چائلڊ پورنو گرافي گروپ ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي قيد جي سزا
ايف آءِ اي ڪرائيم سرڪل حيدرآباد، انٽرپول جي چائلڊ پورنو گرافي خلاف شڪايت تي هڪ لطيف آباد حيدرآباد ۽ ٻئي نوابشاهه جي رھواسي خلاف جاچ ڪري کين گرفتار ڪيو ھو. ٻنهي وٽان چائلڊ پورنو گرافي مواد، ليپ ٽاپ، ڊوائيسز ۽ موبائيل فون ھٿ ڪيا ھئا. عدالت کين ان قسم جي وڊيو پکيڙڻ بابت ايف آءِ اي پاران پيش ڪيل شاھدين تي 3/3 سال قيد ۽ 20/20 ھزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.

