چهري جي تاثر کي عيان ڪرڻ وارو ماسڪ

عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ سمورن ماڻهن هڪ طرز زندگي گذارڻ سکي آهي جنهن ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر کي هڪ اهم شيءِ تصور ڪيو پيو وڃي. وبا کان بچڻ جي لاءِ صحت جي ماهرن طرفان ماڻهن کي گهر کان ٻاهر نڪرندي ماسڪ جو لازمي استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي پئي وڃي. هاڻي هي ماسڪ گفتگو دوران سڀ کان وڏي رڪاوٽ سمجهيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ماسڪ لڳائيندڙ شخص جي چهري جا تاثر سمجهڻ مشڪل آهي. ان ئي مسئلي کي نظر ۾ رکندي تازو ئي هڪ اهڙو ماسڪ تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي لڳائڻ کانپوءِ اوهان وائرس کان محفوظ به رهندا ۽ هي ڳالهه ٻولهه دوران رڪاوٽ به پيدا نه ڪندو. سي ايل آءِ يو جي نالي سان ڪيل هي خاص ماسڪ چپن وٽان ٽرانسپيرنٽ آهي يعني جڏهن ڪوبه شخص هي ماسڪ لڳائيندو ته ان شخص جو منهن ۽ ان جا تاثر صاف نظر ايندا. سوشل ميڊيا تي هن ماسڪ کي خوب ساراهيو پيو وڃي ۽ ماڻهو ان ڳالهه کي مڃين ٿا ته هن ماسڪ کي استعمال ڪرڻ کانپوءِ گفتگو دوران پيش ايندڙ رڪاوٽون ختم ٿي سگهن ٿيون.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments