ادب

ڊائـري جـا ورق غلام علي کوساڻي

30 مئي 1995

محترم محمد ابراهيم جويو صاحب وٽ شام جو ويس، مون پنهنجو حيدرآباد شهر جو تعارف وارو مضمون جويو صاحب کي پڙهي تجويز ڏيڻ لاءِ ڏنو. جويو صاحب اوڏي مهل نور احمد کي به فون ڪئي ته اهو به آيو ۽ سائين نواز به آيو، پوءِ اسان ٻه ڪلاڪ کن شاندار ڪچهري ڪئي. خاص ڪري جويو صاحب ڪيئي ڳالهيون ٻڌايون. بيورو ڪريسي جي وڏيرڪي ذهنيت ۽ فطرت جي ڪري اسان جا ڪئين سرڪاري ادارا تباهه برباد ۽ برباد ٿي ويا، ڪيئن نااهل ماڻهو سفارشن سان اهم ادارن جا انچارج بڻجي ڪيئن ڪروڙين رپيا غريب قوم جا ذيان ۽ برباد ڪيا اٿن. جويو صاحب ڪيترا دلچسپ ۽ حيرتناڪ مثال ڏنا… قوم جي تاريخ جي باري ۾. جويو صاحب چيو ته تاريخ ڪڏهن به ڪنهن به دور ۾ غير جانبدار ڪانه رهي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن غير جانبدار ٿي سگهي ٿي. اوائل کان ئي تاريخ جنهن به لکي يا لکرائي ته ان بادشاهه يا حاڪم پنهنجي نقطهءِ نظر مطابق لکرائي آهي. هر دور ۾ مختلف مڪتبهءِ فڪر جي ماڻهن، عالمن، دانشورن ۽ تاريخ نويسن تاريخون لکيون ته سڀني پنهنجو نظريو ۽ فڪر پيش ڪيو. پوءِ ڀلي هڪ ئي دور جي ٻن جدا لکندڙن جي تاريخ جدا جدا فڪر ۽ نظرئي جي حامل رهي آهي. جويو صاحب ان تاريخ جي موضوع تي ڳالهائيندي پير حسام الدين راشدي سان ٿيل سخت بحث ۾ جيڪا سفر’ ۾ ڪٿان ايندي ٻنهي ۾ ٿيو، ٻڌايو ته راشدي ان وقت ترقي پسند خيالن وارو جوشيلو جوان هو. سو چوي ته، بابا تاريخ معنيٰ غير جانبدار حقيقي ۽ سچي تاريخ هجي، پر مون سمجهايو مانس ته ڏک اهو آهي ته ايئن نه آهي.

جويو صاحب چيو ته تاريخ ڪڏهن به غير جانبدار نه رهي آهي. اڳي به ۽ اڄ به. هر تاريخدان پنهنجي مخصوص نقطهءِ نظر سان تاريخ ٿو لکي پوءِ، وڏي بحث کانپوءِ پير صاحب کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي هئي ۽ پوءِ ئي هن تاريخ جي موضوع تي عظيم الشان ۽ حقيقي ڪم ڪري ڏيکاريو.

جويو صاحب کي مون اسماعيلي، آغا خاني، صوفي ۽ وحدت الوجودي ريتن رسمن جي باري ۾ ٻڌايو ته، مون کي جويو صاحب صلاح ڏني ته تازي مهراڻ رسالي ۾ سنڌ ۾ اسماعيلي حڪمراني جي عروج ۽ زوال تي شاندار مضمون آيو آهي، پوءِ هن رسالو ڪڍي مون کي ڏيکاريائين جنهن ۾ پندرهن کن صفحن جو وڏو مضمون هو… مون رسالو خريد ڪري پڙهڻ جو واعدو ڪيو.

نور احمد منهنجي لکڻ جي صلاحيتن جو ذڪر ڪندي چيو ته غلام علي، سفر نامه، خط ۽ ڊائري لکڻ ۾ ماهر آهي، ان ڪري هن کي ان ئي فيلڊ ۾ وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. جويو صاحب به تائيد ڪئي ۽ فيصلو ٿيو ته ڊائرين کي سهيڙي تيار ڪري نور احمد جي نظر مان ڪڍرائي ڇپائڻ لاءِ ڏجن. جويو صاحب ٻڌايو ته گذريل هفتي ڪراچي ويس ته هميشه وانگر اياز وٽ به ويس ته مون کي اياز هن ڀيري وڌيڪ صحتمند لڳو. اڳ جيڪو ڪمزور هو سو هاڻ جسم ۽ منهن ۾ سرهو ٿي نظر آيو. اصل جواني وارو اياز پئي نظر آيو. مون چيو سائين معنيٰ ته اياز سائين سمارٽ ٿي ويو آهي ته جويو صاحب چيو ها بلڪل سمارٽ ۽ فِٽ آهي.

***

24 جولاءِ 1995

حيدرآباد جي علمي، ادبي، قومي ۽ جمهوري لڏي سان ٿورو گهڻو تعلق گذريل پنجويهن سالن کان رهيو آهي.

هونئن ته سڄي سنڌ جي وڏن عالمن، اديبن، شاعرن، سياستدانن، فنڪارن ۽ ادب دوستن سان دعا سلام رهي آهي، پر حيدرآباد جي عالمن، دانشورن، شاعرن، اديبن ۽ قومي عوامي جمهوري رهنمائن سان مڙئي ڪجهه وڌيڪ عليڪ سليڪ رهي آهي. جڏهن مون ۽ نور احمد ٽائيم فوٽوز جي نالي سان حيدرآباد ۾ سنڌين جو پهريون فوٽو اسٽوڊيو هيرآباد ۾ کوليو ته اسان سان تقريبن سڀني سڄاڻ، عالمن، دانشورن ۽ ادبي ادارن جي سربراهن تمام گهڻو تعاون ڪيو هو. محترم محمد ابراهيم جويو، محترم غلام محمد گرامي، نفيس احمد شيخ، نياز همايوني، طارق اشرف، غلام نبي مغل، امداد حسيني، مراد علي مرزا، محترم ع. ق شيخ، محترم رسول بخش پليجو، خدا بخش ابڙو ۽ ٻيا به ڪيترا محترم ساٿي اسان جي اسٽوڊيو تي ايندا رهندا هئا ۽ امر جليل، نسيم کرل، رباني، حميد سنڌي وغيره به اسان جي اسٽوڊيو تي ايندا رهيا آهن.

دعا سلام ته سڀني سان قائم آهي، پر نور احمد، محترم ابراهيم جويو، ع. ق شيخ، محترم مراد علي مرزا سان دوستي ڪجهه وڌيڪ گهاٽي ۽ گهري رهي آهي.

انهن چئن پنجن دوستن جون ڪچهريون ڪڏهن نور احمد ته ڪڏهن جويو صاحب وٽ ته ڪڏهن ع. ق شيخ ته ڪڏهن مراد صاحب وٽ. اڪثر پروگرامن ۾ به گڏجي ويندا هئاسين. هڪڙو پروگرام سکر ۾ شيخ اياز جو ڪلام رڪارڊ ڪرڻ لاءِ نيزار علي خواجه جيڪو سکر ۾ انجنيئر هو ان جي دعوت تي آئون نور احمد، جويو صاحب، مراد صاحب، شيخ صاحب گڏجي وياسين ۽ ٻه ڏينهن رڪارڊنگ سان گڏ ڏاڍيون ڪچهريون ۽ رهاڻيون ڪيونسين. بهرحال اڄ هڪ تازي روداد لکڻ لاءِ ويٺو آهيان.

نور احمد ٻڌايو ته، هفتي کن کانپوءِ جويو صاحب وٽ ويس، ڪافي دير ڪچهري کانپوءِ جويو صاحب چيو ته، اسلام آباد مان غلام رباني آگرو حيدرآباد آيو آهي هوٽل فاران ۾ رهيل آهي، مون کي کيس اسلام آباد ۾ پنهنجي فرزند لاءِ هڪ پيغام ڏيڻو آهي. هل ته گڏجي هلون. ٻئي توڪل تي نڪري پياسين، هوٽل مان خبر پئي ته صاحب ڪمري تي موجود آهي، اتي پهتاسين ته تمام گهڻي عزت ۽ احترام سان جويو صاحب جي آجيان ڪيائين ۽ چيائين سائين توهان تڪليف ڪئي مون کي فون ڪريو ها مان پاڻ به اچي وڃان ها. غلام رباني آگري صاحب ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب جي پاڻ ۾ گهڻي گهرائپ هئي.

***