ادب

ڊائري جا ورق ڀون سنڌي | مارچ 2022

ڪنهن

 الزام هڻندي چيو ته تنهنجي شاعري ۾ رڳو سرخ خون ۽ شراب جو ذڪر آهي.

مون وراڻيو سرخ خون پورهيت جي پگهر جي علامت آهي ۽ وسڪي جا رنگ شفق جي لالاڻ جهڙا آهن، جيڪا سونهن کي عيان ڪري ٿي.

***

اسين عاشق آهيون ۽ عشق اسان جي روح جو ڪُل آهي. هڪ ڏينهن جڏهن اسين ان عشق جي طفيل ڪنهن جا محبوب ٿي وينداسين ته پڪ ڄاڻ ان ڏينهن اسان پاڻ پرم پرميشور ٿي وينداسين.

***

لفظ ڪيترا طاقتور ٿين ٿا؟ سنڌي ماڻهن کي ڏس، جيڪي ڪيتري وقت کان ڀُٽي جي سحر ۾ مبتلا آهن ۽ ان کي ووٽ ڪندا ٿا اچن.

***

انگريزي ۾ هڪ چوڻي آهي Majority is Authority آئون ان سان متفق ناهيان. جينيئس ۽ ڏاها ماڻهو ٿورائي ۾ هوندا آهن، پر هنن جا خيال فڪر پورهيو ۽ فيصلا هميشه اڪثريت تي غالب رهيا آهن ۽ سدائين انهن جي تاريخ جي پنن تي ڇاپ نمايان رهي آهي.

***

آئون ان اڪثريت جي اختيار (Mandate) کي نٿو مڃان جنهن ۾ شاهه لطيف جهڙو جينيئس ماڻهو اليڪشن هارائي وڃي ۽ رئيس ڪانڀو خان کٽي وڃي.

***

ڪنهن پڇيو: ماءُ ۽ مادر وطن کي ڪيئن ٿو ڀانئين؟ مون لطيف جي بيت جي سٽ ورجائي: سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾.

(ماءُ جي عالمي ڏينهن تي).

***

ڪنهن پڇيو: ”ماءُ جي پيار کي ڪيئن ٿو ڀانئين؟“

مون چيو: ”سرجڻهار وٽ پنهنجي خلقت لاءِ سرڳ ۽ نرڳ ٻئي آهن! پر ماءُ هڪ اهڙي سرجڻهار آهي جنهن وٽ پنهنجي تخليق لاءِ نرڳ ”جو تصور ئي ڪونهي.“

(ماءُ جي عالمي ڏينهن تي).

***

ماءُ جي مامتا کي سمنڊ جي گهرائي ۽ آسمان جي وسعت سان ڀيٽي نٿو سگهجي. اها لا محدود کان به اڳتي آهي.

(ماءُ جي عالمي ڏينهن تي).

***

لڏپلاڻ جو عمل دردناڪ ۽ ڪرب ناڪ هوندو آهي جنهن ۾ انساني رشتن جي تذليل شامل هوندي آهي ۽ اها جرم ۽ دهشتگردي کي جنم ڏئي ٿي جيڪا صدين تائين سماج کي تباهه ۽ برباد ڪندي رهي ٿي.

(سوات ۽ دير ۾ دهشتگردي کانپوءِ ٿيل لڏپلاڻ تي).

***

اسين هڪ آهيون، انهيءَ ڪري نه ته اسان جو ڌرم، قبيلو، ذات يا قوم ساڳي آهي. اسين هڪ آهيون انهيءَ ڪري جو اسان جا خيال ساڳيا آهن ۽ اسان جا خواب ۽ آدرش به ساڳيا آهن.

***

هر رستي کي منزل آهي ۽ هر مسئلي جو حل آهي. جيڪڏهن اسان ان منزل تي نٿا رسون يا مسئلي جي تهه تائين نٿا پهچون ته اها اسان جي اڻ ڄاڻائي آهي.

****

منفي رويو يا عمل، منزل جا روشن گس بند ڪري ڇڏي ٿو.

***

هڪ عام ماڻهو جي غلط سوچ يا عمل ان کي تباهه ڪري ٿو، پر هڪ جينيئس ماڻهو جي غلط سوچ يا عمل جو نتيجو پورو نسل ڀوڳي ٿو.

***

روح جي رمز ۾ زندگي گهاريندڙ ڪڏهن به ويڳاڻپ جو شڪار نه ٿيندا آهن.

***

فطرت ڇا آهي؟

روح جي تازگي آهي.

روح ڇا آهي؟

فطرت جو ڳر (نچوڙ) آهي.

***

هن پڇيو ”ماڻهو ڇو ۽ ڪڏهن جرم ڏانهن راغب ٿئي ٿو.“

مون چيو: ”جڏهن ماڻهو روح جي ڳالهه نٿو ٻڌي.“

***

شاعر ڇا آهي؟

روح ۽ فطرت جي خوبصورت آميزش.

***

موت جي فرشتي شاعر جي دروازي تي دستڪ ڏني. ”شاعر تنهنجو وقت پورو ٿي چڪو، توکي ڪڏهن به يقين نه آيو، پر حقيقت ۾ تون فاني آهين. زندگي کي خدا حافظ چئو ۽ مون ساڻ هل. شاعر مرڪي ڏنو ۽ هن سان روانو ٿي ويو.

ٻي رات جو موت جو فرشتو زوردار هوا جي شور تي اٿي پيو ۽ شاعر جي ڪمري ۾ پهچي ويو. هن ڏٺو ته زندگي ڪتابن جي ورقن مان اٿي ۽ چوڏس فضا ۾ ڦهلجي ويئي. موت جي فرشتي کي ان تي حيرت ٿي ۽ هن ڀڳوان وٽ پهچي پڇيو، ”مون ته شاعر کي ماري ڇڏيو، پوءِ هي ڇا آهي؟“

ڀڳوان مرڪي ڏنو ۽ چيو، ”تو هن جي جسم کي ختم ڪيو جيڪو فاني آهي، پر هن جا ڪتاب منهنجو آواز آهن، جن کي فنا ناهي ۽ اهي هميشه زندگيءَ کي مهڪائي ۽ سجائي رکندا ۽ ان کي ڪڏهن به فنا نه ايندي.“

***

مون کان جيڪڏهن پنهنجي مرضي پڇي وڃي ته مان سرڳ ۾ وڃڻ جي بدران پنهنجي جواني موٽائڻ جو چوندس.

***

سوين بزرگيون ۽ انهن جون ڏاهپون، تقدس، احترام شان ۽ شوڪت، جواني جي الهڙپن تان قربان.

***