چرچ جا 3200 پادري ۽ ميمبر ٻارن سان زيادتي ۾ ملوث نڪتا

چرچ ۾ ٻارن سان زيادتي ڪيسن جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سال 1950 کان هيل تائين ٻارن سان زيادتي ۾ ملوث هزارين ماڻهو فرانسيسي ڪيٿولڪ چرچ ۾ ئي ڪم ڪندا هئا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 2900 کان 3200 پادري ۽ ٻيا ميمبر ٻارن سان زيادتي ۾ ملوث هئا. فرانسيسي ڪيٿولڪ چرچ ۾ ٻارن سان زيادتي جي جاچ لاءِ 2018 ۾ آزاد ڪميشن جوڙي وئي هئي. ڪميشن جي اها رپورٽ 2500 صفحن تي ٻڌل آهي، جيڪا اڱاري تي جاري ڪئي ويندي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments