ڊائري جا ورق ڀَوَن سنڌي

ڊائري جا ورق همسري جو نئون سلسلو آهي جنهن ۾ اسين هر مهيني ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي ۽ ڀَوَن سنڌي جي ڊائري جا ورق شايع ڪنداسين. جن جي ڊائرين تي مشتمل اڻ ڇپيل ڪتاب “دل جون ڳالهيون” ۽ “اندر جي اوطاق مان” هيءَ ونڊ حاضر آهي.

ڀَوَن سنڌي

پيار

پيار ڇا آهي؟ مون چيو اهو رشتو جنهن ۾ تون تون نه رهين ۽ مان مان نه رهان.

***

طاقت

طاقت کي انسان وحشي دور کان هيل تائين عظمت جو معيار ۽ اهڃاڻ سمجهندو پئي آيو آهي. طاقت جيڪا نا برابري ۽ غرور کي جنم ڏئي ٿي اها ئي انسان جي تباهي ۽ صحيح معنيٰ ۾ اڳتي نه وڌڻ جو ڪارڻ آهي.

***

فڪر ۽ خيال

ڌرتي ۾ جسم ته پوري سگهجن ٿا، پر فڪر (خيال) نه تڏهن ته چوندو آهيان “مان فاني ناهيان.”

***

مايا ۽ موهه

ڪارونجهر مان واپسي تي هڪ سيٺ مليو پڇيائين: “ڪٿان پيا اچو”

مون وراڻيو: “ڪارونجهر مان”

چيائين: “ڪارونجهر ۾ ڇا رکيو آهي؟ ايڏي تڪليف وٺي رڳو پٿرن جو ڍير ڏسڻ ويا!؟” مون چيو: “عقل جا انڌا سيٺ تون مايا جي موهه مان نڪرين ته فطرت جي سونهن کي پسين.”

***

سڃاڻپ

ملڪ جي مختلف علائقن مان گذرندي مون کي پاڻ تي مختصر تبصرا ٻڌڻا پيا. ڪنهن چيو ته تنهنجو چهرو پٺاڻن سان مشابهت رکي ٿو ڇا تون پٺاڻ آهين. ڪنهن چيو تنهنجي ڳالهائڻ جو لهجو پنجابين سان ملي ٿو. ڇا تنهنجو پسمنظر پنجابي خاندان سان لاڳاپيل آهي؟ وري ڪنهن چيو ته تنهنجي چمڙي ميگهواڙ برادري سان ملي اچي ٿي وغيره وغيره…

پاڻ تي ڪيل مختلف تبصرن تي آئون فقط اهو چوندس ته منهنجي نس نس ۾ دراوڙي خون ڊوڙي رهيو آهي،  جيڪو دراصل انڊو پاڪ جي ماڻهن جي تهذيبي ورثي جو تسلسل ۽ بڻ بنياد آهي، پر اها تاريخ جي وڏي ستم ظريفي چئجي جو رنگ نسل ذات ۽ ڌرم ان اصل سڃاڻپ کي ميساري ڇڏيو آهي. ۽ اهو ڏينهن ۽ هي ڏينهن- آئون پنهنجي ان سڃاڻپ پائڻ لاءِ ڌرتيءَ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڀٽڪي رهيو آهيان.

***

آخري منظر

موت زندگي جي ڏور ڪٽي وٺي ٿو، پر اک جو پردو (Retina) آخري منظر کي محفوظ ڪري ان کي لافاني بڻائي ڇڏي ٿو.

***

زوال

جيڪڏهن حڪمران سمجهي وٺي ته هاڻي هن جي ڪرسي مضبوط آهي ته پڪ سمجهو ته هن جو زوال (Count Down) شروع ٿي چڪو آهي.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments