چوڌري شجاعت خاموشي ٽوڙي ڇڏي، حڪومت تي ڇتي تنقيد
ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين قومي اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري جو حڪومتي الزام رد ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ چوڌري شجاعت چيو ته اڄڪلهه ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اچي رهيو آهي ته نوٽن جون ٻوريون کُلي ويون آهن، ايتري تائين جو وزيراعظم به اهو ذڪر ڪيو آهي. هن چيو ته هيءَ پهرين بي اعتمادي رٿ آهي، جنهن ۾ نه ڪو ووٽ خريد ڪري رهيو آهي ۽ نه ڪو کپائي رهيو آهي، اهو رڳو پروپئگنڊا آهي. سندس چوڻ هو حڪومت ته سدائين جلسا روڪڻ جي ڪوشش ڪندي آهي پر هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ ئي اشو تي جلسا ڪري رهيون آهن، اپوزيشن حڪومتي اعلان ڏسندي ئي جلسن تي اصرار ڪري رهي آهي. اڳوڻي وزيراعظم اپيل ڪئي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي پنهنجي جلسن جي پروگرامن کي ملتوي ڪن، انهن جلسن ۾ جيڪڏهن ڪو مري ويو يا مارايو ويو ته سڀ پڇتائيندا. چوڌري شجاعت چيو ته وفاقي وزير چون ٿا 10 لک ماڻهن مان گذري عمران خان خلاف ووٽ وجهڻو پوندو، جڏهن ڪو ووٽ وجهڻ جو فيصلو ڪري ته 10 لک ڇا 10 ڪروڙن جو مجموعو به نٿو روڪي سگهي.