ڊائري جا ورق نفيس نهڙي
زندگي…!!
- زندگي…!! ڪڏهن من ڪاڙهو ته ڪڏهن دل رات انڌيري.
- زندگي ضرورتن جو شهر آهي جتي وک وک تي سوچن جون حويليون اڏڻيون ٿيون پون…!!
- زندگي جو هر پهر قيمتي آهي، مگر گذرڻ مهل واندڪائي جي وندر مفت ۾ وڃايو ڇڏي.
- زندگي حسين بڻائڻ لاءِ مايوسين سان مهاڏو اٽڪائڻ به مڙسي چئبي جيڪا جرئت ڪرڻ لاءِ قدم وڌائڻ هر وجود لاءِ ضروري آهي.
- زندگي جا روپ حسين آهن مگر ڪڏهن ڪڏهن ڀيانڪ رنگ ڏيکاريو ٿي ڇڏي…!!
- زندگيءَ جون لذتون الفت بيان ڪيئن ڪجن جتي نظرن ۾ پري پري تائين بيابان ٿي لڳي.
- زندگي هيڪر ڏينهن جا ڊگها پنڌ ڪرڻ کان وٺي مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائي جيئڻ جا جتن ڪندي نٿي ٿڪي ته اتي وري رات جي پهرن ۾ سوچن جا وڏا قافلا گهڙي پل لاءِ مرجهايو ٿا ڇڏين.
- زندگيءَ جي رابطن ۾ لاڳاپيل وجود ايترو نٿا ٽوڙين جيترو پراڻن واسطن سان ويجھا جڙيل ماڻهو مروڙين ٿا..!!
- زندگي به ڪيتري نه ٻالي ڀولي آهي جو گهڻو اعتبار ڪري پاڻ پنهنجو سڀ ڪجھ وڃائي ۽ سڀ ڪجھ ڄاڻيندي پوءِ به من گهوريو ٿي انهن سان وري قدم سان قدم ملائي ٿي هلي.
- زندگيءَ جا ضابطا الائي ڪيئن ٿا سفر بخير رهن مگر واسطن جي لڙي هيڪر لوڙهيو ٿي ڇڏي…!!
- زندگي جون تلخيون سڀ وسري ٿيون وڃن، مگر محبتي رستي بنا جواز مڏي ڪاتي سان ڪسڻ وارا پل حياتي جو هڪ يادگار باب بڻجي اندر ۾ رهجيو ٿو وڃي.
- زندگي جتي ڏوھ ڪندي نٿي ڏڪي ته ڪڏهن ڪڏهن اها ساڳي زندگي هڪڙي دعا لاءِ به تڙپي پئي ٿي..!!
- زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ پاڻ کي نه پر دنيا کي سمجهڻو ٿو پئي جيڪا عذاب جي پاڙ آهي.
- زندگي ناياب آهي توڙي گلزار آهي، مگر الائي ڇو دنيا ٿوهر جهڙو زهر اوڳاڇي حسين زندگيءَ کي اجاڙيندي دير ئي ناهي ڪندي.
- زندگيءَ کي ڇا گهرجي پنهنجن سان رابطا، من عزيزن سان واسطا، مگر اهي ئي وجود الائي ڇو چاهت ڀري بقا کي اجاڙڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندي دير ئي نٿا ڪن..!!
- زندگي نفرتن سان ته وڙهيو وڃي، مگر محبتن تي ڀلا ڪهڙا هٿيار تاڻي جو بچيل سفر کي آسان بڻائي سگهجي.
- زندگيءَ جا نانءُ ڪيترا نه خوبصورت آهن جيئن جيون، حياتي ۽ ساھ مگر دوکن جا دولاب اهڙن حسين نالن کي الائي ڇو ڀنڀور جي ڀيڙي جيان پٽ ٿا ڪري ڇڏين.
- زندگي پوپٽن جي پرن جهڙي نفيس هوندي به کوڙ سارين ويساهه گهاتين جي ور چڙهيو نيٺ فنا ٿيو وڃي…!!
- زندگي تارن مثل جرڪندڙ آڪاش ٿئي ٿي جو پنهنجي چنڊ بنا اڌورائپ جو شڪار رهي ئي رهي ٿي.
- زندگيءَ جو عنوان ٻئي ڪنهن نالي سان رکجي ته ڀلا ڪير ٿو پرکي سگهي جو هڪ آسان نانءُ کي نه پيو سمجهي سگهجي.
- زندگي ڪڏهن دريا دل ته ڪڏهن وري بيابان ڀريو بنجر ٿي محسوس ٿئي جنهن ۾ ڪنهن هڪ جو مخلص هجڻ ۽ نه هجڻ جو احساس اڻتڻ مچائيندو رهي ٿو.
- زندگيءَ جي پنڌن ۾ نه ٿڪندڙ وجود مندن جيئن رهن ٿا جنهن ۾ ڪڏهن ٽڙڻ ۽ مرجهڻ جي راند رتولي جو حصو سدا رهي ٿو.
- زندگي رنجشن کان وٺي مچايل جشن تائين صرف زندگي ٿي رهي ٿي جنهن جا لوڏا اوٺي سفر جيان رستا روڪ ڪندا رهن ٿا…!!
- زندگي مسلسل گلاب جيان ڪٿي ٿي مهڪي اها ته ڪڏهن ڪڏهن ناسور جي روپ ۾ به جيئي ٿي.
- زندگيءَ سان محبت، پيار، پريت ۽ عشق جي نالن سان اوکا جهير ڏيئي دوکا ٿيندا رهن ٿا جنهن جو ازالو ڀلا ڪير ٿو ڪري سگهي…!!

