ڇا ملڪ صدارتي نظام طرف وڃي رهيو آهي؟

دنيا جي تاريخي پسمنظر کي ڏسجي ته مهذب قومن جي ترقيءَ جو راز بهتر حڪمراني، عوام جي زندگيءَ جو بهتر معيار زندگي، قانون جي حڪمراني سميت بهتر وقتائتا فيصلا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پاڙيسري ملڪن سميت پوري دنيا سان بهتر تعلقات رکڻ ۽ انساني حقن جو خيال رکڻ ئي اولين ترجيح هوندو آهي، جنهن سان هڪ بهترين معاشرو جنم وٺندو آهي. تنهنڪري اهڙين قومن ۽ ملڪن کي دنيا ۾ مهذب قوم طور سڃاتو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح سان پاڪستان جي سياسي منظر نامي تي نظر وجهنداسين ته اڪثر اسان وٽ ايئن ٿيندو آهي ته سوچيو هڪڙي شيءِ لاءِ ويندو آهي، پر ٿيندو ڪجهه ٻيو آهي. پاڪستان جي سياست جو ماضي ته بيان ڪري سگهجي ٿو، پر مستقبل بابت ڪجهه به چٽو نٿو چئي سگهجي، بي موسمي تبديلي معمول بڻجي چڪي آهي. ان جي مقابلي ۾ دنيا جي مهذب قومن پنهنجن ملڪن ۾ حڪومتون هلائڻ لاءِ ڪجهه اصول جوڙيا آهن، جنهن طرز تي دنيا ۾ حڪومتون هلي رهيون آهن اهڙي طرح سان حڪومتن جا 9 قسم ٿين ٿا جن کي هيٺ بيان ڪيل آهن.

  1. جمهوريت:

هن قسم جي حڪومت ۾ اختيار ۽ طاقت عوام کي مليل هوندو آهي هن قسم جي حڪومت ۾ عوام هيٺئين سطح کان مٿئين سطح تائين پنهنجا نمائندا چونڊيندو آهي، عوام پنهنجي طرفان چونڊيل نمائندا منتخب ڪري کين مڪمل اعتماد ڏيندو آهي ته عوام جي بنيادي حقن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائين مطلب ته اهي چونڊيل نمائندا عوام جو آواز هوندا آهن.

  1. انارڪي:

هن قسم جي حڪومت کي افراتفري واري حڪومت چوندا آهن جنهن ۾ حڪومت هلائڻ لاءِ ڪنهن وٽ به مرڪزي اختيار نه هوندا آهن ۽ اختيار جو مالڪ هرهڪ پاڻ هوندو آهي هرهڪ شخص پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ پاڻ هوندو آهي ڪابه شيءِ ڪنهن مخصوص اداري جي ڪنٽرول هيٺ نه هوندي آهي. مطلب ته هرهڪ ڇڙوڇڙ هوندو آهي هيءَ هڪ عجيب قسم جي بي ضابطه حڪومت هوندي آهي.

  1. ڊڪٽيٽرشپ:

هن قسم جي حڪومت جو حڪمران ڪوبه هڪ آمر هجي ٿو هن قسم جي حڪومت ۾ ڪوبه قانون ۽ آئين نه هوندو آهي جنهن ۾ ڪوبه حزب اختلاف ڪونه هوندو آهي جيڪو غلط نموني سان استعمال ٿيل طاقت کي روڪي سگهي. هن قسم جي حڪومت ۾ انساني حقن جي پائمالي ٿيندي آهي، جيڪو به آواز اٿاريندو ان جي آواز کي بند ڪيو ويندو آهي.

  1. ايٿنو ڪريسي:

هن قسم جي حڪومت ۾ حڪمراني ڪرڻ جو حق ڪنهن هڪ خاص مذهبي، سماجي، ثقافتي يا خانداني گروهه کي هوندو آهي. جهڙيءَ طرح بيلجم ۾ صرف فليمش خاندان کي ئي حڪمراني جو حق حاصل آهي ۽ اهو ڪافي عرصي کان حڪمراني ڪري رهيو آهي. اهڙي قسم جي حڪومت کي ايٿنو ڪريسي چئبو آهي.

  1. ريپبلڪ:

هن قسم جي حڪومت ۾ اهو لازمي آهي ته اليڪشن ذريعي نمائندن  جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. هن جي مشابهت جمهوريت سان هوندي آهي، پر هن ۾ رياست جو باني بادشاهه نه هوندو آهي، پر جمهوريت ۾ بادشاهه رياست جو باني ٿي سگهي ٿو جيئن برطانيه ۾ جمهوريت هوندي به رياست جو باني بادشاهه يا راڻي آهي.

  1. مونارڪي:

هن قسم جي حڪومت ۾ جيڪي به پاور هوندا آهن اهي فقط هڪ شخص وٽ هجن ٿا جيڪي نالي ماتر به ٿي سگهن ٿا ته غير مشروط به ٿي سگهن ٿا، جهڙيءَ طرح برطانيه جي رياست جو باني نالي ماتر بادشاهه آهي ۽ سعودي عرب جو بادشاهه جنهن وٽ ايبسليوٽ اٿارٽي آهي وٽس حڪومت جو ڪنٽرول به هوندو آهي.

  1. ٿيو ڪريسي:

هن قسم جي حڪومت ۾ خدا کي قانون ڏيندڙ ۽ سپريم ليڊ چيو ويندو آهي هن قسم جي حڪومت ايران ۽ ويٽي ڪن سٽي ۾ آهي.

