئي ڪيو آهي. شاهه جو هي شعر خود آشوبيه شاعريءَ جو ئي حصو آهي:

نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون،

پسي بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.

يا خود هي شعر، جنهن جو پسمنظر توڙي جو مجازي آهي، پر پوءِ به ڄڻ ته شهرِ آشوب جو شعر ٿو لڳي:

ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ٻريا، لوٺو لڊاڻو!

اياز جي ڪراچيءَ بابت لکيل نظم ۽ نند جويريءَ جي “شڪارپور ” نظم کي سنڌيءَ ۾ آشوبيه شاعريءَ جو هڪ حوالو سڏي سگهجي ٿو، پر انهن نظمن سان اهي شهر استعارا نٿا بڻجن، جهڙيءَ ريت ايليٽ جي شاعري “لنڊن”، ڪافڪا “پراگ” ۽ بودليئر جو شعر “پئرس” کي هڪ استعارو بڻائي ٿو ڇڏي. اهو ڪم امداد جي شاعري ڪري ٿي. حيدرآباد هن جي رڳ رڳ ۾ موجود آهي ۽ ان جو تصور هن لاءِ ڪنهن محبوب جي تصور کان گهٽ نه آهي.

تازو ئي هندستان جي سنڌي شاعر شيام جئسنگهاڻيءَ ممبئيءَ جي مختلف دؤرن، هنڌن، تفريح گاهن، اهم جاين ۽ منظرن کي نظم جي فارم ۾ مسلسل يادگيرين وانگر قلمبند ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي شهرِ آشوب جي جهلڪ به هن نظم ۾ ملي ٿي ۽ ڪي ڪي نظم چُڀندڙ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ به آهن، پر اهي سڀ نثري هيئت جا آهن، جن ۾ شعريت نه هجڻ برابر آهي. مثال طور، “ٽرام-سواري” جي عنوان سان لکيل نظم ۾ هو چوي ٿو:

ماٽونگا کان ميوزم تائين آني واري ٽڪيٽ،

ڊبل ڊيڪر جي هود واري سپه سالاري سيٽ،

شرت بابوءَ جو ناول ۽ مڱ ڦلين جو عيش.

البته ڪتاب “ممبئي منهنجي” جي مهاڳ ۾ هن هڪڙي بيحد نرالي ۽ اهم ڳالهه لکي آهي، ته هر ڀوميءَ کي ان ڀوميءَ تي اڏيل نگر، مها نگر کي پنهنجو مجاز، پنهنجي ڌڙڪن، پنهنجي گرمائش ۽ پنهنجو الڳ خمار به ٿيندو آهي. ذڪر لائق، ڏسڻ لائق، محسوس ڪرڻ لاءِ، ڪيئي ڪنڊون به ٿينديون آهن، اسان جي کڙي رهڻ لاءِ.

شهر ڳالهائيندا آهن، ٻڌندا آهن ڏسندا آهن.

لوڪ ڏينهن جي لڳاتار ڪِرت بعد رات جو آرامي ٿيندا آهن، پوءِ به شهرن جا ڪيئي رستا سموري رات جاڳندا آهن. تهن هيٺان تهه، تهن مٿان تهه… ٽڙيل پکڙيل… بي ترتيب… بدلجندڙ رنگن وارا… ٻولتي فلم…”

جيتوڻيڪ شيام جي نظم ۾ ڪٿي ڪٿي، شهرِ آشوب جي جهلڪ به ملي ٿي، پر اصل ۾ اهو هڪ “منظوم شهر نامو” آهي.

امداد جي شاعريءَ ۾ ابتدا کان ئي شهر هڪ ڇرڪائيندڙ استعاري جي صورت ۾ موجود نظر اچي ٿو. سندس پهرئين مجموعي “امداد آهي رول” ۾ هن جو شاندار نظم “حملو” هڪ شهر جي لاڏاڻي تي هڪ دؤر جو ماتم محسوس ٿئي ٿو. سمورو نظم علامتن ۽ اهڃاڻن سان ڀريل آهي ۽ اهو پاڻيءَ جي هڪ وڏي ريلي وانگر پڙهندڙ کي لوڙهيندو ٿو وڃي:

ڪو ته هن شهر جو همدرد ۽ همدم هوندو،

ڪو ته هن شهر جو همراز ۽ ساٿي هوندو،

ڪو ته هن شهر جو معشوق ۽ جاني هوندو،

ڪا ته هن شهر جي دلبر جي جواني هوندي،

ڪاته هن شهر جي عاشق جي نشاني هوندي،

ڪو ته هن شهر جي ٻالڪ جو تبسم هوندو،

ڪو ته هن شهر جي لوليءَ جو ترنم هوندو،

سرد ۽ تيز هوائن ٿي ڪڙا کُڙڪايا،

ته ڪو انسان به ٿئي شهر جي ماتم ۾ شريڪ،

ته ڪي چيخون به هجن جشنِ جهنم ۾ شريڪ،

شهر جي موت تي ڪو پار ڪڍڻ وارو نه هو،

ڪو رُئڻ وارو نه هو، ڪو به رُئڻ وارو نه هو!

امداد جي ٻئي اهم مجموعي “هوا جي سامهون” جي مهاڳ ۾ سندس نظم “سفاڪ” تي راءِ ڏيندي، سحر امداد لکيو آهي: “امداد جا نظم پڙهي وار ڪانڊارجي ويندا آهن. “سفاڪ” به اهڙو نظم آهي امداد جو. هي نظم نه، پر بندوق جي اها نالي آهي، جا:

اونداهه سان آهي ڏٽيل،

بارود جي بُو سان ڀريل.

1988ع کانپوءِ اسان جي شهر ۾ جا انارڪي ۽ دهشتگردي پکڙي، تنهن سمورا قدر يڪسر بدلائي ڇڏيا. انسان دوستيءَ جي جاءِ سفاڪيءَ والاري- ڦريل، سڙيل، اجڙيل، ريپ ٿيلValues  جو هي نوحو آهي، نظم ناهي.”

ساڳي راءِ امداد جي طويل نظم “شهر” تي به سئو سيڪڙو ٺهڪي اچي ٿي: “هڪ ڦريل، سڙيل، اجڙيل ۽ ريپ ٿيل قدرن جو نوحو.” اهو نوحو “هي منهنجو شهر آهه يا دشمن جو شهر آهه” جهڙي ڇرڪائيندڙ سٽ سان شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ هر سٽ رت ۽ باهه جي گهٽيءَ ۾ داخل ٿيندي محسوس ٿئي ٿي. ماڻهو جهڙو بارودي سرنگهه وٽان ڊوڙي رهيو هجي. نظم پڙهندي، ماڻهوءَ کان سنڌ وسري وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن سٽ “قرآن ٿن هٿن ۾” ٿوريءَ دير لاءِ نظم مان ٻاهر ڪڍي رکجي، ته ذهن تي بيت المقدس جي گهٽين ۾ ٿيندڙ وحشي پڻي جا منظر ڊوڙڻ لڳندا ۽ محسوس ٿيندو ته ڄڻ اهو سوال محمود درويش پنهنجو پاڻ کان پڇي رهيو آهي:

آهن هي ڪير لوڪ نقابن جي پوئتان،

قرآن ٿن هٿن ۾، ڪڇن ۾ ڇُرا اٿن،

ڪوسي لهوءَ جي پياس چپن تي کڻيو گهمن،

۽ رات ڏينهن ٻوٿ مٿان ٻُٽ هڻيو گهمن،

ٻولي به منهنجي ڪانه ٿا ڳالهائي هو سگهن،

لولي به منهنجي ڪانه ٿا ورنائي هو سگهن،

ماڻو ڪري رُسان ته، نه پرچائي هو سگهن،

ڄڀ تي ڄڀيون، اماڙ اکين ۾ کڻيو رلن،

واڇن کي تازو گرم لهو ٿا هڻيو رلن،

مارين ٿا، ڦرين ٿا ۽ ٽهڪ ٿا ڏين!

30 سيپٽمبر 1988ع کانپوءِ رت جي اهائي راند، سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي رستن تي کيڏي وئي. بازارن، چوڪن ۽ گهرن ۾ زبردستي داخل ٿي، سنڌ جي حقيقي وارثن کي بيدرديءَ سان ڪهي، سندن لاشن جي تذليل ڪئي وئي. نياڻين جا جسم ڊرل مشينن سان چيريا ڦاڙيا ويا. هڪ دؤر پنهنجي پوري وحشت ۽ درندگيءَ جو تعارف کڻي سامهون آيو ۽ ان دؤر جو شاعر امداد حسيني پنهنجي پوري ڀوڳنا، ڪرب ۽ اذيت کي تخليقي قوت ۾ بدلائي، ان جو لڱ ڪانڊاريندڙ اظهار ڪندو رهيو:

جنهن شهر جون گهٽيون ٿي لڳيون سِينڌ جي سمان،

اُت ٽائرن جو دونهن دکي ئي دکي پيو،

هر راهه آهه گهاءُ، نڙيءَ کان نراڙ تاءِ،

۽ چؤنڪ چؤنڪ ڄڻ ته ڪوئي ڦَٽ ڪڙيءَ لٿل،

ٿُوهر هٿن هٿان مٿان بارود ٻُرڪيل،

ماچيس ساڻ تيليءَ جو گهڪو اجهو ٿيو،

ڪنهن ٻار جا اجهو ڪي اجهو چيٿڙا اڏيا،

ڪنهن ماءُ جا اجهو ڪي اجهو خواب رک ٿيا،

ڪنهن پيءُ جو اجهو ڪي اجهو هانءُ ٿو ٻڏي!

هر راهه کي “گهاءُ” ۽ هر چؤنڪ کي “ڪڙيءَ لٿل ڦٽ” سان مشابهت اچڻ سان ئي شاعر جي انفراديت ۽ تخليقي صلاحيت چٽي ٿي وڃي ٿي. “ڪنهن ٻار جا اجهو ڪي اجهو چيٿڙا اڏيا” هڪ ڇرڪ ڀرائي ڇڏيندڙ سٽ آهي. نظم زمان حال ۽ زمان ماضيءَ جي وچان ئي وچان هلندو رهي ٿو. شاعر اوچتو ڪڏهن ماضيءَ جي خوبصورت يادن ۾ گم ٿي وڃي ٿو، ته ڪڏهن حال جي تباهيءَ جو منظر نامو چٽيندو وڃي ٿو ۽ هر سٽ هڪ الارم وانگر ٽڪ ٽڪ ڪندي، پڙهندڙ کي متوجهه رکيو ٿي اچي.

هي منگهه ڄڻ ته ڦاهي تي ڳاٽو ڪو ٽڙڪيل

دوڏا پٽيل، زبان ڏندن ۾ اچي ويل

ڪنهن کي ڏسڻ جي آس اجهل وئي نراسجي

ڳُڻ جهڙي ڳالهه اڌ ۾ گهوگهاٽجي وئي

لوساٽجي، هراسجي، شام آئي، وئي لڙي

۽ رات رَک بنجي ڇڻي آسمان مان

پوءِ چوڏهينءَ جو چنڊ چڙهيو ۽ ائين لڳو

ڄڻ پهريات ماءُ جو بُبو ڪپيل هجي

جيڪو ٽنگيو ويو هجي تارن جي نوڪَ تي

۽ کير رت گاڏئون هڪ سيڙهه وانگيان

بي روڪ ٽوڪ ڪيئن نه لڳاتار پيو وهي

اوناڙ کيکڙاٽ ڪندا پاڳلن جيان

ان کير رَت گاڏئين ۾ وهنجندا هجوم

نانگا، اگهاڙا تڙڳندا، ڏاڙهيندا، ڀؤنڪندا

ڌرتيءَ مٿان هجوم، ڪُماڻهن جا پيا نچن.

هي سٽون مير انيس جي مرثين کي مات ڪيو بيٺيون آهن. هنن سٽن ۾ فقط ڪنهن واقعي جو دردناڪ ذڪر، المناڪ انداز ۾ نه آيو آهي، جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جا رڳو وار ڪانڊارجي وڃن، پر شديد نفرت ۽ جوش سان ڀريل رد عمل آهي، جيڪو پڙهي ماڻهوءَ جو وات رت جي گرڙيءَ سان ڀرجي وڃي ٿو ۽ اها گرڙي اڇلائي، پوري تاريخ جو منهن رت سان ڳاڙهو ڪري ڇڏڻ تي دل چاهي ٿي. سموري سنڌي شاعريءَ ۾ “هي منگهه ڄڻ ته ڦاهي تي ڳاٽو ڪو ٽڙڪيل” جهڙي سٽ نه لکي وئي آهي. مان هن کي “حسين سٽ” نٿو چئي سگهان. اها زخم کي گل سان تشبيهه ڏيڻ جهڙي زيادتي آهي. هيءَ خوفناڪ سٽ آهي ۽ ان سان گڏ هيءَ به:

پوءِ چوڏهينءَ جو چنڊ چڙهيو ۽ ائين لڳو

ڄڻ پهريات ماءُ جو بُبو ڪپيل هجي!

اهڙيون سٽون لکڻ کانپوءِ خبر ناهي ته شاعر پنهنجي نظم کي اڳتي ڪهڙيءَ طرح وڌائي سگهيو آهي ۽ هن اهو سڀڪجهه ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾ لکيو آهي، پر پڙهندڙ لاءِ اڳتي وڌڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. جهڙيءَ ريت ايڪسيڊنٽ کانپوءِ ڪابه گاڏي هڪدم اڳتي سفر نٿي ڪري سگهي، مٿيون سٽون پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ اهڙي ئي صورتحال جو شڪار ٿي وڃي ٿو.

هن شهرِ آشوب جي هڪ اهم خوبي اها آهي، ته ان ۾ واقعه نگاريءَ تي زور نه ڏنو ويو آهي ۽ شاعر انهن واقعن جي تفصيلن ۽ انهن جي ذميوارن جا نالا وٺي، انهن تي ڦٽ لعنت ۾ وقت ناهي وڃايو، پر هڪ دؤر جو الميو ۽ تهذيب جي ڪمال جون سرحدون ڇهندڙ شهر جي زوال جو مرثيو لکيو آهي ۽ ان ۾ به بي مثال فن، تخيل ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ فڪر کي پيش ڪيو ويو آهي.

جيجل جي ڪک وانگيان سائي هئي زمين

دل جي طرح وشال ۽ اجرو هو آسمان

تارا چُنيءَ ۾ ڄڻ ته ٽڪون ٽانڪيل هجن

۽ چنڊ، هونگڙيون ٿي هنيون ٻار هنج ۾

ٿي سج نِج ٻج ڇٽيو اوڙ اوڙ ۾

سندور هو سهاڳ جو هر سِينڌ سِينڌ ۾

سڀڪجهه سَرل ۽ سهج سُڳنڌت سڪاريو.

جيجل جي ڪُک وانگيان ڌرتي سائي هئي، آسمان دل وانگر اجرو ۽ وشال هيو، ستارا ڪنهن سج ورني وينگس جي چنيءَ جي ٽِڪن وانگي ٿي لڳا، چنڊ ماءُ جي هنج ۾ ويٺل ٻارڙي وانگر هُونگڙيون ٿي ڀريون، سج ڌرتيءَ جي دوست پورهيت وانگر اوڙ اوڙ ۾ پنهنجي ڪرڻن جو روشن ۽ سچو ٻج ٿي ڇٽيو، ڪنهن به ونيءَ جي سينڌ اجڙيل نه هئي- جيڪو ڪجهه هيو، سادو، سهڻو، ڀانءِ پوندڙ ۽ خوشبوئن ۾ وهنتل هيو:

ٿي سج، نِج ٻج ڇٽيو اوڙ اوڙ ۾-

ڪهڙي نه روان، تخليقي حُسن سان ڀرپور ۽ با معنيٰ سٽ آهي. “سج، نج ۽ ٻج”، جهڙن هم قافيه لفظن جو هڪ ئي سٽ ۾ هڪٻئي پٺيان اچڻ ۽ سو به رڳو روايتي ۽ ڪُوڙي تجنيس حرفي جي پورائي خاطر نه، هڪ فڪر ۽ معنيٰ پيدا ڪرڻ خاطر، انهن جو مڪمل صلاحيت سان استعمال ۽ مٿان وري “اوڙ اوڙ” جو ورجاءُ، ائين ٿو لڳي ته سج جو ڪرڻو، شيشي مان گذري، انڊلٺ بڻجي پيو آهي. خود لفظ “سڳنڌت” جو ڪم آڻڻ شاعر جي انفراديت کي وڌيڪ آسان بڻائي ٿو ڇڏي.

اردوءَ ۾ لکيل اڪثر شهرِ آشوبن جي ڀيٽ ۾ امداد حسينيءَ جو شهر آشوب ڪئين حوالن کان وڌيڪ اهم ۽ وڌيڪ تخليقي آهي.

اردوءَ ۾ وڌ ۾ وڌ جيڪي آشوب لکيا ويا آهن، سي دهليءَ جي تباهيءَ جو منظر نامو پيش ڪن ٿا. 11 مئي 1857ع تي دهليءَ تي باغين جو قبضو ٿيو ۽ انهن لٽ مار ڪئي. ان بعد انگريزن ٻيهر دهلي فتح ڪري، ان کي تباهه ڪيو ۽ جيڪو بچيو، اهو پنجاب جي مختلف فوجين جي هٿان برباد ٿيو. پنجاب جي چوڌرين، سردارن ۽ غدار جاگيردارن پنهنجا ذاتي دستا موڪلي، مسلمانن جو دهليءَ تان قبضو ختم ڪرايو ۽ ان عيوض کين جاگيرون ۽ ملڪيتون انعام ۾ مليون. ان خوفناڪ تباهيءَ تي داغ دهلوي، محمد علي، ظهير دهلوي، افسرده ۽ ٻين تفصيلي غم نامه رقم ڪيا آهن، پر انهن شهرِ آشوبن جي اڪثريت بياني قسم جي آهي ۽ انهن ۾ ان قسم جو لفظي ماتم آهي، جهڙو محرم ۾ هر گهٽيءَ ۾ نظر ايندو آهي. داغ سميت سمورن شاعرن جا شهر آشوب ڪن باڪمال شاعرن جا تخليقي ڪارناما نٿا لڳن، انهن ۾ صرف پٽڪو، هاءِ هاءِ، گهوڙا گهوڙا ۽ غم ۽ الم جو رُکو ۽ کهرو بيان آهي.

ہائے کیا دھلی پہ آفت آگئی

چین سے بیٹھے تھے٬ شامت آگئی

سر پہ عالم کی مصیبت آگئی

فوج کیا آئی٬ قیامت آگئی

وقت تنگ٬ آمد ترحم یا رحیم

لطف کن بر درد مندانِ مقیم

(افسرده)

غضب میں آئی رعیت٬ بلا میں شہر آیا

یہ پوربی نہیں آئے٬ خدا کا قہر آیا

(داغ)

اڪثريتي شاعرن جو بيان ان قسم جو آهي. هر شعر با وزن پٽڪو آهي ۽ ان ۾ تخليقي عنصر تمام گهٽ آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ امداد جو شهرِ آشوب هڪ ئي وقت هڪ شهر جي زوال جو نوحو به آهي، ته هڪ شاهڪار تخليقي ڪارنامو به آهي. سٽ سٽ هڪ وار آهي، لفظ لفظ خنجر آهي ۽ هر شعر هڪ الميو آهي. هو چوي ٿو:

کن ۾ گهٽين، گهرن مان ٻِرن ۽ چُرن منجهان

اڀ مان، زمين مان، هتان هُتان جٿان ڪٿان

رت جا پياڪ ايندا ڪندا نُوس نُوس نُوس

ڪچڙين هَڏين، مِکن ۽ تڙن جي تلاش ۾

پَٽ تان لهو چٽي پنهنجي کهري زبان سان

ڏاڙهيندا، ڀؤنڪندا جڏهن واپس هليا ويا

اوناڙ سائرن جا تڏهن ٿا ٻُري پون

ٽرڪن مان لانگ بوٽ لهن ٿا ڌڙم ڌڙم

پوزيشنون وٺن ٿا اڀي رائفل ڪري

ٻيو ڪجهه لڀين ڪونه ٿو شمشان شهر ۾

ڀَوري نظر چڙهين ٿي ان ٻار جي تڏهن

اڇلي هوا ۾، ان تي نشانا چُٽين ٿا

۽ پاڳلن جيان ٿا ڏين ٽهڪ “هاهه ها!”

ڪوبه مؤرخ هڪ دؤر جي منهن تان اهڙيءَ ريت پردو نٿو کڻي سگهي. “لانگ بوٽ” ڪهڙو نه پاور فل استعارو آهي، پرماريت ۽ جابر قوتن، محافظن جي شڪل ۾ قاتلن جو، رت پياڪ جانورن جو- هڪ ٻارڙي کي هوا ۾ اڇلي، ان کي نشانو چٽڻ جهڙي وحشي راند ڪندڙ تاريخ جي بدترين ڪردارن جي لاءِ هي هڪڙو آئينو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي مڪروهه ۽ گندي صورت ڏسي سگهن ٿا. اردو شاعرن جي اڪثريت پنهنجن نظمن ۾ ممدوح شهر جي ساراهه، ان جي صفائي سٿرائي، ماڻهن جي شرافت، گهٽين ۽ بازارن جا رنگ روغن ۽ بلڊنگن وغيره جو شان بيان ڪيو آهي، يا باغن بستانن جا تفصيل بيان ڪيا آهن. مثال طور، آغا جان عيش پنهنجي شهر آشوب ۾ لکي ٿو:

تھے وہ جن باغوں میں اقسام کے میوے پُرنور

ناشپاتی و بہی سیب و انار و انگور

اور اس قسم کے میووں سے چمن تھے معمور

ان کی بو باس سے ہو جاتا تھا خفقان بھی دور

یا انہیں باغوں میں ہیں چار طرف خاک کے

 ڈھیر

اور گل و غنچہ کی جا ہیں خس و خاشاک کے ڈھیر۔

هنن سٽن ۾ تخليقي حسن ۽ گهرائي نالي ماتر به ڪونهي، ڇسين سٽن جو ڍڳ آهي، شاعري ڪونهي. هاڻي امداد جي منظر ڪشي ڏسو:

ڪجهه کن اڳي هئي ڦوهه جواني بهار جي

گل گل تي ماٽ ٿي ڪئي پالوٽ پيار جي

بگيءَ جي سير جا اهي هاڻي مزا ڪٿي

ڦيٿن جي هيٺ ڪپجي ويو فاصلو ۽ وقت

ساروڻيون ئي رهجي ويون صرف ساهه سان

“سُرخي” جي ٽاپ ٽاپ سان ڇمڪيون ٿي ڇمڪڻيون

لهرايا لهر لهر هوائن ۾ ٿي رومال

ٻانهن ۾ تون هُئين ۽ جُهڙالو هو ڏينهن سو

۽ صبح کان ئي مينهن لڳاتار پئي وسيو

بوندن جي ٽپ ٽپاپ ۽ گهوڙي جي ٽاپ ٽاپ

تلڪ انڪلين تاءِ وڏي مارڪيٽ کان

۽ ڇوٽڪيءَ گهٽيءَ کان وٺي گاڏي کاتي تائين

هلندي هلي ٿي ساڻ سرل سُر ۽ تال سان

ڌيمن سُرن ۾ ٿي ڪئي جهونگار ڪوچوان

گهوڙي سان ڳالهيون به ڪيائين ٿي ڪيڏي مهل

“او بابلا، او پٽ، او راڻا، او ڍول يار!”

امداد هنن سٽن ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان هڪ شهر جي خوشين ڀري جهڙالي زندگي ۽ ان جي رنگين ڪلچر جو نقشو چٽيو آهي ۽ هڪ شهر جي مرندڙ تهذيبي ورثي کي شاعريءَ وسيلي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو حيدرآباد جنهن جي رستن سان عطر جا ڇڻڪار ٿيندا هئا، صبح شام صفائي ٿيندي هئي، هر گهر ۾ روشني ۽ هوا جي گذر لاءِ منگهه هوندا هيا، گهر جي چئني طرفن کان رستو ۽ نالي هوندي هئي. شام ڌاري جڏهن هيرآباد جون هندو ناريون پنهنجا ڀنڀا وار کولي بگيءَ تي چڙهي، سير لاءِ نڪرنديون هيون، ته رستي جا پٿر به کين ڪنڌ ورائي ڏسندا هئا. ان ئي حيدرآباد جي رنگين ڏينهن جي يادن کي امداد ذاتي تجربن جي حسن سان ڳنڍي، وڌيڪ با معنيٰ بڻايو آهي:

بگي مڙي ته وڏ ڦڙو ٿي ويو شروع

ڇُوهي سان ڇاڙ آئي ٻنهي کي پسائي وئي

(پر پاڻ ٻه ته ڪونه هئاسين، هئاسين هڪ)

تنهنجي چپن کي منهنجي چپن سان چمائي وئي

تنهنجي بدن کي منهنجي بدن سان ڇُهائي وئي

کِجڪو ٿيو کنوڻ جو ته چُهٽي وئينءَ ائين

وڻ ساڻ جيئن ول هجي ڪا ٻکين پيل.

سٽون هڪ خاص لئه ۽ آهنگ سان پازيب پاتل ناريءَ جي گذر وانگر ڇم ڇم ڪنديون هلنديون ٿيون وڃن ۽ هر سٽ ٻي سٽ لاءِ راهه هموار ڪري رهي آهي، ان کي اڳتي اچڻ جو رستو ڏئي رهي آهي ۽ هٿ هٿ ۾ ڏئي هلي رهي آهي. جذبو، خيال، منظر ۽ موسم رلي ملي هڪ ٿي ويا آهن. امداد پنهنجي ماضيءَ جي شهر کي معصوم ٻار سان مشابهت ڏني آهي:

ڪجهه کن اڳي هئي ڦوهه جواني بهار جي

گل گل تي ماٽ ٿي ڪئي پالوٽ پيار جي

ڏيکائي شهر ٿي ڏني معصوم ٻار جي!

امداد جو “شهر” هڪ بي قافيه نظم آهي. ان جي هيئت ڄڻ ته هر بند ۾ تبديل ٿئي ٿي ۽ سٽون خيال سان گڏ پنهنجي ڌار ۽ نئين ترتيب به کنيو ٿيون اچن، پر مٿيون ٽئي سٽون هم قافيه آهن ۽ انهن ۾ رديف به آهي، جنهن سان نظم جي خوبصورتيءَ کي سهسين رنگ لڳي ويا آهن. ڪيترن ئي هنڌن تي شاعر مقفيٰ نظم واري هيئت کي به ڪم آندو آهي، جيئن:

بينون ۽ بانسري، ته ڪٿي چنگ ٿي وڳو

هر شام ميڙ، ڄڻ ته ڪو ميڙو هجي لڳو

آب حيات پاڻ جُهڪي ٻُڪ ۾ ڀريو

سنڌين جي آجپي جو اسان ڌيان دل ڌريو

ساوڻ اچي ته ٿو هتي، پر ڳالهه اها ڪٿي

ٺارڻ ته دور ماڳهين ٻارڻ ٻريو وڃي

مٽي ڀلي ڀني، ڀنل آئي هوا ڪٿي

ٻج ڪيترو به نج سهي، پر مريو وڃي

چؤپاس ڀيڄ ڀيڄ جي آئي صدا ڪٿي….!

ڪو ڀؤ نه ڀيل، ڊپ نه ڪو ڊاءُ هو هتي

جيڪو گڏيو گهٽيءَ ۾ اهو دوست هو هتي،

پاڙي ۾ جو رهيو ٿي، اهو ڀاءُ هو هتي.

پهرين ٻنهي بندن جون سٽون هم قافيه آهن. پوين پنجن سٽن جي پهرين، ٽين ۽ پنجين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه آهي ۽ ٻي ۽ چوٿين پاڻ ۾ هم قافيه آهي. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ پنجڪڙي جو نئون فارم وجود ۾ اچي ويو آهي ۽ ان جو رنگ ۽ خوشبوءِ پنجڪڙي جي موجوده شڪل صورت کان ڪنهن به ريت گهٽ نه آهي. آخري ٽن سٽن ۾ ٽه سٽي وانگر پهرين ۽ آخري سٽ کي هم قافيه رکيو ويو آهي ۽ اهو سڀ ڪنهن رٿابنديءَ تحت يا ڪنهن شعري فارم کي ذهن ۾ رکي نه ڪيو ويو آهي، بلڪه نظم خود پاڻ سان گڏ اهي خوبيون کڻي نمودار ٿيو آهي ۽ ان سان شاعريءَ لاءِ نيون خاصيتون ۽ معيار جڙندي محسوس ٿين ٿا. بي قافيه نظم کي به اڻ مقرر اصولن موجب باقافيه بڻائي، امداد ان جي فارم کي وسعت ڏني آهي. هندن جي مذهبي ڪتاب “تيتريه اپنشد” ۾ لکيل آهي ته، هن (پرماتما) آسمان کي ٺاهيو، آسمان مان هوا، هوا مان باهه، باهه مان پاڻي، پاڻيءَ مان زمين، زمين مان ٻوٽا، ٻوٽن مان اناج، اناج مان مني ۽ مني مان انسان جو جسم ٺهي ٿو. ان ڪري هي انساني جسم اناج جي رس مان ٺاهيل آهي، پر امداد پنهنجي ديس واسين جي ۽ ان جي هر جيت جڻئي جي زندگيءَ جو ڪارڻ سنڌ ۽ سنڌوءَ کي قرار ڏئي ٿو:

ڌرتي ۽ اُڀ ٺهيا ۽ گرهه، چنڊ، سج ٺهيا

سِنڌور هاڻي سِينڌ جيان ئي وچان وچان

سنڌو تڏهن کان ڀاڳ ڀري ڀونءِ تي وهي

ڪنوارين تڏهن سکائون سکيون، باسون باسيون

۽ موهيا ڏِيا، اکا پاتا سهاڳڻين

اڳتي وڌي پنِي پني پاڻيءَ ۾ لهي

لهرين ۾ ان جي لوڙهيا تو گل گلاب

پُوري اکيون چپن ئي چپن ۾ دعا پني

بخشي جو ڪائنات کي گرمي ۽ روشني

سورج سواءِ اهڙو ڪٿي ڪوبه مچ نه آ

اي سچ آ، پر انهيءَ کان وڏو ٻيو به سچ آ

“سچ سنڌ آهي، سنڌ سوا ڪوبه سچ نه آ.”

امداد جي سموري شاعري ڄڻ ته ان هڪ سٽ جو پڙاڏو آهي:

“سچ سنڌ آهي، سنڌ سوا ڪوبه سچ نه آ.”

سنڌ هن جي شاعريءَ جو اهم حوالو ۽ تعارف آهي. هر دؤر ۾ هن جي شاعريءَ جي چپن تي “سنڌ” لفظ جو ئي ورد نظر اچي ٿو. هن جي هر سٽ ان قبلي جو ئي طواف ڪندي نظر ٿي اچي. هن جي رومانوي شعرن ۾ به سنڌيت جي مهڪ ۽ خوشبوءِ آهي. ڇاڪاڻ ته هن جي ٻولي لوڪ گيتن ۽ ڳيچن کان بيحد متاثر آهي، تنهنڪري اها پنهنجي روح ۽ سڀاءَ ۾ هڪ سنڌي ماڻهوءَ جي جذبن ۽ احساسن جي ئي حقيقي ترجماني ۽ عڪاسي ٿي ڪري. هن ڪڏهن به “سنڌ” جو لفظ فئشن طور ڪم نه آندو آهي، نه ئي ان سان عشق جو اظهار نمائش طور ڪيو اٿس. پر ان جي محبت هن لاءِ رت ۾ ڳاڙهن جُزن وانگر آهي، جيڪي گهٽبا آهن، ته زندگي، زندگي نه رهندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي پهرئين ئي مجموعي “امداد آهي رول” ۾ علي الاعلان چيو هو:

“سنڌ جي ڳالهه ڪريو، ڳالهه نه ٻي ٻڌنداسين.”

پر اسان جهڙي سماج ۾ شاعر جي ٻڌي ئي ڪير ٿو؟ جن ماڻهن به شروع ۾ سنڌ جي ڳالهه ڪئي، تن ان نالي ۽ نعري کي ڏاڪڻ طور ڪم آندو، عهدا ورتا، ڪرسيون هٿ ڪيون، سياستون چمڪايون، نالو ۽ پئسو ڪمايو، پوءِ وري ڪڏهن به کين سنڌ ياد نه آئي. تڏهن ئي سنڌ جي شاعر کي چوڻو پيو:

ڪيئن نه امداد سنڌ جي نالي

کوٽيون ٿي ويون کريون، يارو!

پنهنجن جي مورکتا ۽ مسلسل غدارين جو ئي نتيجو آهي، جو هزار سالن کان هڪڙو سماج ذهني توڙي معاشي طور هڪ وک به اڳتي چُري نه سگهيو آهي، نه قدر ٿا بدلجن، نه ريتون رسمون، نه ڪلچر، نه ذهني ۽ نفسياتي صورتحال- جنهن زرعي سماج جي شروعات چار پنج هزار سال پهرين ٿي هئي، ان جا اثر ۽ آثار اڄ به زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڏسي سگهجن ٿا. رهندو قديم زماني جون جيڪي ٻه چار چڱيون روايتون هيون، اهي به تيزيءَ سان تباهه ۽ برباد ٿي رهيون آهن. امداد اهڙي تهذيبي زوال کي تاريخ جي زوال طور ڏٺو آهي، شعور ۽ تخليق جي بي مثال هم آهنگيءَ سان، ان جو اهڙي ته پيرايي ۾ اظهار ڪيو آهي، جو سنڌي شاعريءَ ۾ ته ان جو مثال مشڪل سان ئي ملي سگهي ٿو.

(اسحاق سميجو جي ٿورن سان سندس شاعريءَ جي ڪتاب “شاعريءَ سان دشمني” مان کنيل).

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments