ڇاتيءَ جو سرطان ۽ درپيش چئلينجز
ڇاتيءَ جو سرطان ۽ درپيش چئلينجز
زاهده ابڙو
ڪينسر ڪلهه تائين لا علاج مرض هو تڏهن به هڪ چئلينج هو، اڄ ميڊيڪل سائنس جي ترقيءَ کانپوءِ ان جو وڌندڙ انگ خطرو بڻيل آهي. هن وقت جڏهن ميڊيڪل سائنس پهرين جي نسبت سرطان مٿان ڪافي حد تائين تحقيق ڪري علاج جا نوان طريقا ڳولهي ورتا آهن تڏهن به مختلف قسمن جا ڪينسر هينئر انسانن جي موت جو وڏو سبب بڻيل آهن. سرطان جي ٻين قسمن سان گڏ عورتن ۾ ڇاتيءَ جو سرطان پوري دنيا ۾ تمام تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي. دنيا جي هر نون عورتن مان هڪ کي ڇاتيءَ جو سرطان آهي جيڪا هڪ تمام ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي. پوري دنيا ۾ عورتن ۾ موت جو پنجون وڏو سبب breast cancer آهي. مختلف سماجن ۾ عورتن کي صنفي بنيادن تي ڪيتريون ئي تڪليفون سهڻيون پون ٿيون ۽ ڪجهه مسئلن تي هو کُلي ڳالهائڻ کان گهٻرائين ٿيون. ڇاتيءَ جو سرطان به هڪ Taboo بڻيل آهي جنهن جي باري ۾ ڇوڪريون ۽ عورتون ڪافي عرصي تائين خاموش رهن ٿيون. ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي ۽ قومي سطح تي ڪوششون ڪرڻيون پونديون ته جيئن عورتن ۾ ان بيماريءَ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي. ڇو ته هن بيماريءَ جو جيترو جلد پتو لڳايو ويندو اوترو ئي ان مريضه جي صحتمند ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا. ترقي يافته ملڪن ۾ عورتن ۾ ان بيماريءَ لاءِ تمام گهڻي سجاڳي موجود آهي، ان کانسواءِ وٽن صحت جون تمام گهڻيون سهولتون موجود آهن، پر اسان جهڙن پٺتي پيل ملڪن ۾ جتي ماحولياتي گدلاڻ کي بلڪل نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ادارا ته قائم ٿيل آهن، پر ماڻهن کي پيئڻ لاءِ گندو پاڻي ملي رهيو آهي، فيڪٽرين جي گند ڪچري کي دريائن ۾ وهايو وڃي ٿو، جنهن ڪري اسان وٽ زرعي زمينون ۽ پيداوار به گدلاڻ جو شڪار آهن. ان کانسواءِ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي ڪارڪردگي ڪٿي به نظر نٿي اچي. مارڪيٽ ۾ موجود جنڪ فوڊ، ننڍا ننڍا ٻار کائين ٿا ۽ اڳتي هلي اهي مختلف قسمن جي سرطانن جي ور چڙهي وڃن ٿا. سائنسي تحقيق اهو ثابت ڪيو آهي ته هر قسم جو پروسيسڊ کاڌو جنهن ۾ خاص طور تي فروزن فوڊ اچي وڃي ٿو ان جو مسلسل استعمال به عورتن ۾ breast cancer جو سبب بڻجي ٿو. اسان وٽ مائيڪرو ويوو جو استعمال به تمام گهڻو عام آهي جنهن ۾ پلاسٽڪ جي ٿانون مان پلاسٽڪ کاڌي ۾ شامل ٿي ڪينسر جو سبب بڻجي رهيو آهي. ايتري حد تائين جو بازار ۾ رکيل پاڻيءَ جون بوتلون جيڪي اس ۾ رکيل رهن ٿيون ڪينسر جو سبب بڻيل آهن، پر فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي انهن شين تي ڪابه تحقيق نٿي ڪري ۽ جوڳا قدم کڻندي نظر نٿي اچي. ان کانسواءِ هارمونز جي تبديلي، ڄم روڪ دوائن جو استعمال، جينيٽڪ سبب به هن بيماريءَ جي ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پاڪستان ۾ جتي غربت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ غربت جي ڪري عورتن کي متناسب غذا مهيا نٿي ٿئي جنهنڪري ڏينهون ڏينهن ان بيماريءَ ۾ مبتلا عورتن جو انگ وڌي رهيو آهي.

هن وقت ان موذي مرض کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي تمام گهڻا سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ان بيماريءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ضلعي سطح تي بريسٽ ڪلينڪ جو قيام عمل ۾ آندو وڃي جتي تربيت يافته عملو مقرر هجڻ گهرجي. انهن ڪلينڪن ۾ الٽرا سائونڊ، ميمو گرافي ۽ سيمپل ڪليڪشن جي سهولت هجڻ گهرجي ته جيئن متاثر عورتن کي جلد کان جلد علاج جي سهولت فراهم ٿي سگهي. هن وقت ريڊيو ٿراپي ۽ ڪيمو ٿراپيءَ جي سهولت سنڌ جي صرف ٽن وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي تائين محدود آهي ان کي هر ضلعي سطح تي مهيا ڪيو وڃي. هن وقت پاڪستان ۾ 40,000 عورتون هر سال ڇاتيءَ جي سرطان وگهي پنهنجي زندگيءَ تان هٿ کڻن ٿيون. جنهن ملڪ ۾ عورت ايتري گهڻي رسڪ تي هوندي ته اتي ڪيترائي گهر ان جا اثر ڀوڳيندا. گڏوگڏ گرلز اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ جاڳرتا مهم کي مسلسل هلايو وڃي، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ تربيت يافته عملو اماڻي عورتن کي خود تشخيصي عمل سيکاريو وڃي ته جيئن هو ابتدائي طور سجاڳ رهن.