  1. اوليگارڪي:

هن قسم جي حڪومت ۾ پاور ڪنهن به هڪ خاندان وٽ هجن ٿا جنهن ۾ عرب امارات جا ڪجهه ملڪ اچي وڃن ٿا.

  1. ٽيڪنو ڪريسي:

هن قسم جي حڪومت ۾ هر قسم جي فيلڊ سان لاڳاپيل ماهر نمائندن طور شامل هوندا آهن، انهن کي فيصلا ڪرڻ جو حق به هوندو آهي جيئن جمهوريت ۾ عوامي نمائندن وٽ حق هوندو آهي. اهڙي قسم جي حڪومت کي ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت چئبو آهي.

مٿي ڄاڻايل ڪجهه حڪومت جا قسم آهن جن سان دنيا ۾ ڪافي ملڪن ۾ طرز حڪمراني ٿيندي پئي اچي. پاڪستان جي پسمنظر ۾ ڏسجي ته سياسي پارٽيون توڙي حڪومت ۾ ويٺل نمائندا جن کي رياست سان ڪابه دلچسپي نظر نه پئي اچي رياست جيڪا اصل ۾ ته عوام هوندي آهي جيڪڏهن عوام لاءِ نه سوچيو ويو ته ايئن سمجهو ته ملڪ لاءِ به نه پيو سوچيو وڃي. پاڪستان ۾ هڪ گڏيل قسم جو ٽولو آهي جيڪو ڪجهه ڏهاڪن کان ملڪ ۾ حڪمراني ڪندو پيو اچي جنهن ۾ سڀني جا مفاد پنهنجا پنهنجا آهن ۽ پنهنجن مفادن جي سياست ۾ رڌل آهن. هن ملڪ ۾ هر شيءِ جي لاءِ قانون ته ٺهيل آهي، پر ڇا قانون تي عملدرآمد به ٿي رهيو آهي؟ ڇا هر خاص ۽ عام ماڻهو کي برابري جي بنياد تي انصاف به ملي رهيو آهي؟ قصور جي زينب واري واقعي کانپوءِ ڇا ريپ ڪيس ختم ٿي ويا، ملڪ ۾ ڪيترن کي ننڍڙن ٻارڙن ۽ نياڻين سان روزاني جي بنياد تي زيادتي ٿي رهي آهي. لاهور ۾ تازو ٿيل موٽر وي واري واقعي ته انسانيت ۽ شعور جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. موجوده نظام ۽ رياست عوام کي ڪجهه به نه ڏيئي رهيو آهي. هن ملڪ ۾ احتساب ته ضرور ٿيو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا احتساب طاقتور ڌرين جو به ٿيو آهي؟

پاڪستان جي سياست ۾ نواز شريف، آصف علي زرداري، فضل الرحمان جي سياست کي به سنهري اکرن ۾ لکيو ويندو. ڪجهه ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته هڪ بل تيار ٿي رهيو آهي ته سسٽم ۾ جيڪي فاصلا آهن انهن کي دور ڪجي جنهن ۾ صدارتي، نيم صدارتي نظام آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) سان معاملا طئي ڪيا پيا وڃن ۽ سنجيدگيءَ سان سوچيو پيو وڃي ته گڏيل آئيني اصلاحات تيار ڪجن، جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي پاسي تي ڪيو پيو وڃي، انهيءَ بل کي منظور ڪرائڻ لاءِ حڪمران جماعت اتحادين ۽ مسلم ليگ (ن) جي مدد سان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان بل منظور ڪرائڻ جا چوٻول آهن. ڇو ته پاڪستان جي سياست جي ماضي بابت ڳالهائي سگهجي ٿو، پر مستقبل بابت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، هتي مفادن جي راند آهي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجا مفاد عزيز آهن، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڌريون مفادن جي ڊوڙ ۾ شامل آهن. وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڇا پيپلز پارٽيءَ جي مرضي کانسواءِ پائيدار آئيني اصلاحات قابل قبول هونديون، سياسي ڪلائميٽ شدت سان بدلجي رهيو آهي. ڇو ته موجوده سسٽم رياست ۽ عوام کي سواءِ نقصان جي ڪجهه به نه ڏيئي رهيو آهي، ڇو ته هن ملڪ جي جمهوري نظام جي چهري کي مختلف طريقن سان مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيتري ئي عرصي کان ڪئي پئي وڃي ۽ هاڻي ان جا واضح نتيجا نظر اچي رهيا آهن. هوائن جو رخ پارلياماني نظام کان صدارتي نظام طرف وڃي رهيو آهي، موجوده سسٽم توهان کي ڏينهون ڏينهن ڪرندي نظر ايندو هن ملڪ کي هڪ مضبوط جمهوري نظام جي ضرورت آهي جيڪو حقيقي جمهوري نظام هجي ۽ پنهنجي آئين جي مطابق ان تي عمل ڪيو وڃي، جتي غريب عوام کي جٽادار انصاف ۽ روزگار مهيا ڪرڻ سميت قانون جي حڪمراني هجي جنهن ۾ عوام ۽ رياست جو مفاد اولين ترجيح تي هجي اهڙي ئي مضبوط جمهوري نظام سان ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو.

chacharhameed786@gmail.com

***

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments