ڊائري جا ورق ڀون سنڌي اپريل 2022
جڏهن ڪو ڪنهن معاملي/ڪم تي ايمبوس ڪبو نه (انڪار) ڪندو آهي ته مان پنهنجون سموريون قوتون ميڙي ان کي ايمبوس ڪبو ها ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ نڪري پوندو آهيان.
***
جڏهن شين کي مقداري لحاظ سان ورهايو ويندو آهي ته اهي گهٽجي وينديون آهن ۽ نيٺ ختم ٿي وينديون آهن. پر پيار هڪ اهڙو ثمر آهي جيڪو ورهائڻ سان وڌندو آهي.
***
جهنگ مان گذرندي مون وڻ تي ڀولڙي کي ڏٺو. گهڙي پل لاءِ مون هن کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ کلي ڏنو. ڀولڙي کلڻ جو سبب پڇيو.
مون وراڻيو: ”اسان ٻنهي جو حسب نسب ملي ٿو، اسان ٻئي ڊارون جي ڏنل ارتقا جي نظريي موجب ارتقا جي عمل مان گذرياسين، پر تون اڳتي نه وڌئين، نتيجي طور وقت ۽ حالتن جي گذرڻ سان تو ۾ تبديلي نه آئي ۽ تون ساڳيو جانور جو جانور رهجي وئين. جڏهن ته مون تبديلين کي قبول ڪيو ۽ نتيجي طور ترقي ڪري انسان جي شڪل تائين پهتس.“ ڀولڙي کلي ڏنو. جڏهن مون کانئس کلڻ جو سبب پڇيو ته ڀولڙي جواب ڏنو: ”ڪير ٿو چوي ته تون ارتقا جي عمل مان گذريو آهين؟ ۽ اسان جي روپ ۾ تبديل ٿي چڪو آهين؟ دنيا ڏي نهار! تو ان جو ڇا حال ڪري ڇڏيو آهي؟ تون ته جانور کان به بدتر آهين.“
***
ڪنهن پڇيو: ”جڏهن ته لهرون سمنڊ ۾ ئي رهن ٿيون ته پوءِ اهي ڇو ٿيون مٿي اٿن؟“
مون چيو لهرن کي غرور هجي ٿو ته هو سمنڊ کانسواءِ به پنهنجو وجود مڃائي سگهن ٿيون. تڏهن ئي هو مٿي اٿن ٿيون، پر جلد ئي هنن جي سگهه جواب ڏيئي وڃي ٿي ۽ تڏهن هو ڄاڻڻ لڳن ٿيون ته سمنڊ ئي هنن جو جياپو ۽ وجود جو اهڃاڻ آهي. بلڪل اهڙي ريت جيئن انسان پولارن ۾ اڏامي ٿو، پر اڳتي هلي هو واپس ڌرتي ڏي موٽ کائي ٿو ۽ طئي ڪري وٺي ٿو ته ڌرتي ماءُ جي گود ئي هن جي آخري پناهه گاهه آهي ۽ اها ئي هن جي وجود جي سڃاڻپ آهي ۽ ان کانسواءِ هو اڻپورو آهي.
***
روح جسم کي چيو: ”جڏهن آئون تو ۾ هوندو آهيان ته تو ۾ زندگي به هوندي آهي ۽ جڏهن آئون توکي ڇڏي ويندو آهيان ته تون فنا ٿي ويندو آهين. سو اهو آئون ئي آهيان جيڪو هڪ جسم کان ٻئي جسم تائين اڏامندو آهيان ۽ فيصلو ڪندو آهيان ته ڪنهن کي زندگي ڏجي ۽ ڪنهن کي موت.“
جسم وراڻيو: ”بيشڪ آئون تو کان سواءِ ڪجهه به نه آهيان، پر اها به حقيقت آهي ته جڏهن تون مون ۾ پناهه وٺندو آهين (گهر ٺاهيندو آهين) تڏهن ئي تون سڃاتو ۽ محسوس ڪيو ويندو آهين. مون کانسواءِ تون به ڪو وجود ڪونه ٿو رکي سگهين. منهنجي خيال ۾ تون هڪ پکي وانگر آهين، جيڪو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين ڀٽڪندو رهي ٿو ۽ ڪٿي به سڪون نٿو ماڻي، پر فقط ۽ فقط آکيري (جسم) ۾ سڪون ماڻي ٿو. اسين ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم (Part & Parcel) آهيون. اچ ۽ مون وٽ رهه ۽ مون کي لافاني بڻائي ۽ پاڻ به هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ کان جان ڇڏائي سڪون ماڻ!“
***
هن جو ڪنهن تي انڌ وشواس هو
مون چيو: ”آخر ايئن ڇو؟“
هن وراڻيو: ”مڃڻ لاءِ ڄاڻڻ ضروري ناهي.“
مون دل ئي دل ۾ سوچيو، شايد انهيءَ ڪري ئي هو هر ڪم جي ٿيڻي لاءِ اڻڄاتل هٿن تي آسرو (يقين) رکندو آيو آهي ۽ اهو به هڪ سبب آهي جو هو نه ته پنهنجو پاڻ کي ڄاڻي سگهيو آهي ۽ نه ئي هن کي پنهنجي شڪتي جو ڪڏهن ادراڪ (اندازو) رهيو آهي.
***
سٺا خيال محبوبه جي نرم و گداز ڇهاءُ وانگر هوندا آهن جيڪي بهار جيان هميشه روح کي تازگي بخشيندا رهن ٿا.
***
بلند/سٺا خيال انسان کي فطرت جي ويجهو وٺي وڃن ٿا.
***
ڀلي کنڊ 60 رپيا ڪلو ملي، اٽو چاليهه رپيا ڪلو ملي، اين ايف سي ايوارڊ ڪهڙو به ملي، نوڪري ۽ روزگار ڀلي نه ملي، سنڌ جي وسيلن جي مالڪي نه ٿئي، ماڻهو بک پيا مرن، حڪمران عياشيون پيا ڪن ۽ ڳوليا به نه لڀن، تڏهن به ووٽ سنڌي ماڻهو شهيدن؟ جي پارٽي کي ڏيندو. ڇو ته ”عاشق مجبور آ ڀل ڪيڏو به ڪنڌار هجي“
(حوالو: غلام حسين عمراڻي جو ڳايل ڪلام).
***
چڱائي سٺن خيالن جو عڪس آهي.
***
عام طور تي ماڻهو پنهنجو گهڻو وقت ماضي تي فخر ڪندي گذاريندا آهن.
پر جيڪڏهن هو حال کي اهو وقت ڏين ته نه صرف هنن جو ماضي به شاندار بڻجي پوي، پر مستقبل به سنورجي وڃي.
***
اها فتح جيڪا ٻين تي غلامي ۽ طاقت مڙهي، آئون ان کان نفرت ڪريان ٿو.
***
هن پڇيو: ”هڪ عاشق جي اکين ۾ دنيا ڪيئن ٿي ڀاسي؟“
مون چيو: ”اها ڄڻ محبوب جي جلوي سان روشن هجي.“
هن وري چيو: ”هڪ محبوب جي اکين ۾ دنيا ڪيئن ٿي لڳي؟“
مون وراڻيو: ”اها ڄڻ عاشق جي موجودگي کانسواءِ نا مڪمل هجي.“
***
هن فقير کي خيرات ڏيئي پٺي ٽپرائيندي چيو: ”فقير دعا ڪجانءِ“
مون چيو: ”جيڪو پاڻ پني پيو، ان جي ڪهڙي دعا اگهامندي، بهتر آهي ته ڪنهن پيٽ ڀرئي (مالدار) کان پٺي ٺپرائي دعا وٺ.“
***
ها هنن کي اسان جي جُتي اڇلائي هڻڻ تي بيعزتي ٿي محسوس ٿئي، پر جڏهن هو ڪرپشن سان پنهنجا ٻئي هٿ ۽ منهن ڪارو ڪن ٿا، تڏهن هو بيعزتي نٿا محسوس ڪن ۽ ڏند ٽيڙي کلن ٿا.
(هڪ ليڊر کي پريس ڪانفرنس دوران جوتو لڳڻ تي)
***

