پي ڊي ايم ۾ پ پ جو رهڻ مشڪل نظر ٿو اچي!! انور قاضي April 2021
اسان جي سياست ۽ سياستدانن پاڻ کي ايترو ته سگهاري ڌرين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو آهي جو هاڻي انهن جي مدد کانسواءِ ڪجهه سوچڻ لاءِ به تيار نه آهن، عملي ڪوشش ته پري جي ڳالهه آهي! انهيءَ ڪري به اها آساني سان پنهنجا شرط شروط مڃائي سياستدانن کي پنهنجي مرضي مطابق هلائي ٿي ۽ هرهڪ پنهنجي ڏنل ڪم جي پورائي جي آڌار تي معاوضو ڏنو ٿو وڃي عام طور ويچارا سياستدان ته ائين چوندا آهن ته سياست جو مطلب بهتر کان بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ هوندو آهي ڪنهن به حالت ۾ اهي عوام لاءِ نه هوندا آهن انهن غريب اڳواڻن لاءِ هوندا آهن جيئن ويچارا ٻن وقتن جي ماني کائي سگهن!!
همسري ۾ ڪجهه وقت اڳ لکيو هو جڏهن پي. ڊي. ايم جڙيو هو ته انهيءَ اتحاد ۾ ٽي وڏيون پارٽيون آهن عوامي حساب سان نون ليگ ۽ پ پ جڏهن ته تنظيمي لحاظ کان J.U.I.F باقي پارٽيون همنوا آهن. پي. ڊي. ايم جو ٺهڻ بظاهر ته پي. ٽي. آءِ حڪومت کي ختم ڪرڻ هو، پر انهن جو چوڻ اهو به هو ته سياست مان سگهارن ادارن جو هٿ ختم ٿئي انهيءَ ڪري هن اتحاد کي Anti Establishment ڪوٺيو ويو. جڏهن ته پ. پ سنڌ ۾ گذريل 13 سالن کان حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ سان ڪري رهي هجي هو جڏهن به چاهين ته انهيءَ حڪومت کي ختم ڪري سگهن جن لاءِ سردار ۽ وڏيرا ڦيرائڻ ڪوبه مسئلو نه آهي. باقي عوامي ڪم جيڪي سنڌ ۾ ٿيا آهن اهي سڀني جي اڳيان آهن. عام ماڻهو کي صاف پاڻي به پ. پ حڪومت 13 سالن ۾ فراهم ڪري نه سگهي آهي. پوءِ اها پارٽي ڪيئن سگهارن ادارن جي مخالفت ڪري سگهي ٿي محسوس ته ان وقت به اهو ٿيو هو ته انهن جي راضپي سان پ. پ، پي. ڊي. ايم ۾ شامل ٿي. پي. ڊي. ايم تقريبن پ. پ جي هر ڳالهه مڃي پئي. جڏهن سينيٽ اليڪشن کان پهرين پي. ڊي. ايم چاهيو پئي ته استعيفائون ڏجن تڏهن به پ. پ انهن کي منع ڪيو ۽ پي. ڊي. ايم ڳالهه مڃي. بلاول صاحب ته ايئن به چيو ته جلسن جلوسن سان حڪومت نه ويندي اسان چانهه پارٽيون ڪري حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪنداسين. هاڻي مولانا صاحب چيو ته اگر جلسا جلوس نه ڪرڻا هئا ته پي. ڊي. ايم ڇو ٺهي. بهرحال اهڙي قسم جا ڀوڳ اسان وٽ نئين ڳالهه نه آهي.
خير سان سينيٽ اليڪشن تي تفصيل ۾ نٿا وڃون يوسف رضا گيلاني صاحب کٽيو نون وارن ويچارن پورا ووٽ ڏنا. انهن سان طئي ٿيو هو ته يوسف رضا صاحب سينيٽر ٿيندو پوءِ سينيٽ جو چيئرمين ٿيندو ۽ سينيٽ مخالف ڌر جو اڳواڻ نون ليگ جو هوندو.
گيلاني صاحب جڏهن سينيٽر چونڊيو ته پ. پ چوڻ شروع ڪيو “ايڪ زرداري سڀ پر ڀاري” حڪومت پريشان ٿي وئي ته ڇا سگهاري ڌر اسان مان هٿ ڪڍي وئي؟ اصولن ته قومي اسيمبلي ۾ حڪومت پنهنجي اڪثريت وڃائي هئي، پر انهيءَ اليڪشن ۾ ئي حڪومت جي عورت سينيٽر 174 ووٽ حاصل ڪيا مذاق اڃان ڪهڙو هوندو واضح پيغام هو حڪومت لاءِ سڌري وڃو يا صرف عمران خان لاءِ ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن همراهه مرحوم سلطان راهي وانگر بڙڪون هڻندو آهي ٻن ڏينهن کان صاحب موصوف اعتماد جو ووٽ انهن ئي قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان ورتو جن صرف ٻه ڏينهن پهرين گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو. ڪنهن ووٽ ڏياريو اسان سڀني کي چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي. جيڪر وري سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊ ۾ ٿيو ايئن لڳو ڪنهن ڊرامي جو لکيل اسڪرپٽ هو. ستن سينيٽرن کي چيو ويو اوهان گيلاني صاحب جي نالي جي مٿان مهر هڻو. شيري رحمان ويچاري سيڪريٽري سينيٽ کان معلوم به ڪيو ته اگر نالي تي مهر لڳي ته ووٽ خارج ته نه سمجهيو ويندو ته صاحب وراڻيو بلڪل نه خالي ۾ ڪٿي به هڻي سگهجي ٿي. ڇو ته نالي ۽ خالي جڳهه ۾ ڪابه لڪير نه هئي هڪ ئي خانو هو گيلاني صاحب جو ۽ هڪ ئي خانو هو بنا لڪير جي سنجراڻي صاحب جو. وري سائين مظفر حسين شاهه صاحب جيڪو سينيٽ اليڪشن جو پرزائيڊنگ آفيسر هو ان کي هدايتڪار هدايت ڏني ته جيڪو به ٺپو نالي تي هجي ان ووٽ کي رد ڪري ڇڏجو هن ايئن ئي ڪيو ويچارو سيڪريٽري سينيٽ چوندو رهيو ته سائين منهنجا گيلاني صاحب جي ڌر مون کان معلوم ڪيو هو ٺپو خاني اندر ڪٿي به لڳندو ته ووٽ انهيءَ خاني ۾ موجود نالي واري جو ڳڻيو ويندو، پر سائين بادشاهه سندس هڪ نه ٻڌي ۽ ست ئي ووٽ خارج ڪري سنجراڻي صاحب جي کٽڻ جو اعلان ڪري کيس سينيٽ چيئرمين جي ڪرسيءَ تي ويهاري پنهنجو ڪردار پورو ڪري سينيٽ مان آئوٽ ٿي ويو.
هاڻي سائين ڪورٽ سڳوري جي مرضي آهي ته جيڪو ڪيس پ. پ کڻي آئي آهي ته ووٽ خارج نه آهن ان جو فيصلو ٽن سالن تائين ڪري يا نه ڪري؟ سنڌي ۾ چوڻي آهي “انڌي ۽ جنڊ” اڳتي اسڪرپٽ ۾ ڇا لکيل آهي جلدي خبر پوندي. ڪي خبردار ماڻهو چون ٿا ته ڪجهه ٽائيم کانپوءِ ووٽ Valid ٿيندا ۽ گيلاني صاحب سينيٽ چيئرمين ٿيندو، پر ان لاءِ پ. پ کي Do More ڪرڻو پوندو. جنهن جو مثال پي. ڊي. ايم جي آخري اجلاسن ۾ نظر آيو.
اجلاس هو ته 26 مارچ تي لانگ مارچ ٿيندو ان لاءِ سڀني پارٽين ها ڪئي هئي ايستائين جو سعيد غني صاحب صوبائي وزير تعليم ته ٽي. وي شو ۾ ايئن به چيو هو ته 4 اپريل شهيد ذوالقفار علي ڀٽو جي ورسي اسان ڳڙهي خدا بخش ۾ نه پر اسلام آباد ڌرڻي ۾ ملهائينداسين، پر سائين چوندا آهن صاحب جي من جي صاحب کي خبر سو اجلاس ٿيو لانگ مارچ کان پهرين استعيفائون ڏيو ختم ٿيو ته لانگ مارچ ملتوي.
محترم زرداري صاحب جيڪو ڪجهه اجلاس ۾ فرمايو ۽ ان وقت اتي موجود پ. پ جي وفد ان کي براهه راست نشر ڪرائڻ شروع ڪيو موبائل مئسيجز ذريعي جو انتهائي ناخوشگوار هو. جڏهن ميان صاحب کي چيائين ته اوهان واپس اچو اسان توهان کي استعيفائون پيش ڪريون ٿا ته ماحول خراب ٿيو ايئن لڳو ته پي. ڊي. ايم ۾ شامل ڪنهن اهم پارٽي جو اڳواڻ نٿو ڳالهائي، پر شهزاد اڪبر يا فرودس عاشق پئي ڳالهائي. مريم صاحبه ڏاڍو پريشان ٿي وئي. جڏهن صاحب ان کي مخاطب ٿيندي چيو ته ميان صاحب وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ٿو ڪري واپس ڇو نٿو اچي. مريم صاحبه به کيس چيو زرداري صاحب اوهان به هن وقت وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪري رهيا آهيو هنن جي وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي جنهن کي پوءِ مريم صاحبه سنڀالي ورتو، مولانا صاحب ته ايترو ڪاوڙيو جو پريس ٽاڪ اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو. هاڻي 4 اپريل تي پ. پ فيصلو ڪندي ته استعيفائون ڏجن يا نه ڏجن سندن سنڌ حڪومت کي خطرو به نه آهي. ڇو ته پي. ڊي. ايم واضح ڪيو ته پهرين قومي اسيمبلي جا ميمبر مستعفي ٿيندا، پر ان ڳالهه تي پ. پ راضي نه ٿي ڇو ته کين ڊپ آهي ته اگر لکيل اسڪرپٽ کان هٽي ويا ته سنڌ جي حڪومت جي ڪابه گارنٽي نه هوندي استعيفائون ڏين يا نه!
26 تاريخ لانگ مارچ ته نه ٿيو، پر نيب مريم صاحبه کي سڏائي ورتو آهي ۽ پي. ڊي. ايم فيصلو ڪيو آهي ته پورو اتحاد مريم صاحبه سان گڏ نيب ويندو اگر پ. پ اتحاد کان الڳ ٿئي ٿي ته يقينن عوام ۾ ان لاءِ ڪاوڙ پيدا ٿيندي، پر هو پنجاب ۾ آهي به ڪونه سنڌ ۾ اگر آهي ته به سگهارن جي مهربانين سان ان ڪري عوام جو ڊپ پ پ کي نه آهي باقي جيڪو اشارو مليو، پر پي. ڊي. ايم واضح سوچي پئي ته پ. پ کي آئوٽ ڪري مارچ ڪريون ۽ استعيفائون ڏيون، پر رمضان شريف کانپوءِ مولانا صاحب کي حلوو پوري سحري ۾ کائڻي آهي. لڳي ٿو ته لانگ مارچ ٿيندو پ پ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان ۾ شامل هوندي، وڌيڪ جيڪا صاحبن جي مرضي.
***