ادب

ڊائري جا ورق نفيس نهڙي  

سفر

    • سفر ۾ پراڻيون يادون پکين جيان ولر ڪري دل تي لهن ٿيون ۽ ڊگهيون مسافريون وڏي اذيت ڏين ٿيون..!!
    • مسافري دوران شل نه ڪو حسين پل اک ۾ گهڙي کن لاءِ اٽڪي پئي ۽ انهيءَ جو درد سموري حياتي لاءِ هڪ دل ئي ڀوڳي ٿي..!!
    • ننڍپڻ جي نوابي ۽ جواني جا نينهن وري اڌ عمر کانپوءِ ياد جي تازگي بخشي مرڪڻ ۽ مرجهڻ جا ٻئي عذاب تازا ڪن ٿيون..!!
    • گذرندڙ حياتي جا قصا ۽ ڪهاڻيون فنا ڪٿي ٿا ٿين ڪڏهن پاڻ کي يادن ۾ سنواريو ڇڏين يا وري ڪو همراز ڪٿي داستان ڇيڙيو ٿو ڇڏي..!!
    • ڪنهن جي ملڻ ۾ به ميلو ملهالو ته وري ڪنهن جي وڇڙڻ ۾ سڪون تي ڄڻ سڪرات جا ڪڪر ڇانئجو وڃن…!!
    • وقت جي تخت تي اڻ اظهاريل محبتن سان جيئڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي ڪڏهن خوش ڪريو ڇڏي ته ڪڏهن وري جواني ڀريل بيوقوفي تي پڇتاءُ ڀريا ٿڌا ساھ ڀرڻ تي مجبور ڪري ڇڏي…!!
    • يادون سٺو ثمر هونديون آهن جنهن جي آڌار تي اڌ عمر کان به مٿي وجود وراڪن سان ويڙهيل رهي ٿو..!!
    • مصنوعي هار سينگار جي اهميت بس پاڻي کي ڇُهڻ تائين توڙي پگهر به سونهن وکيريو ڇڏي باقي سادگي ڀري حسن جي رونق سدا بهار ٿي رهي..!!
    • ٿوهر جي ٿوڪ تي ٿڪ ڀڃيندڙ پنڇي ۽ حياتي جي لام تي ستل وجود ٻنهي جا احساس ڏاڍا دلفريب ٿين ٿا…!!
    • مندن تي وٺل مينهن ته زمين کي ذرخير بڻائين ٿا، مگر اڻ مندائتي وسندڙ اکين جي پاڻي جي پوک صرف سوڪ سان نروار ٿئي ٿي سا به گهڙي پل لاءِ…!!
    • ڪتابن سان روح ريجهائيندڙ دليون امن امان جون حامي ۽ خوشحال زندگي جي راهن جون سدائين متلاش رهن ٿيون..!!
    • وڻن جو وڌڻ پکين لاءِ هو جمالي تي جهمريون هڻڻ جيئن خوشين جا انبار آڻي ٿو ۽ هڪ وڻ جو وڍجڻ پکين جو عالم سمورو سوڳوار ڪري ٿو ڇڏي..!!
    • فطرت سان عشق ڪندڙ اکيون ۽ دليون منظرن جي آڌار تي سندس حياتي جو هر درد صبر سان پار ڪيو ٿيون وڃن..!!
    • بيشڪ جوانين تي ماحول جو اثر گهڻو رهي ٿو، مگر ماحول ٺاهڻ به اسان جي وس ۾ آهي..!!
    • برساتن جا ڀنل درد ماضيءَ جي يادن ۾ زلزلو برپا ٿا ڪري ڇڏين..!!
    • کيس بارشن به ڪونه ٻڌايو ته پورب جي هوا ۾ چنچل زلفن ۾ وراڪيل سڳيون به اوسيئڙي ۾ رهن ٿيون..!!
    • برسات ۾ پراڻين محبتن تي بندشون به پنهنجو هيڪر اثر وڃائي ٿيون ويهن اهي ڪنهن مهل به جاڳ جي جيءَ سان جڙي ٿيون سگهن…!!
    • برسات کانپوءِ رات جي پهرن ۾ آڪاش تي اڀريل چنڊ جون چل ولائيون دلفريبي سان اداس روح کي به پل لاءِ جهومائي ٿيون ڇڏين..!!
    • اولھ کان ايندڙ باد صبا سان دليون مهڪڻ جو شرف حاصل ڪن ٿيون ته اوڀر جي آڌار تان ڪڏهن ڪڏهن نسيم فضائون به روح تي اداسي جا ڪڪر ڇانئي ٿيون ڇڏين..!!
    • وسندڙ مينهن ۾ احساس هيکلي وجود کي سوچ جي لوچ ۾ گهڻو پري تائين روليو ٿا ڇڏين..!!
    • سارنگ مند ۾ پکين جون پچارون به مسافرن جيان ٿوري وقت لاءِ دلربا ٿين ٿيون..!!
    • ڇمر وسڻ مهل وِڄ جا ٽهڪ، کنوڻ جي تکن تجلن ڀري مسڪراهٽ ۽ مينهن ڪڻين جو مخموريل ٽمٽار سڀ گڏجي ڪري ڪنهن ساز جي آلاپ کان به وڌ گڏيل سُر جي حسين ترنم ڇيڙين ٿا.

    ***

    ٿيون ۽ ڊگهيون مسافريون وڏي اذيت ڏين ٿيون..!!