ڀارتي جاسوس ڊينيل جون ڳجهه جون ڳالهيون

ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“ جي اڳوڻي ايجنٽ ڊينيل هڪ ڀارتي ٽي وي تي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ”را“ طرفان پاڪستان ۾ بم ڌماڪا ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو. ڀارتي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ را جي اڳوڻي ايجنٽ ڊينيل اهو به اعتراف ڪيو ته هن پاڪستان ۾ ڀارت جي لاءِ جاسوسي ڪئي ۽ پڪڙجي به پيو ۽ پاڪستان ۾ چار سال جيل ۾ رهيو. هن ٻڌايو ته راجو نالي هڪ ٻيو ڀارتي جاسوس پاڪستان ۾ قيد آهي. ڀارتي ايجنٽ اهو به چيو ته ”را“ هن وقت به پاڪستان ۾ جاسوسين وارين سرگرمين ۾ ملوث آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments