ادب

ڊائري جا ورق : سرمد کوسو

  • پنهنجو پاڻ لاءِ ته سڀڪو جيئي ٿو، پر ٻين ڪاڻ تمام ٿورا ماڻهو جيئن ٿا.
  • ٻين ڪاڻ جيئڻ وارو فلسفو واقعي ڪيڏو نه عظيم آهي.
  • ننڍڙي زندگي ۾ جيڪڏهن اسان جو ڪوبه عمل، ڪنهن جي خوشي ۽ سُک جو سبب بڻجي ٿو ته سمجهو اسان جو پورهيو سجايو آهي.
  • زندگي جو اصل مطلب ئي اهو آهي، جو توهان ٻين انسانن لاءِ سُک جو سبب بڻجو.
  • اڄ جي نفسانفسي ۾ اڪثر ماڻهو پنهنجي ذات تائين محدود آهن.
  • اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻين ڪاڻ جيئڻ واري فلسفي تي هلي ٿو ته ان کي بيوقوف، واندو ۽ چريو سمجهيو وڃي ٿو.
  • اڄ جي اڪثر ماڻهن جو رڳو اهو مشغلو آهي ته نه پاڻ ڪو چڱو ڪم ڪريو، نه ئي ڪنهن ٻئي کي ڪا چڱائي ڪرڻ ڏيو.
  • اسان وٽ جيڏيون ڳالهيون ٿين ٿيون، ان جي ذري جيترو به ڪم ٿئي ته سماج ۾ ڪيڏي نه بهتري اچي وڃي.
  • اسان ٻئي جي ڪم مان نقص ڪڍڻ جا ماهر آهيون، باقي پاڻ ٽَڪي جو به ڪم نه ڪنداسين.
  • اسان جي سماج ۾ هڪ ماڻهو ئي هر وقت پنهنجو پاڻ کي ڪيترن ئي شعبن جو ماهر سمجهيو پيو هلندو آهي. جيڪو ڪم ڪريو، ان ۾ توهان کي نقص ڪڍي ڏيندو. نه رڳو نقص ڪڍي ڏيندو، پر اهو قائل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندو ته هي ڪم نه ڪريو، ناڪام ٿيندا.
  • تنهنجون اکيون اُن نيري سمنڊ وانگر آهن، جن ۾ ٻُڏڻ لاءِ دل هر وقت چوندي آهي.
  • هر آرٽسٽ جي اکين ۾ ئي سونهن لڪل هوندي آهي. تنهن ڪري اکيون، شاعرن جي شاعري جو به اهم موضوع رهيون آهن.
  • جيڪڏهن توهان وٽ اکيون آهن ته پوءِ توهان کي گهڻو ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي.
  • تون پنهنجي خوبصورت اکين سان، گهڻو ڪجهه سمجهائي وئين.
  • اکيون ئي دل ڏانهن ويندڙ رستي جو دروازو آهن.
  • اڄڪلهه ٿيندڙ اڪثر واقعا عقل وارن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن. پوءِ به گهڻا ماڻهو اکيون پوري پيا هلن.
  • ڪاش تون، منهنجي اکين ۾ موجود درد کي سمجهي سگھين ها!
  • تنهنجي نظرن جي شوخي، منهنجي پين کي لکڻ تي مجبور ٿي ڪري.
  • مون تنهنجي اکين ۾ هميشه پنهنجو پاڻ کي پَسَيو آهي.
  • تون اکين ۾ ڪجل نه پائيندي ڪر، تنهنجي اکين ۾ مون کانسواءِ، ڪنهن لاءِ جڳهه ناهي.
  • پيار رڳو ننڍن سان نه پر وڏن سان به ڪجي. ڪڏهن ڪڏهن وڏن کي پيار جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي.
  • اهڙي طرح عزت رڳو وڏن جي نه پر ننڍن جي به ڪجي.
  • اهي آهن ته بنيادي انساني حق، پر اسان جهڙي معاشرن ۾ اهي بنيادي حق ملڻ به ڏکيا آهن.
  • ٻين سان اهڙو سلوڪ ڪريو، جهڙو توهان چاهيو ٿا ته ٻيا توهان سان ڪن.
  • مون اهو مشاهدو ڪيو آهي ته اسان وٽ اڪثر ماڻهن کي عمر ۾ ننڍڙو سمجهي ڪا اهميت ناهي ڏني ويندي.
  • انسان جا لفظ، اُن جي اندر جي عڪاسي هوندا آهن.
  • ڪيڏا نه غريب آهن اُهي ماڻهو، جن کي ڳالهائڻ لاءِ سُٺا لفظ نصيب نٿا ٿين.
  • اسان ٻين کي ته سچ چوندا آهيون، ڇا پنهنجي باري ۾ اهڙو ئي سچ ٻئي کان ٻُڌڻ جي طاقت رکون ٿا؟
  • زبان ذريعي محبتون گهٽ، نفرتون وڌيڪ پکيڙيون ويون آهن.
  • مون کي خاموش ماڻهو، ڏاڍا سُٺا لڳندا آهن.