ڀارت ۾ مسافر جهاز لينڊنگ جي دوران ٻه ٽڪر ٿي ويو، 16 ماڻهو فوت

ڀارت ۾ ڏکڻ رياست ڪيراله ۾ قومي فضائي ڪمپني ايئر انڊيا جو مسافر جهاز لينڊنگ دوران 35 فوٽ هيٺ ڪري ٻه ٽڪر ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 مسافر فوت ٿي ويا. ايئر انڊيا جي دبئي کان ايندڙ اڏام ۾ عملي جي ميمبرن سميت 191 مسافر سوار هئا. جهاز لينڊنگ دوران ڪيراله جي ڪالي ڪٽ ايئرپورٽ تي رن وي کان هيٺ لهي ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽ مطابق مسافر جهاز 35 فوٽ هيٺ وادي ۾ ڪري ٻه ٽڪر ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز جو ڪپتان ۽ معاون سميت 16 ڄڻا فوت ٿي ويا. واقعي ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته حادثي واري جاءِ تي امدادي ڪارروايون جاري آهن. ڀارت سول ايوي ايشن جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جهاز لينڊنگ دوران ديوار ٽوڙيندي 35 فوٽ هيٺ ڪري ٻه ٽڪر ٿي ويو، جڏهن ته جهاز ۾ 174 مسافر 10 نوان ڄاول ٻار، 5 عملي جا ميمبر ۽ 2 پائليٽ سوار هئا. اعليٰ اختيارين جو چوڻ آهي ته خوش قسمتي سان حادثي دوران جهاز ۾ باهه نه لڳي جنهن سان جاني نقصان گهٽ ٿيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ مطابق ڪيراله ۾ شديد برساتن جو سلسلو جاري آهي، اعليٰ اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي دوران به ايئرپورٽ جي چوڌاري پاڻي جمع هو ۽ برساتن سبب امدادي ڪمن ۾ به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اعليٰ اختيارين طرفان واقعي جي تحقيقات جو آغاز شروع ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ ٻين رهنمائن حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments