چنڊ جي سلامي صائمه سومرو
”ثمرين ثمرين…“
ثمرين جي ماءُ بورچي خاني ۾ ناشتو پچائيندي کيس سڏ ڪيو.
”جي امي“
”امان اچ ناشتو ڪر“ ماڻس رڙ ڪري چيس، ”نه امان دير پئي ٿئي.“
”امان ٻه گراهه کائي وڃ، سڄو ڏينهن بک تي هوندينءَ ڇا؟“
”نه نه، آفيس جي ڪينٽين مان ڪجهه وٺي کائينديس. هتي کائڻ ويهي رهيس ته آفيس جي گاڏي نڪري ويندي.“
هن آئيني جي اڳيان جلدي جلدي فيس پائوڊر منهن تي هڻندي ماءُ کي ورندي پئي ڏني. ڪلهي ۾ پرس رکي. چادر منهن تي ويڙهيندي ٻاهر نڪرڻ لڳي ته ماءُ کي چيائين:
”امان در بند ڪري ڇڏجانءِ.“
هوءَ جلدي جلدي فليٽ جون ڏاڪڻيون لهندي هيٺ پڳي ته هيٺ ڏاڪڻ تي سامهون ڊامبر جهڙي ڪاري ٿلهي بي ڊولي شخص کي بيٺل ڏٺائين. جيڪو روز ڪنهن رولو جانور جيان اتي اچي بيهندو هو.
”واهه واهه اڄ ته صفا مارين ٿي“
ثمرين سندس جملي کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري اڳتي هلڻ لڳي.
”اسان غريبن تي به ڪجهه نظر ڪر. روز تنهنجي لاءِ ديدون وجهي ٿا بيهون. ڪڏهن ته اسان سان به ڳالهائي.“
ثمرين منهن خراب ڪندي هن کي ڏٺو. ڪاري شخص تي ان جو ڪو اثر نه پيو ۽ هو وڦلندو رهيو.
ثمرين هن جي ان بڪواس کي روز جو معمول سمجهي نظر انداز ڪري سري اچي بس اسٽاپ تي بيٺي. جتي زويا سندس انتظار ڪري رهي هئي،
زويا ۽ ثمرين ٻئي هڪ ئي آفيس ۾ ڪم ڪنديون آهن. روزانو مقرر وقت تي ساڳئي بس اسٽاپ تي اچي بيهنديون آهن. جتان ڪمپنيءَ جي بس ۾ چڙهي آفيس وينديون آهن.
هو ٻئي بس جي انتظار ۾ بيٺيون هيون ته اوچتو موٽرسائيڪل تي سوار هڪ همراهه اچي سندن اڳيان بريڪ هنئي.
”هلندئو؟ اچو ته مان ڇڏي اچان.“
همراهه پنهنجا ڏند ٽيڙي کين چيو ته سندس ڏند پان کائڻ ۽ سگريٽ پيئڻ سبب ايئن ٿي ويا هئا، جيئن ڪتاب اڏوهي کائڻ کانپوءِ ٿي ويندو آهي.
”شٽ اپ…“ زويا منهن خراب ڪندي همراهه کي چيو.
”او هو انگريزي ۾ گار ٿي ڏين“
همراهه پنهنجي ساڳي ئي بي حيائي قائم رکي.
”هتان ٽَرين ٿو يا مان ماڻهن کي ميڙيان ته پادر هڻنين دون سڄائي ڇڏيندئي.“
زويا تيز ڌار لهجي سان همراهه کي داٻو ڏيندي چيو.
”زويا ڇڏي ڏينس ڪتن جو ڪم ئي هوندو آهي ڀئونڪڻ. ڪيترن کي چپ ڪرائيندينءَ. هتي چوڪ چوڪ تي اهڙا بيٺا آهن.“
ثمرين زويا جو هٿ پڪڙيندي چيو.
ايتري ۾ آفيس جي گاڏي به اچي وئي ۽ ٻئي ڄڻيون چڙهي پيون. گاڏي آفيس جي مک دروازي جي ٻاهران بيٺي ته سڀ ڪو لهڻ لڳو. ثمرين ۽ زويا به پنهنجا پرس ڪلهن ۾ لڙڪائي لهي آيون.
”يار زويا مان ناشتو ڪونه ڪيو آهي هل ته ڪينٽين ۾ ڪجهه کائون.“
سدائين وانگر اڄ به ڪونه ڪيو اٿئي. ڪيترو ٿي چوانءِ ته گهر مان ناشتو ڪري پوءِ نڪرندي ڪر.“
زويا کيس تنبيهه ڪندي چيو.
”اڇا بابا اڳتي ضرور ناشتو ڪري پوءِ ئي نڪرنديس.“
ڪينٽين مان تڙ تڪڙ ۾ ناشتو ڪري هو آفيس ۾ هليون ويون.
”زويا منهنجي سيڪشن ۾ نئون صاحب آيو آهي. عجيب طبيعت جو مالڪ آهي. مون کي ته هن کان ڀئو ٿو ٿئي توکي هر ڪنهن کان ڀئو ٿيندو آهي. چري ڪجهه بهادر ٿي. تون پنهنجي ڪم سان ڪم رک توکي ڇا ٿيندو.“
زويا جي ڳالهه ٻڌي ثمرين جي اندر ۾ اطمينان اچي ويو. آفيس ۾ ٻنهي جا شعبا الڳ الڳ هئا.
ثمرين پنهنجي ڪرسي تي ويهي پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي وئي.
سندس ڀرسان پيل فون وڳي…
”هيلو جي سر، ها سر کڻي ٿي اچان.“ صاحب جي فون تي هن اڳيان ٽيبل تي پيل فائل کولي انهن مان هڪ فائل کڻي صاحب جي ڪمري جي دروازي وٽ پهچي هن پنهنجي رئي کي چڱي طرح ٺاهيو ۽ پوءِ دروازو کوليندي چيو.
”مي آءِ ڪم ان سر“…
ثمرين جي آواز تي بندري قد، ٻُچي ڏاڙهي واري ٺوڙهي صاحب هن ڏانهن متوجهه ٿي چيو،
”جي… جي اچو… اچو.“
”جي سر هي فائل جيڪو توهان گهرايو.“
ثمرين جڏهن فائل صاحب جي ٽيبل تي رکڻ لاءِ وڌايو ته سندس هٿ بي اختيار ڏڪڻ لڳا.
صاحب ثمرين تي اهڙي طرح نظر وڌي جو سندس نظرن هن جي سڄي جسم جو ايڪسري ڪڍي ورتو. هو زبان چپن تي ڦيرائڻ لڳو. ثمرين پنهنجي رئي کي اڃان وڌيڪ ٺاهي ڇاتيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”توهان ڪيتري عرصي کان آفيس ۾ ڪم ڪيو ٿيون؟“
”سر ٽي سال ٿيا آهن.“ هن نظرن کي جهڪائيندين جواب ڏنو.
”توهان بيٺا ڇو آهيو؟ ويهو ويهو.“ صاحب چپن تي مرڪ آڻي ٿورو مٿي اٿي ثمرين کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو.
سندس اٿڻ سان هن جو وڏو پيٽ ٽيبل ۾ رنڊجي پيو ۽ هو گهڻو مٿي نه اٿي سگهيو.
”نه سر توهان جي مهرباني مان بيٺي آهيان.“ ثمرين کيس جواب ڏيندي هلڪي مسڪراهٽ آندي.
”مون آفيس ۾ ڪرسيون ويهڻ لاءِ ته رکيون آهن، ويهو… ويهو.“ صاحب جي اصرار تي هوءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
”ڇا پيئندا چانهه يا ڪافي؟“
”نه نه…سر مان هينئر ئي ناشتو ڪري آئي آهيان.“
ايئن ثمرين ۽ صاحب جو تعارف ٿيو.
ثمرين پيءُ جي وفات کانپوءِ گهر جي ذميوارين کي سنڀالڻ شروع ڪيو هو ۽ بي. اي ڪرڻ کانپوءِ ترت ئي نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي.
اهڙيءَ طرح هن گهر جي گاڏي کي هلائڻ سان گڏ ماءُ جي بيماري ۽ ننڍي ڀاءُ جي اسڪول جي في جا خرچ پکا پئي سنڀاليا.
عورت هئڻ باوجود به هن گهر جي بار کي پنهنجي ڪلهن تي نهايت ذميواريءَ سان کنيو هو.
هوءَ هڪ پرائيويٽ سيڪٽر جي هڪ ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندي هئي.
اکيون وڏيون، ڊگها وار، موڪرو منهن، ڳاڙها چپ، ڀريل ڳل ۽ پرڪشش جسم سبب هوءَ سڀني جي نگاهن جو مرڪز رهندي هئي.
صاحب جي ڪمري ۾ پٽيوالو چانهه کڻي آيو ته پڇا ڪيائينس اها ثمرين چپ چپ ڇو رهندي آهي، نه ڪنهن سان ڪا ڊيگهه ۽ نه ئي ڪا دعا سلام ڪري ٿي.؟
”سر سٺي ڇوڪري ۽ شريف آهي، بس پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي آهي.“
”ٻڌو آهي ته گهر ۾ ٻيو ڪو ڪمائڻ وارو ڪونهيس ڪو، بس هي ئي آهي ٻيو ننڍو ڀاءُ ۽ بيمار ماءُ اٿس.“
پٽيوالي يڪساهيءَ ۾ ثمرين جو احوال صاحب کي ڏنو.
صاحب سندس جواب ٻڌي چپ ٿي ويو.
ايئن ڏينهن گذرندا رهيا، صاحب ثمرين جي ويجهو اچڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام پئي ويو.
هن پنهنجي ڪرسي ۽ عهدي جو استعمال غلط ڪندي حيلا هلايا. ثمرين کي مختلف گفٽن جون لالچون ڏيڻ جي ڪئي، پر کيس ڪجهه پلئه نه پيس.
”ثمرين اندر اچ ڪم آهي“، هوءَ پنهنجي ٽيبل تي ڪم ۾ مصروف هئي ته صاحب جي فون آيس. رسيور رکي هوءَ اٿي ۽ رئي سان پاڻ کي ڍڪايائين.
صاحب جي ڪمري ۾ اندر گهڙڻ سان ئي هوءَ چوڻ لڳي.
”جي سر توهان گهرايو“
”ها ها ويهو توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“
”سر موڪل جو ٽائيم ٿي ويو آهي، آفيس جي گاڏي نڪرڻ لاءِ تيار هوندي.“
”توهان واپسيءَ لاءِ پريشان نه ٿيو مان توهان کي ڊراپ ڪري ڇڏيندس.“
”نو سر توهان جي مهرباني. مان هلان ٿي.“
”توهان سمجهو ڇو نٿيون ميٽنگ ڪرڻي آهي.“ صاحب ٽاءِ کي ڊگهو ڪندي چيو.
”پر سر آفيس جو ته اسٽاف هليو ويو آهي. شام لڙي چڪي آهي. هن مهل
ميٽنگ ڪيئن ٿيندي.“ ثمرين گهٻرائيندي چيو،
”ويهه اسٽاف سان نه پر تو سان ميٽنگ ڪرڻي آهي.“ صاحب لهجي کي تلخ ڪندي چيو.
ثمرين سندس تلخي ڏسي ڪرسيءَ تي ويٺي.
”جي سر چئو ڇا جي ميٽنگ؟“
صاحب هن ڏانهن سرڪي هٿ اڳتي ڪندي سندس هٿ تي رکندي چيو،
”مون کي خوش ڪر، مان به توکي خوش ڪندس.“
”سر هي ڇا ٿا چئو.“
ثمرين بجليءَ جي رفتار سان هٿ پري ڪندي چيو.
”تون مون کي ڏاڍي وڻندي آهين… مان تنهنجي ناسي نيڻن جو گهايل آهيان. مان پياسو آهيان منهنجي اڃ پوري ڪر. مان تنهنجو پگهار ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏيندس. بس رڳو منهنجي ٻانهن ۾ اچ. ڪو شرم، ڊڄ ڊپ نه سڀ هليا ويا آهن، ڪنهن کي به خبر نه پوندي تون کٽڪو ئي نه ڪر تسلي رک.“
اڌوڙٽ عمر وارو صاحب ثمرين جي وڌيڪ ويجهو ايندي کيس زبردستي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
ثمرين جو چهرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.
”شرم ڪيو سر، مان توهان جي ڌيءَ جي عمر جي برابر آهيان. توهان مون ۾ اهڙيون نظرون وجهندا مون کي اها توقع نه هئي.“
”ڇڏ اچ ڇو ٿي ٿڙپائين، ويجهو اچ ويجهو.“ صاحب سندس ڳالهين تي ڪن نه پئي ڌريو. ثمرين سندس هٿن مان پنهنجو هٿ ڇڏائي کيس زوردار چپاٽ وهائي ڪڍي.
”مان لعنت ٿي وجهان توتي ۽ تنهنجي نوڪريءَ تي. عزت کان وڌ مون کي تنهنجي نوڪري ناهي. مان اهڙو گرهه ڪتن کي ڏئي ڇڏيندس جيڪو عزت نيلام ڪرڻ جي بدلي ملي.“
صاحب کيس حيرت ڀرين نظرن سان تڪڻ لڳو.
هوءَ آفيس مان نڪري ٻاهر آئي.
ٻاهر سج لهي ويو هو. هن آسمان ۾ نهاريو ته چنڊ کيس مرڪندي سلام ڪري رهيو هو.

