چونڊن واري ڏينهن تي عام موڪل جو اعلان
اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن واري ڏينهن تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته عام موڪل سڄي ملڪ ۾ هوندي ۽ اها موڪل عوام جي سهولت ڪارڻ ڪئي پئي وڃي، جيئن ووٽر کي پنهنجو حق استعمال ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي مشڪل کي منهن نه ڏيڻو پوي. واضح رهي ته 25 جولاءِ تي عام چونڊن جو اعلان ڪيو ويو آهي. چونڊون صبح جو 8 وڳي کان شام جو 6 وڳي تائين هلنديون رهنديون.