پويان پساهه

جمعي جو ڏهاڙو ۽ منجهند جي مهل هئي. مسجدن مان واعظ ۽ خطبن جا آواز اچي رهيا هئا. شهر جا وڏا توڙي ننڍا گنهگار، نيڪو ڪار ٻانهن سان ٻٽ ويٺل هئا. شهر جا روڊ رستا باهه تي رکيل تئي جيان تپي ويا هئا، گرميءَ جو ته ڪو حساب ئي ڪو نه هو، رهيل ڪسر وري واپڊا وارن پوري ڪري وڌي هئي جيڪي ڀلاري ڏينهن تي به بجلي ڪٽڻ کان نه مڙيا. ماڻهو صفا برف وانگر پئي رجيا. اهڙي حالت ۾ حوران جي مٿان ڄڻ ته قيامت ڪڙڪي پئي هئي. سندس ڏيڍ سالن جو اڪيلو پٽ انيس گذريل ڏينهن کان ڏاڍو بيمار هو، کيس گئسٽرو ٿي پئي هئي. هو صفا هيڊو ٿي پيو هو. حوران هر هر پنهنجي پٽ کي نمڪول ۽ شيشيءَ مان دوا پئي پياري، پر پوءِ به دست ۽ الٽين بيهڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو، جنهن ڪري پٽ سان گڏ ماءُ جا ڪپڙا پڻ خراب ٿي ويا هئا.

حوران جو مڙس هڪ ٺيڪيدار جو منشي هو ۽ گذريل ڏينهن کان ڪم جي سلسلي سان ٻاهر ويل هو. صبح جو هُو گهر مان نڪتو ته شام جو انيس کي الٽيون ۽ دست ٿي پيا. سندس صندوق ۾ ٻارنهن تيرهن سئو رپيا پيل هئا جيڪي کڻي هوءَ شهر جي هڪ ميڊيڪل سينٽر تي پنهنجي پٽ جو علاج ڪرائي آئي، پر ڦڪين ڪو به فرق نه ڪيو. هوءَ ۽ سندس ڪراڙي سس سڄي رات الله کي ٻاڏائيندا رهيا. انيس سڄي رات ڄڻ ته سڪرات ۾ گذاري. صبح ٿيو ته حوران ماني ٽڪي کائڻ کانسواءِ ئي اچي سول اسپتال جو در ورتو، جتي ڪلاڪ ڏيڍ جي ڌڪن ۽ رولڙي کانپوءِ کيس دوا جون ٻه شيشيون ۽ نمڪول جا پنج شاشا مليا، جيڪي گهر اچي هر هر پئي پٽ کي پياريائين پر هن الٽي ڪري سڀ دوا ڪڍي پئي ڇڏي. حوران کان پنهنجي پٽ جي اها حالت ڏٺي نه پئي ٿي، پر هوءَ بيوس ۽ لاچار هئي. هن وٽ پئسو ڪو نه هو جو وڃي شهر جي ڪنهن ڀلي ڊاڪٽر کان پنهنجي پٽ جو علاج ڪرائي ها. کين شهر ۾ آئي ڪل ٽي مهينا مس ٿيا هئا تنهنڪري ڪٿان اوڌر سوڌر جو به ڪو آسرو ڪو نه هئس ۽ نه ئي وري ٺيڪيدار جي گهر گهاٽ جي ڪا خبر هئس نه ته ڊوڙي وڃي کانئس پئسا وٺي اچي ها. مٿان مصيبت اها جو مڙسهنس جي موبائل به ڪيترن ڏينهن کان خراب هئي جيڪا پئسا نه هجڻ ڪري مستري وٽ پيل هئي، تنهنڪري ان سان به رابطي جي ڪا راهه نظر نٿي آئي. پاڙي واري شمان سان ٿوري گهڻي سڃاڻپ هئس، پر اتان به هٿين خالي ئي موٽي آئي. انيس جون اکيون ڪنهن گل وانگر ڪومائجنديون پئي ويون ۽ سندس چپ به ڪاراٽجي ڪوئلن جهڙا ٿيندا پئي ويا. حوران کان اهو سڀ ڪجهه ڪٿي پئي برداشت ٿيو، سو هن پنهنجي پوڙهي سس کي ڀرسان واري دڪان تي اُڌارن پئسن لاءِ موڪليو جتان اهي اوڌر تي سيڌو سامان کڻندا هئا، پر ان دڪاندار پوڙهيءَ کي روڪ پئسا ڏيڻ کان صاف جواب ڏنو. حوارن پاڻ ان وٽ هلي وئي، پر دڪاندار جي نهڪر کي نو ڪوٽ هئا. نيٺ هوءَ مايوس ٿي گهر موٽي آئي جتي سندس معصوم پٽ بي حال ستو پيو هو، سندس تارا ٽنگجي ويا هئا. پنهنجي پٽ جي خراب حالت ڏسي هوءَ خدا کي ٻاڏائڻ لڳي. هوءَ ڪو معجزو ٿيڻ يا اوچتو پنهنجي مڙس جي اچڻ جون دعائون به گهرڻ لڳي، پر دعا جا در به بند نظر آيس. ڪا واهه ڪو سهارو نٿي سُجهيس. نيٺ جڏهن پاڙي واري مسجد جي خطيب واعظ بند ڪيو ۽ خطبي لاءِ آذان آئي ته هوءَ به الله ۾ آسرو رکي ٻاهر نڪري پئي ۽ ٻي ڪا راهه نه ڏسي مسجد ٻاهران بيهي رهي جتي ٻه چار فقير ۽ فقيرياڻيون اڳ ۾ بيٺل هيون. هوءَ اهو سوچي گهران نڪري آئي ته مسجد ۾ نماز لاءِ ايندڙ رب جا ٻانها مشڪل مهل ۾ خدا ڪارڻ سندس مدد ڪندا.

ٻه رڪعت فرض ادا ڪرڻ کانپوءِ مولوي صاحب دعا گهري دنگ ڪئي ته ٻاهر بيٺل فقيرن ۾ چستي اچي وئي. اڌ کان گهڻا نمازي فرض نماز پڙهي ٻاهر نڪتا ته مسجد جي در وٽ بيٺل معذور فقير صدا هنئي. “او مومن! الله جي نالي تي هن منڊڙي کي ڏئي وڃو.”

ڀرسان بيٺل ٻن فقيرياڻين به هنيانءُ ڦاڙ دانهن ڪئي “او ابا! او ادا خدا جي نالي ڏئي وڃو.” نماز پڙهي نڪرندڙ ماڻهن مان ڪنهن فقيرن کي پنج يا ڏهه رپيا ڏنا پئي ته ڪنهن وري انهن ڏانهن ڌيان ئي نه پي ڏنو. حوران انهن فقيرن جي ٽولي کان ٿورو پرڀرو بيٺل هئي، پٽ جي ناچاڪي هن کي اتي وٺي ته آئي هئي، پر فقيرن وانگر سين هڻڻ هن لاءِ ڏکيو ڪم هو. هن ماڻهن کي ايندو ڏسي ڪجهه چوڻ چاهيو، پر ڀانيائين ته ڪنهن زبان ڪٽي ڇڏي هجيس. ننڍي هوندي کان هن مهل تائين ڪنهن مائٽ آڏو به هٿ نه ٽنگيو هئائين، غير ماڻهن کان پئسا گهرڻ هن لاءِ ڏاڍو اوکو ٿي پيو. سندس دل ۾ تڙپ هئي ۽ اکين ۾ ڳوڙها!!! هن هنيانءُ ڦاڙي روئڻ رڙڻ چاهيو، پر ائين نه ڪري سگهي ۽ زماني کي ٻڌائي نه سگهي ته سندس پٽ آخري پساهن ۾ آهي. ها ايترو ضرور ڪيائين جو وڏي همت ڪري ٻين فقيرن وانگر گذرندڙ ماڻهن آڏو هٿ ٽنگي بيهي رهي ۽ ڳوڙهن سان ڀريل اکيون هيٺ جهُڪائي ڇڏيائين. وچولي عمر جو بنا ڏاڙهي وارو همراهه اهو پهريون ماڻهو هو جنهن سندس هٿ ۾ ڏهين رپئي جو نوٽ رکيو. حوران جهُڪيل ڪنڌ مٿي ڪري هٿ ۾ پيل ڏهين رپئي جي نوٽ ڏي ڏٺو ته سندس اونداهين اندر ۾ روشنين جا ڏيئا ٻري پيا ۽ سندس چپن تي مرڪ اچي وئي. هن کي لڳو ته اجهو جهجها پئسا گڏ ٿي ويندا جنهن مان هوءَ پنهنجي پٽ جو علاج ڪرائي سگهندي. اهو خيال ايندي ئي سندس تصور اڳيان انيس جي تصوير اچي بيٺي جيڪو صحتمند هو، پٽ جي صحتيابي وارو تصور ايندي ئي سندس چپن تي پاڻمرادو مرڪ تري آئي ۽ هٿ جي پٺيءَ سان پنهنجا ڳوڙها اُگهي ڇڏيائين، پر ٻئي لمحي هوءَ تڏهن وائڙي ٿي وئي جڏهن ڪاٽن جا ڪپڙا پهريل بندرو همراهه سندس آڏو بيهي رهيو ۽ کيس هيٺ کان مٿي تائين گهوُرڻ لڳو، ڄڻ اڳ ڪا عورت ئي نه ڏٺي هئائين. همراهه هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ۽ جڏهن پڪ ٿيس ته ڪو به هن ڏانهن متوجهه ناهي ته چڏن ۾ کنهڻ لڳو.

“ڪيترا پئسا کپن توکي…” هن واڇون ٽيڙي ڳالهايو.

حوران سندس ڳالهه تي وائڙي ٿي وئي، هن کي ڪهڙي خبر ته “ماڻهو مسجد ۾ به پنهنجي مردانگي گڏ کڻي ايندا آهن.”

هن بندري همراهه ڏانهن ڪاوڙ مان نهاريو، سندس دل ۾ آيو ته جيڪر سندس منهن تي ٿڪ اڇلائي، پر ايئن نه ڪيائين ۽ تڪڙا قدم کڻي گهر موٽي آئي.

گهر اچي هن انيس کي نمڪول جو پاڻي ۽ دوا پياري جيڪا هن هڪدم الٽي ڪري ٻاهر ڪڍي ڇڏي. معصوم ٻار تي الٽين ۽ دستن سان گڏ تيز بخار به حملو ڪري ڏنو هو. ابهم ٻار جي اهڙي حالت تي سندس پوڙهي سس زارو قطار روئي رهي هئي. حوران به هوش ۾ نه هئي. هڪڙي ڏينهن ۽ هڪ رات ۾ پٽ سان گڏ هن به گهڻي اذيت سٺي هئي. انيس صفا هيڻو ٿي ويو هو، هن کي علاج جي ضرورت هئي ۽ علاج لاءِ وري پئسا گهربل هئا، پئسن کانسواءِ انيس جو بچڻ محال هو. حوران کي خيال آيو ته جيڪر هوءَ ٻيهر پنهنجي پٽ کي سرڪاري اسپتال کڻائي وڃي، پر ٻئي لمحي ياد آيس ته جمعي جي ڪري سرڪاري اسپتال سوير ئي بند ٿي ويندي آهي. هاڻي هن کي صرف خانگي سينٽرن جو در کليل نظر آيو جتي وڏا وڏا ڊاڪٽر واڳونءَ وانگر وات ڦاڙي ويٺل هوندا آهن، ماڻهو مرندو مري وڃي، پر جيستائين پئسا نه ملندا تيستائين ڊاڪٽر ڪنهن کي خالي ڏسندا به نه.

ڪي لمحا هوءَ پنهنجي پٽ جي نٻل منهن ۾ گهوريندي رهي ۽ پوءِ ڪجهه سوچي وڏي تيزيءَ سان کٽ تان اٿي گهر کان ٻاهر نڪري آئي. هوءَ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي روڊ تي نڪري آئي. شهر جا تقريبن سڀ دڪان ڀلارو ڏينهن هئڻ ڪري سوير ئي بند ٿي ويا هئا. بازارون سُنسان ۽ شاپنگ سينٽر بند لڳا پيا هئا. سڀ دڪان بند ڏسي سندس من جي مونجهه وڌي وئي ۽ هوءَ موٽڻ واري ئي هئي جو کيس ياد آيو ته ٿورو پرڀرو شاهي بازار سان لڳندڙ سنهڙي گهٽيءَ ۾ شيخ دڪاندار جو ڪپڙن وارو دڪان آهي جيڪو جمعي تي به کليل هوندو آهي. هڪ دفعو جڏهن جمعي جو ڏينهن هو ۽ شهر جا ٻيا دڪان بند هئا تڏهن هن ڳوٺان آيل ماءُ کي ان ئي دڪان تان ڪپڙا وٺي ڏنا هئا ڇو ته ان ئي ڏينهن کيس ڳوٺ وڃڻو هو.

هوءَ تڪڙا تڪڙا قدم کڻي ان دڪان وٽ پهتي، دڪان کليل هو جتي ڊگهي قد وارو ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل نوجوان ويٺل هو. حوران کي ڏسندي ئي سندس چپن تي مرڪ مڙي آئي ڄڻ ته ڪو پراڻو گراهڪ رهجي ويل پئسا ڏيڻ آيو هئس. هن دڪان ۾ داخل ٿيندي ئي دڪاندار کي پنهنجي مجبوري ٻڌائي ڪجهه پئسا اڌارا ڏيڻ لاءِ ڏاڍا ايلاز ڪيا، کيس ٻانهون ٻڌائينس، پر نوجوان هو واپاري ماڻهو، هڪ هٿ سان ڏيڻ ٻئي سان وٺڻ هن جو اصول هو، ڪنهن جي مجبوريءَ سان هن جو ڇا هو؟؟ هو انڌو ۽ ٻوڙو ٿي بيهي رهيو ۽ پئسا ڏيڻ کان بلڪل نابري واري بيٺو. نيٺ جڏهن حوران هيڻي ٿي موٽڻ لڳي ته دڪاندار هزار هزار جا ٽي نوٽ سندس تريءَ تي رکيا. هن يڪدم ٽئي نوٽ پنهنجي پوتيءَ جي پلاند ۾ ٻڌي ورتا ۽ دڪان مان ٻاهر نڪرڻ لڳي ته نوجوان کيس ٻانهن کان پڪڙي ورتو. هن شينهن جي چنبي ۾ آيل هرڻيءَ وانگر پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿي.

“ڇڏ مون کي ڇڏ… منهنجو پٽ بيمار آهي.” حوران روئڻهارڪي آواز ۾ ڳالهايو.

“ته پوءِ منهنجا پئسا مفت جا آهن، مون کي راضي ڪر.”

“تنهنجا پئسا توکي ڏئي وينديس، هينئر منهنجو پٽ بي حال آهي، خدا جي واسطي مون کي ڇڏ” هوءَ  ليلائڻ لڳي.

“ائين ته پئسا ڪو نه ڏيندس.” دڪاندار سندس ڇاتين ڏانهن هٿ وڌايو ته حوران بدن جو سمورو ست گڏائي کيس ڌڪي ڌار ڪري ڇڏيو.

“پري ٿي وڃ مون کان، نه ته مان رڙيون ڪري سڄو پاڙو گڏ ڪندي مانءِ. اڃان به پوليس ۾ ويندي سانءِ..” هن جي ڌمڪي تي دڪاندار کي ڪجهه مت آئي. حوران جي چهري تي آيل ڀاو ڏسي هو ڊڄي ويو ته ڪٿي واقعي به هوءَ رڙيون ڪري سندس عزت نه تين وال ڪري ڇڏي.

“ته پوءِ منهنجا پئسا…” هن پاڻ سنڀالي ڳالهايو.

“تنهنجا پئسا توکي ملي ويندا، چيم نه.” حوران دڪان مان ٻاهر نڪرندي وراڻيو. سندس انگ انگ ۾ باهه ڀڙڪي اٿي هئي. ڪاوڙ ۽ جذبات مان سندس هٿن ۽ چپن ۾ رڦڻي اچي وئي.

“پر مان ته توکي سڃاڻان به نٿو، تون ڪير آهين ؟ ڪٿي ويٺي آهين؟”

حوران سندس ڳالهه تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ۽ دڪان جي در وٽ اچي پهتي.

“ڀلا پنهنجو نالو ئي ٻڌائي ته مان ڪتاب ۾ اڌارا پئسا لکي ڇڏيان.” دڪاندار کي پنهنجا پئسا ٻڏندي نظر اچڻ لڳا، ان ڪري بنا سوچ سمجهه جي بي تُڪو ڳالهايائين. کيس پئسن کان وڌيڪ خوبصورت شڪار وڃائجي وڃڻ جو ڏک وڪوڙي ويو.

“توکي منهنجي نالي جي خبر ڪونهي.” حوران پوئتي مڙي دڪان واري ڏي نهاريو.

“نه، مون کي ڪهڙي خبر!” هن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو.

“ته پوءِ ٻُڌ” هوءَ ڪجهه پل گهري سوچ ۾ ٻڏي وئي. سندس اکين ۾ اول ته عجيب وحشت لهي آئي ۽ پوءِ انهن ئي اکين مان بيوسيءَ جا چار ڳوڙها به نڪري آيا.

“عجب آهي توکي منهنجي نالي جي خبر ڪونهي… منهنجو نالو… منهنجو نالو حوا آهي.” هن وڏي واڪي رڙ ڪئي، حوران سمجهيو ته سندس ان رڙ تي ڌرتي ڌُڏي پوندي ۽ آسمان ڪري پوندو، پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو.

هوُءَ پنهنجي پوتيءَ جي پلئه سان ڳلن تي تري آيل ڳوڙها اُگهي کامندي پڄرندي گهر پهچي هن پنهنجي پٽ کي ڏٺو، هن کي لڳو ته صرف انيس پوين پساهن ۾ نه آهي بلڪه سڄي انسانيت پوين پساهن ۾ آهي.

musawirhussain51@gmail.com

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments