ڊائري جا ورق ڀون سنڌي June 2021
اها منهنجي آشا آهي ۽ خواب ڀي. اسان کي سدائين پنهنجي روشن آئيندي جا خواب ڏسڻ گهرجن ۽ اميد ڪرڻ گهرجي. ڪڏهن نه ڪڏهن ته هي قهري ڪوٽ ضرور ڊهندا. ڪڏهن نه ڪڏهن ته روشن صبح ٿيندو.
***
ڪهڙي به صورتحال هجي، ڏکن جون ڇپون ڪرنديون هجن. مصيبتن زندگي زهر ڪري ڇڏي هجي، پر پوءِ به جيڪڏهن توهان کي زندگي خوشي جو هڪ پل ئي مهيا ڪري ته ان کي ڌوم ڌام سان ملهايو ممڪن آهي ته خوشي جو اهو هڪ پل توهان جي اندر جي اجهاڻل روح جا چارئي طبق روشن ڪري ڇڏي ۽ توهان کي جيون جي اهڙي رستي تي وٺي هلي جيڪو توهان جي آئيندي جي خواب جي تعبير ثابت ٿئي.
***
اسان جي وڏڙن ڀٽو جي سحر ۾ زندگي گذاري ڇڏي، اسان بينظير لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو. اسان جو نئون نسل بلاول جو قرضدار آهي. ڇا ايندڙ دور ۾ اسان پنهنجي سڃاڻپ سان جيئنداسين يا…؟
***
هڪ چوڻي آهي ته ننڊ اڌ موت آهي. آئون نٿو مڃان، اها ننڊ ئي آهي جيڪا پاڻ سان خوبصورت ۽ خوشبوءِ ڀريا خواب آڻي ٿي، جيڪي زندگي کي رنگيني ۾ وٺي وڃن ٿا. اها ننڊ ئي آهي جيڪا انسان کي تازو توانو ڪري ٿي ته جيئن هو تازي ذهن سان اٿي ڪري فطرت جي تازگي ۽ سونهن کي پسي ۽ پنهنجي خوابن جي تعبير ڪري.
***
هڪ عام گڏهه تمام ڳرو بار ڍوئي ٿو. هو بيگناهه مالڪ جي مار به کائي ٿو ۽ ان تي احتجاج به نٿو ڪري. جڏهن ته آمريڪن گڏهه دنيا تي حڪم هلائي ٿو ۽ انڪار جي حالت ۾ سزا به ڏي ٿو.
(نوٽ: آمريڪا جي هڪ سياسي پارٽي جو انتخابي نشان گڏهه آهي).
***
مان سنڌ ۾ ڄاوس، انهيءَ ڪري سنڌو درياهه منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ مقدس آهي. سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيبي ورثو منهنجي لاءِ باقي تهذيبن ۽ ورثن کان اتم آهي. منهنجو جنم هڪ هندو گهراڻي ۾ ٿيو انهيءَ ڪري هندو ڌرم جا مول متا ۽ اصول ئي منهنجي زندگي جي رهنمائي ڪندڙ آهن ۽ منهنجي لاءِ انهن مول متن جي دائرن کان ٻاهر نڪرڻ اڌرم ۽ مهاپاپ آهي.
ڌرتي جي هن خطي (سنڌ) ۽ ڪنهن فڪر/ڌرم سان لاڳاپيل خاندان ۾ پيدا ٿيڻ ۾ منهنجو ڪوبه عمل دخل يا ڪردار ڪونهي. جيڪڏهن ڌرتي جي ٻئي ڪنهن خطي ۾ ۽ ٻئي ڪنهن خاندان ۾ پيدا ٿيان ها ته منهنجي ثقافتي توڙي ڌرمي سڃاڻپ حتاڪه منهنجو نالو به ٻيو هجي ها.
ته پوءِ مان ڇا آهيان…؟ ڇا مون کي پنهنجي اصل شناخت کي ڳولڻ نه گهرجي؟ ڇا مون کي پنهنجي اصل شناخت سان جيئڻ جو حق هئڻ نه گهرجي؟
***
ماڻهو آزاد ڄائو آهي اسين فيصلو ڪرڻ وارا ڪير ٿيندا آهيون ته هو هندو ٿي رهندو يا سک يا عيسائي… بهتر آهي ته ٻار کي وڌڻ ويجهڻ ڏيو، فطرت جو مشاهدو ڪرڻ ڏيو، سماج ۽ نظام جو تجزيو ڪرڻ ڏيو، مختلف ڌرمن، فڪرن ۽ نظرين جو مطالعو ڪرڻ ڏيو ۽ هن کي خود فيصلو ڪرڻ ڏيو ته هو پنهنجي مرضي ۽ خواهش سان ڪهڙو عقيدو يا نظريو ٿو اپنائي. جڏهن هو ايئن ڪندو ته پوري ريت پنهنجي فڪر ۽ فيصلي مان مطمئن هوندو ۽ هن جو سماج ۾ نه صرف مثبت ڪردار رهندو، بلڪه هڪ ڏينهن هو نئون فڪر/سوچ تخليق ڪري وٺندو، جيڪا سماج/دنيا جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيندي.
***
پنجاب جي وزير اعليٰ چونڊن کانپوءِ قسم کڻڻ واري تقريب ۾ انقلابي شاعر فيض ۽ ٻين جا حوالي ڏيندي انقلاب جي ڳالهه ڪئي.
ضياءُ شاهي جي پيداوار قيادت پنهنجا محور تبديل ڪري رهي آهي، پر حيرت آهي ته اسان جي ووٽ سان چونڊيل ليڊرن جن وٽ شهيدن جي هڪ ڊگهي لسٽ به آهي جيئن پوءِ تيئن اسٽيبلشمينٽ جا غلام ٿيندا وڃن.
***
مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي؟ آئون منجهي پيو آهيان. سرڳ جي ڇڪ ۽ نرڳ جي عذابن جي وچ ۾ منهنجي حالت سئنڊوچ جيان آهي مون کي ماڳ تي پهچڻ لاءِ ڪو رستو نظر نٿو اچي، پر جڏهن آئون شاهه عنايت جي پڙ ۾ صوفياڻو راڳ ٻڌان ٿو ته مان سرڳ ۽ نرڳ جي چڪرن مان نڪري اچان ٿو ۽ منهنجي دل بي اختيار چئي ٿي ڏي “سڀ ڪجهه پنهنجي اندر ۾ آهي، ٻاهر ڪجهه به ناهي.”
***
منهنجي سامهون هڪ گڏهه گاڏن وارن جي ريلي گذري رهي آهي، هنن جو ولولو ڏسڻ وٽان آهي، هو جيئي ڀٽو جا زوردار نعرا هڻي رهيا آهن. جيتري قدر عام راءِ آهي ته هنن کي ڀٽو روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو ۽ ان کانپوءِ وري اقتدار ۾ ڪيترائي ڀيرا ايندڙ ان جي پارٽي ڪڏهن به هنن غريبن جي ڏکن جو ڀرجهلو نه ٿي ۽ نه ئي هو آئينده به ان مان ڪا اميد رکن ٿا ۽ نه ئي هنن اڻ پڙهيل ۽ سادن ماڻهن کي وٽائن ڪجهه گهرجي ٿو! ته پوءِ هو ڇو ساڻس اڃان به ايترو پيار ڪن ٿا، هو پنهنجن مائٽن کي به نٿا ڪن؟ آخر ڇو؟
آئون ته ان کي عشق ئي چوندس، بس جنهن سان دل لڳي وڃي، اهو ئي دماغ تي حاوي ٿيو وڃي ۽ پوءِ هن کي ٻيو ڪجهه سمجهه ۾ ئي نٿو اچي. تڏهن ته چوندا آهن ته عشق جو منطق سان ڇا؟ عاشق کي عقلي بحثن ۽ دليلن سان ڪيئن قائل ڪري سگهجي ٿو؟ عشق ته خود به خود ٿي وڃي ٿو. ان جو پنهنجو منطق هجي ٿو، جنهن لاءِ هو سبب ۽ دليل پاڻ گهڙي ٿو.
عشق جي گت عاشق ڄاڻن، اسين اُٺ ڪتابن جا پڙهيل ان مان ڇا ڄاڻون!؟
***
اسان جي وڏڙن (Fore Fathers) پنهنجي حياتي بادشاهن جي جابرانه دور ۾ گهاري ڇڏي. اسان جي والدين پنهنجي حياتي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت (British Rule) جي غلامي ۾ گذاري ڇڏي. اسان جي حياتي اسٽيبلشمينٽ تي رحم ۽ ڪرم تي گذري رهي آهي. ڇا اسان جو ايندڙ نسل ڪنهن جمهوري ۽ آزاد معاشري ۾ ساهه کڻي سگهندو؟
***