ڊائري جا ورق خواجھ غلام علي کوساڻي اپريل 2022
19 جنوري1992 آئون ڪجهه ڪونه ڪري سگهندس؟ ڇاڪاڻ ته آئون آزاد ڪونه آهيان. مون سان ڪجهه به ٿي ڪونه سگهندو؟ ڇاڪاڻ جو نه منهنجو روح آزاد آهي، نه منهنجي سوچ، نه منهنجو معاشرو ۽ سماج آزاد آهي. آئون ڪوبه ڪم ڪرڻ کانسواءِ عام غلامن وانگر مري کپي ويندس آزادي ڪٿي به ڪونهي، نه کلي فضائن ۾، نه سر ساگر ۾ نه ئي ذهن جي وسعت ۾ آزادي ڪٿي به ڪونهي. مان ٻڌل آهيان، قيد آهيان، آخر هڪ ڏينهن، تاريخ، زمان و مڪان مون کي ڳهي ويندا ۽ آئون به گم ٿي ويندس ڪجهه به ڪرڻ کانسواءِ؟؟
****
25 جنوري 1992
قرت العين حيدر جو ڪتاب گدرش رنگ چمن پڙهي پورو ڪيم زبردست ڪتاب آهي. پوري ڏيڍ صدي جي هندستان جي ڪهاڻي آهي. هندستان جي حڪمرانن، نوابن، راجائن جي ڪهاڻي، انهن جي نوجوان اولادن جي ڪهاڻي، ناچ گرل، ڳائڻين ۽ بازار حسن جي نامور ڳائڻين جون حالتون ۽ انهن سان پيش ايندڙ حيرت ناڪ واقعا. هندستان جي عام ماڻهن جي بدلجندڙ سوچ ۽ انهن حالتن دوران، انٽيلڪچوئل سوچون، مشڪلاتون، مذهبي پراڻن خيالن جا اثر. گذريل صدي ۾ هندستان جو نوجوان تعليم يافته، ترقي پسند ۽ روشن خيال نسل، ڪيئن عمل جي دنيا ۾ تباهه برباد ٿيو وڃي. انهن نوجوانن جا خواب خيال ۽ عمل ڪيئن وکريو وڃن ڪيئن مجبور ٿي انهن جي شخصيت جا پرزا ٿيو وڃي.
***
26 جنوري 1992
بهترين موسم ڪالهه کان مسلسل جهڙ بادل ۽ برسات جي ڦڙ ڦڙ ۽ ٿڌي ٿڌي تيز هوا جيڪا جسم کي وڍيندي محسوس ٿئي ٿي. مست ڪندڙ موسم آهي. دل ٻاهر نڪرڻ، گهمڻ ڦرڻ بلڪه فضائن ۾ اڏامڻ ٿي چاهي. ڏهه پندرهن ڏينهن اڳ هڪ ٻن ڏينهن لاءِ شديد سردي ٿي هئي ۽ پوءِ وري فورن نارمل ٿڌ. ان وقت مون سوچيو هاڻ سردي ڪونه ٿيندي. پر نه ڪالهه کان هتي به ۽ سڄي سنڌ ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان بادل ۽ برساتون آهن. اڄ حيدرآباد ۾ به برسات پئي پوي ۽ سخت ٿڌ آهي.
***
27 جنوري 1992
شهيد عوام محمد فاضل راهو جي ورسي گذريل سال جيان هيل به محترم پليجي وارن طرفان اڄ ٽنڊو ولي محمد ۾ ملهائي پئي وڃي. اسماعيل راهو وارن جي جدائي کانپوءِ فاضل راهو جي ورسي جدا جدا ملهائي ويندي آهي. ٽنڊي ولي محمد ۾ گذريل سال جيان هيل به شهيد عوام فاضل راهو جي ورسي غلام حيدر (بابل)، نواز پٺاڻ، گلزار ۽ اسان گڏجي انتظام ڪيو. آڪاش انصاري مهمان خاص هو. اڄ پهريون ڀيرو مون به تقرير ڪئي. اصل ۾ مون انائونسر کي چيو ته مان به ٿورا خيال پيش ڪندس، مون سمجهيو ته وچ ۾ شايد وارو ملي، پر جيئن ئي جلسو شروع ٿيو ۽ پهرين انائونسر اهو چيو ته سڀ کان اول معزز مهمانن جي آجيان لاءِ مان عرض ٿو ڪريان، حيدرآباد سنڌي اتحاد جي رهنما جناب غلام علي کوساڻي کي ته اهو صاحب اچي مهمانن جي آجيان ڪري. اڙي هي ڇا آجيان؟ مان هڪدم حيران ۽ ٿورو پريشان به ٿيس، پر پوءِ هڪدم اسٽيج تي آيس ۽ پوءِ مهمان خاص ۽ ٻين مهمانن ۽ حاضرين جي ٽنڊي ولي محمد جي عوام طرفان آجيان ڪيم ۽ سندن تي اچڻ جا ٿورا مڃيم ۽ پوءِ ٿورو شهيد فاضل راهو تي ڳالهائي آخر ۾ اها التجا به ڪيم ته خدارا اسان سنڌي عوام پنهنجن هنن رهنمائن جي ڏسيل واٽ تي هلون ۽ هنن جي سار سنڀال به لهون، هنن کي ته صرف مان ڏيون پر هنن جي پرگهور به لهون، هنن جي حفاظت به ڪريون، نه ڪي دشمن وري اسان کان اسان جو ڪو ٻيو فاضل ڦري سگهن، تقريبن اهي خيال پيش ڪيم پر مان ساهه کڻي وري ڳالهايان وري ڏڪڻي کي جهليان مطلب ته جيئن تيئن ڪري تقرير ڪيم.
***
28 جنوري 1992
مسلسل ٽن ڏينهن کان ڪارا ڪڪر ڇانيل. ڦڙ ڦڙ برسات، ڪڏهن تيز ڪڏهن آهستي، سخت سردي ۽ ٿڌي هوا اصل جسم ٿي وڍي. ڪالهه برسات جي ڪري بجلي جي پاور هائوس ۾ وڏا ڌماڪا ٿيا ۽ رات کان سڄي شهر جي لائيٽ به بند آهي. ڪالوني ۾ اچڻ کانپوءِ هيءَ پهرين برسات آهي. فليٽ جي گيلرين ۾ سڄو ڏينهن ٻار ويٺا نظارا ڪن. خاص طور تي جهڙ، ڪڪر ۽ برسات جا نظارا ڏاڍا مزيدار آهن. هيٺ ٻار راند روند ۾ مشغول ڪي ڪرڪيٽ ته ڪي وري سائيڪلون پيا هلائين. ڇوڪريون به ٽولا ڪيو پيون ڦرن يا رهاڻ ۾ مصروف. ڪالوني ۾ چار ديواري اندر مڪمل تحفظ ۽ امن آهي ان ڪري ٻارن کي به آزادي آهي. هن وقت برسات جي ڦڙ ڦڙ ۾ سنڌو سائيڪل هلائڻ پئي سکي، جيما هن کي سنڀالي سائيڪل پئي سيکاري.
***
02 فيبروري 1992
ٻه ڏينهن تلهار ۾ رهي سڀ ٻار ٻچا اڄ واپس آياسين. تلهار ۾ ته هميشه کان ئي مزو ايندو آهي. منهنجي شادي تلهار ۾ منهنجي ماسيءَ جي ڌيءَ سان ٿي. ان ڪري ڳوٺ سان تعلق ڳنڍيو رهيو. ورنه اسان ته حيدرآباد ۾ پيدا ٿياسين ۽ بابا به اتي ڄائو. اسان جا ڏاڏا ۽ نانا اصل ڏندي جا هئا پوءِ لڏي اول ٽنڊو محمد خان ۽ پوءِ حيدرآباد آيا. تلهار ۽ ڏندو گڏيا پيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو تلهار کي ئي اسان پنهنجو ڳوٺ سمجهي ان سان ئي ڳوٺاڻيون يادون وابسته رکيون آهن. ننڍپڻ کان امان سان تلهار ۾ ماسيءَ جي گهر وڃڻ ٿيندو هو، پوءِ وري منهنجي ننڍي ماسي روشن جي شادي به تلهار ۾ نور محمد سان ٿي ۽ نور محمد سان وري اسان جو تعلق تڏهن وڌيو جڏهن اسان 14/15 سالن جا نوجوان ٿياسين ۽ قومي انقلابي جدوجهد تيز ٿي هئي تڏهن علمي ۽ ادبي رهنمائي به نور محمد ڪئي. ان سان مورڳو وڌيڪ مضبوط تعلق هو، جو هاڻ ته مهيني ٻين هڪ اڌ چڪر ضرور ٿئي ٿو. تلهار ۾ مون کي گهاٽن باغن واري پاسي لطف علي شاهه ۽ منهنجي سهري جي زمين جا انب کجيون، نم، ٻير خاص طور تي اتي ٻه وڻ ڏاڍا مشهور ۽ تاريخي آهن. هڪ سائين لطف علي شاهه وارو پپر جو وڻ جيڪو پوري ايڪڙ ڏيڍ تي پکڙيل آهي. وڏو شاهي ٿڙ ۽ پري تائين پکڙيل شاخون ۽ ٻيو ان کان ٿورو اورتي اهڙو ئي وڏو پپر جو وڻ آهي جيڪو پڻ تمام وڏي پکيڙ تي ڦهليل آهي. پوءِ اسان کي انهن هيٺ تڏن تي ويهي ليٽي، آهلي، ڪچهريون ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي.
***

