ڇا آمريڪا افغانستان مان جنگ هارائي چڪو آهي؟ ايڊووڪيٽ عبدالحميد چاچڙ August 2021

افغانستان جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته هي 19 آگسٽ 1919ع ۾ بطور ملڪ تسليم ٿيو. 9 جون 1926ع ۾ ڪنگڊم آف افغانستان طور نالو رکيو ويو ۽ 17 جولاءِ 1973ع ۾ اسلامڪ ريپبلڪ افغانستان نالو رکيو ويو. هن ملڪ ۾ ايٿنڪ گروپس 42 سيڪڙو پشتون، 27 سيڪڙو تاجڪ، 9 سيڪڙو هزاره، 9 سيڪڙو ازبڪ، 4 سيڪڙو ايمق، 3 سيڪڙو ترڪ مين، 2 سيڪڙو بلوچ ۽ 4 سيڪڙو ٻي آبادي موجود آهي. مذهبي طور 99 سيڪڙو اسلامي نظريو رکندڙ ماڻهو موجود آهن. هن ملڪ جي آبادي 39,864,282 ۽ هن ملڪ جي زميني پکيڙ 652,860 ڪلو ميٽر آهي. جيڪڏهن سائوٿ ايشيا تي نظر وجهنداسين ته گهڻو ڪري افغانستان کي گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان وٺي آمريڪا جي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ اتي زوري ڄمايل ديرن جي نتيجي ۾ ٿيل خونريزيءَ واري ڏاڍائيءَ جي ڪري هڪ الڳ سڃاڻپ حاصل آهي. انهن ٻن ڏهاڪن دوران پاڪستان، انڊيا، چين، سعودي عرب، ايران ۽ ترڪيءَ سميت سڀني عالمي قوتن ۾ مختلف وقتن تي گرما گرم بيانن جا سلسلا به عالمي مبصرن جي توجهه جا مرڪز رهيا آهن. وري 2021ع ۾ جڏهن کان افغانستان مان آمريڪي فوج ۽ ان جي اتحادين جي واپسيءَ جو سفر شروع ٿيو آهي. تڏهن کان وٺي ماضيءَ ۾ طالبان جي ڪري تباهيءَ جي ڪناري تي پهتل ملڪ افغانستان مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر طالبان جا قبضا ۽ ڏند چڪ جا واقعا عام ٿي رهيا آهن، جنهنڪري سڄي خطي جي صورتحال دلچسپ ٿي رهي آهي. ان سلسلي ۾ عالمي قوتن پاران ڏيکاريل رد عمل جي پٺيان انهن جي لڪل يا ظاهر مفادن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته آمريڪا افغانستان جي صورتحال تي جوبائيڊن انتظاميه ته هاڻي بلڪل خاموشيءَ سان صورتحال کي نظر ۾ رکي ڏسڻ ٿو چاهي ته هن صورتحال ۾ خطي جا ڪهڙا رانديگر ظاهر ٿين ٿا، پر ٻئي طرف آمريڪا جي اڳوڻي صدر بش جرمن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي بائيڊن انتظاميه جي فيصلي کي رد ڪندي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته هيءَ ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي هڪ سنگين ترين غلطي آهي، جنهن سان نه صرف دهشتگردن کي هڪ ڀيرو ٻيهر طاقتور ٿيڻ ۾ مدد ملندي ۽ افغاني عوام طالبان هٿان مرڻ جو الزام به جوبائيڊن انتظاميه تي هنيو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن جوبائيڊن جي سياسي ڪريئر تي نظر وجهنداسين ته جوبائيڊن 1970ع کان وٺي آمريڪا جي ڊيپ اسٽيٽ (Deep State) بخوبي طور ڄاڻي ٿو ۽ هن خطي کي بهتر انداز سان سمجهي ٿو. گهڻن مبصرن جو پڻ اهو خيال آهي ته آمريڪا هيءَ جنگ هارائي چڪو آهي، پر اوچتو ئي اوچتو آمريڪي فوج جو افغانستان مان نڪري وڃڻ ۽ طالبان جو مسلسل اڳتي وڌڻ ۽ ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ ۽ مختلف گروهن جو ايڪٽو ٿيڻ جنهن ۾ آمريڪا هن وقت تائين پنهنجي ستن فوجي اڏن جو قبضو افغاني حڪومت حوالي ڪرڻ کانپوءِ 95 سيڪڙو پنهنجي فوج ۽ مختلف ضروري جنگي هٿيار 984 سي آر جهازن ذريعي افغانستان مان ڪڍي چڪو آهي آمريڪا ۽ نيٽو جا ٻيا ترسيل جٿا به 11 سيپٽمبر 2021ع تائين افغانستان مان نڪري ويندا. ان آمريڪي روانگي کانپوءِ طالبان ڏينهون ڏينهن مشهور ٿي رهيا آهن ۽ وري ٻئي پاسي مسلمان خوش ٿي رهيا آهن ته آمريڪا هارائي ڀڄي ويو، پر اصل ۾ هاڻي آمريڪا وري جنگ جو طريقو تبديل ڪيو آهي. آمريڪا هاڻي افغانستان جي حوالي سان بظاهر ته خاموش رهندو، پر اندروني طرح سان هن خطي ۾ آمريڪا جا مفاد وڏا آهن جن کي هو خاموشيءَ سان ڊيل ڪندو. هن خطي ۾ ڀارت به آمريڪي آشيرواد سان افغانستان مان ويهي هڪ تير سان ٻه شڪار ڪري هڪ پاسي پاڪستان خلاف را (RAW) جي مدد سان مختلف سرگرميون ڪري خطي ۾ پنهنجو پاڻ کي غالب ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳائي رهيو هو ته ٻئي پاسي آمريڪا جو جنگ ۾ ڏيکاءُ ڪندڙ اتحادي ٿي ڪري آمريڪا کي خوش ڪرڻ سان گڏوگڏ چين پاڪستان دوستيءَ ۾ موقعو ڏسي رنڊڪون وجهي رهيو هو، ان لاءِ آمريڪي فوج جو افغانستان مان ڇڏي وڃڻ ڀارت لاءِ ڪنهن مصيبت کان  گهٽ ناهي، پر تازو ئي ڀارت جي چيف آف آرمي اسٽاف بپن راوت جو تازو دلچسپ بيان آيو آهي، جنهن ۾ هن آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جو افغانستان مان نڪري وڃڻ تي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ان جا اثر والاريل ڪشمير تائين پهچندا ۽ پاڪستان ڀارت تي حاوي ٿي سگهي ٿو. 9 جون 2021ع تي رضائو لاسڪر وري انڊيا جي حڪومت پاران طالبان سان رابطن جو انڪشاف به ڪيو آهي تنهنڪري ڀارت افغانستان ۾ پنهنجا ارادا ڪهڙا رکي ٿو اهو به بين الاقوامي رانديگرن جي نظر ۾ آهي. افغانستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙي آهي جو اڄ تائين هن ملڪ ۾ ڪنهن به ٻاهرئين حملا آور کي هميشه شڪست ملي آهي. هاڻي افغانستان جي هن گريٽ گيم ۾ چين، روس پاڪستان جو ڪردار ايندڙ مستقبل ۾ اهميت جوڳو هوندو.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments